ڪراچي: سپريم ڪورٽ حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي (ايچ ڊي اي)  جي ڪانٽريڪٽي ملازمن کي برطرف ڪرڻ خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي، ڪالهه ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسي چيو ته سرڪاري ادارا رڳو ملازم پالي رهيا آهن، هڪ پوسٽ تي 3،3 ملازم ڀرتي ڪيا ويا آهن. غير قانوني ڀرتين جو بار سنڌ جي عوام تي ڇو پيو وڌو وڃي؟، هن چيو ته عوام کي روڊ، پاڻي ۽ ٻيون سهولتون ڏيڻ بدران سمورو پئسو ملازمن جي پگهارن ۾ وڃي رهيو آهي، صوبي جي ماڻهن کي ڇا ملي رهيو آهي؟  هن چيو ته  سپريم ڪورٽ حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڪانٽريڪٽي ملازمن کي برطرف ڪرڻ خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي.