سپريم ڪورٽ جو فيصلو ۽ سياسي سرگرميون

0
128
سپريم ڪورٽ جو فيصلو ۽ سياسي سرگرميون

  سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پنجاب ۽ خيبر پختونخوا صوبن ۾ صوبائي اسيمبلين جي چونڊن جي حوالي سان تاريخي فيصلو ڏئي ملڪ کي وڏي آئيني بحران مان ڇوٽڪارو ڏيندي غيريقيني واري صورتحال کي پڻ ختم ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي سان آئين ۽ قانون جي حڪمراني ۽ عوام جي فتح ٿي غير جمھوري غير آئيني سوچ رکندڙن کي شڪست جو منھن ڏسڻو پئجي ويو. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراھي ۾ پنج رڪني لارجر بئنچ 3 ميمبرن جي اڪثريت سان فيصلو ڏيندي پنجاب ۽ خيبر پختونخوا صوبن جي صوبائي اسيمبلين جون چونڊون 90 ڏينھن جي اندر ڪرائڻ جو فيصلو ڏيندي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي پابند ڪري ڇڏيو ته هو صدر عارف علوي سان مشاورت ڪري پنجاب ۾ چونڊن جي حوالي سان تاريخ مقرر ڪئي وڃي، جڏھن ته خيبر پختونخوا جي گورنر کي حڪم ڏنو ته صوبي ۾ چونڊن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن کي تاريخ ڏئي 90 ڏينھن جي اندر صوبي ۾ چونڊون ڪرايون وڃن ۽ آئين جي خلاف ورزي جيڪا ڪئي وئي، ان کي برداشت ڪرڻ ممڪن ناھي. سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي سان بئنچ ۾ شامل ٻن فاضل ججن جسٽس منصور علي شاھ ۽ جسٽس مندوخيل اتفاق نه ڪيو ۽ قرار ڏنو ته اهي درخواستون سماعت جوڳيون ناھن. ان کان پھرين شروع ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال ٻنھي صوبن ۾ گورنرن پاران چونڊن جي حوالي سان تاريخ جو اعلان نه ڪرڻ تي پاڻ مرادو نوٽيس وٺندي 9 رڪني لارجر بئنچ جوڙيندي سماعت ڪئي ته بئنچ ۾ شامل جسٽس يحييٰ آفريدي ۽ جسٽس اطھر من الله ساٿي ججن جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظاھر نقوي تي اعتراض واري ڇڏيا ته انهن کي بئنچ ۾ شامل نه ڪيو وڃي، جڏھن ته نواز ليگ، پيپلز پارٽي ۽ مولانا فضل الرحمان جي پارٽي باقي سينيئر ججن کي شامل ڪري فل بئنچ جوڙڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي. سماعت شروع ٿيڻ کان پھرين بئنچ ۾ شامل جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظاھر نقوي پاڻ کي بئنچ مان الڳ ڪري ڇڏيو ۽ چيف جسٽس عمر عطا بنديال کي لکندڙ اختلافي نوٽ جسٽس يحييٰ آفريدي ۽ جسٽس اطھر من الله کي بئنچ مان الڳ ڪري باقي پنج رڪني لارجر بئنچ جي سربراھي ڪندي سماعت ڪئي ته پيپلز پارٽي، نواز ليگ توڙي جي يو آءِ (ف) پاران فل بئنچ جي حوالي سان ڏنل درخواست واپس وٺندي مٿن اعتماد ڪري ڇڏيو. فاضل عدالت اڪثريت سان تاريخي فيصلو ڏيندي ملڪ قوم کي آئيني بحران مان ڇوٽڪارو ڏياريندي غيريقيني واري ڪيفيت کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف قانون انصاف جي مشير اعظم نذير تارڙ 3 رڪني بئنچ جي فيصلي بابت چيو آهي ته جسٽس يحييٰ آفريدي ۽ جسٽس اطھر من الله جيڪي پھرين بئنچ ۾ شامل ھئا، جن بئنچ تي اعتراض واريو ھو، ٻه اهي جج ٻن باقي ججن کي ملائي چار ججن جي اڪثريت جي مطابق فيصلو اسان جي حق ۾ آيو آهي. وفاقي حڪومت جي اھڙي موقف کي چوڌري اعتزاز احسن سميت سينيئر قانوني ماھرن رد ڪندي موقف ڏنو ته فيصلي وقت جيڪي ججز بئنچ ۾ شامل ھوندا، انھن جي اڪثريت واري فيصلي کي قبول ڪيو ويندو آهي، ھي ڪو ٻارن جي راند جو ميدان ناھي ته جيڪي پھرين ميدان مان نڪري وڃن، باقي ميدان ۾ موجود ھجن، انھن جي اڪثريت قبول ڪرڻ بجاءِ اھو راڳ شروع ڪيو وڃي ته جيڪي ميدان مان ٻاھر نڪري ھليا ويا، انھن کي به شامل ڪري اڪثريت کي قبول ڪيو وڃي. ان مان آئين قانون جي بالادستي جي دعويٰ ڪندڙن جي سوچ جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. ان حوالي سان نواز ليگ جي سوچ جو اندازو لڳائڻ گھڻو مشڪل ان ڪري ناھي ڇو ته ان جماعت عدليه تي حملو ڪري سيد سجاد علي شاھ کي چيف جسٽس جي عھدي تان ھٽائي ڇڏيو. جج ملڪ قيوم کي فون ڪري محترمه بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري کي زبردستي سزا ڏياري وئي. هن وقت مريم نواز سپريم ڪورٽ جي ججن تي سخت تنقيد ڪندي چوي ٿي ته پھرين نواز شريف جي سزا معاف ڪئي وڃي. جن ججن سزا ڏني، انھن کي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي، پوءِ چونڊون ڪرايون وينديون. ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته پاڻ کي جمھوريت پسند قرار ڏيندڙ ڊڪٽيٽر واري سوچ اختيار ڪري رکي آهي.

پيپلز پارٽي جي قيادت به آئيني ادارن ڏانھن جيڪو رويو اختيار ڪيو آهي، ان بابت سوچي به نٿو سگھجي ته جنھن جماعت ملڪ کي پھريون متفق آئين ڏنو، ان به چٿرون شروع ڪيون آهن ۽ پنهنجي سوچ مطابق تشريح ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي. اهو صرف چونڊن کان راھ فرار حاصل ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھ به ناھي. مونکي ھتي پيپلزپارٽي جي سينيٽر رضا رباني جون پارليامينٽ ۾ ڪيل تقريرون ياد اچن ٿيون، آئين جي خلاف ورزي ڪندڙن تي ڇتي تنقيد ڪندي نظر ايندو ھو پر سندس جماعت جي قيادت توڙي اڳواڻ اعليٰ عدليه جي فيصلي کي صرف ان ڪري قبول نه ڪرڻ ته اهو فيصلو نواز ليگ کي قبول ناھي ته کين قبول به ناھي. پرڏيھي معاملن جي وزير بلاول ڀٽو زرداري ھڪ تقريب ۾ خطاب ڪندي لاڙڪاڻي ۽ زمان پارڪ لا۽ الڳ الڳ قانون جو ذڪر ڪيو ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو سان انصاف نه ٿيڻ جو ذڪر ڪيو پر بلاول ڀٽو زرداري اھا ڳالھ ڇو وساري ويٺو آهي ته محترمه بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري کي ڪنھن زبردستي جج ملڪ قيوم کي چئي سزا ڏياري؟ محترمه بينظير ڀٽو پھريون ڀيرو وزير اعظم ٿي راولپنڊي ۾ وزير اعظم ھائوس ۾ رھائش رکي ته نواز شريف  سخت مخالفت ۽ مزاحمت ڪئي. بعد ۾ بينظير ڀٽو سنڌ ھائوس اسلام آباد منتقل ٿي. هونئن ته پ پ قيادت اهو چوندي آهي ته، جمھوريت بھترين انتقام آهي، ته پوءِ آئين جي پاسداري ڪندي ان آئين جي تحفظ جو قسم کنيو آهي ته ان جي فيصلن کي قبول ڪرڻ به ذميواري سندن آهي. باقي فيصلي تي تنقيد ڪرڻ ھر ڪنھن کي جمھوري حق حاصل آهي.

90 ڏينھن ۾ ٻنھي صوبن ۾ چونڊون ڪرائڻ ھاڻي لاڳاپيل ادارن جي ذميواري آهي. ھڪ ڏينھن به چونڊن کي اڳتي نٿو ڪري سگھجي. وفاقي حڪومت اڃا به بھانا تلاش ڪرڻ ۾ مصروف آهي ته ڪھڙي به صورت ۾ گھٽ ۾ گھٽ پنجاب ۾ چونڊون نه ٿين. لڳي ٿو ته کين راجن پور واري قومي اسيمبلي جي ننڍي چونڊ ۾ شڪست کان پو۽ ھڪ دفعو ٻيھر خوف پيدا ٿيو ته تخت لاھور ھن ڀيري ھٿن مان نه نڪري وڃي. جيڪڏھن ھن ڀيري تخت لاھور ھٿن مان نڪري ويو ته پوءِ آئينده ايندڙ آگسٽ کان پو۽ عام چونڊن جي نتيجي ۾ وفاق به حاصل نه ٿي سگھندو، جنھن جي خدشي جو اظھار گھرو وزير راڻا ثناءُ الله ڪري ڇڏيو آهي ته پنجاب ۾ ڪنھن ٻي جماعت جي حڪومت ھوندي ته هڪ ته عوام جي راءِ تبديل ٿي سگھي ٿي، ٻيو ته چونڊون شفاف نه ٿينديون. نواز ليگ جي اڳواڻن جي انھن بيانن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته عمران خان جي عوامي حمايت ۾ ايتري طاقت اچي وئي آهي، جو ان کي منھن ڏيڻ مخالفن کي مشڪل ٿي ويو آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ ھڪ طرف عمران خان جيل ڀريو تحريڪ ختم ڪندي پنجاب ۽ خيبر پختونخوا صوبن ۾ پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي چونڊن جي حوالي سان تياريون شروع ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي آهي. لڳي ٿو ته ايندڙ ڪجھ ڏينھن ۾ ٻنھي صوبن ۾ سياسي سرگرميون شروع ٿي وينديون ۽ عوام جي توجھ جا مرڪز اھي ٻئي صوبا ھوندا. ان ڳالھ ۾ به ڪو شڪ ناھي رھيو ته انهن صوبن ۾ سياسي پارٽين جي عوامي مقبوليت جي خبر پئجي ويندي ته ڪھڙي جماعت ڪٿي ٿي دنگ ڪري ۽ پوءِ قومي اسيمبلي يا سنڌ ۽ بلوچستان ۾ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون ٿينديون ته ڪنھن حد تائين نتيجا اثر انداز ٿي سگھن ٿا.