ڪيڏانهن وئي مقبول قيادت؟

0
240

جيئن ئي وزير اعظم عمران خان آزاد ڪشمير جي چونڊن واري مرحلي کان ٻاهر نڪتو آهي تيئن ئي هن محسوس ڪرائڻ شروع ڪيو آهي ته هاڻي گهٽ نه ٿيندي. لڳي رهيو آهي ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ فتح کانپوءِ ملڪ جا سمورا مسئلا حل ٿي ويا آهن. معيشت جا معاملا ايترا بهتر ٿي ويا آهن جو هاڻي ملڪ ۾ ڪٿي به ڪو شهري بک تي نه ٿو گذاري، ملڪ ۾ ڪٿي به ڪو نوجوان روزگار لاءِ پريشان نه آهي بلڪه ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ جيان حڪومت پاڻ روز سڏ ڏئي رهي آهي ته جيڪو نوڪري نه وٺندو ان جي موبائيل فون بند ڪئي ويندي، ان جو هوائي سفر ممڪن نه هوندو،ايتري قدر جو افغانستان ۾ تبديل ٿيندڙ صورتحال به ثانوي حيثيت لڳي رهي آهي.
عمران خان آزاد ڪشمير جي فتح کانپوءِ هاڻي سنڌ جي معاملن جي حوالي سان لڳاتار اجلاس ڪري رهيو آهي. ڪشمير جي فتح کانپوءِ هاڻي سنڌ وارو سلوگن استعمال ڪندي وفاقي وزير ايئن محسوس ڪرائي رهيا آهن ڄڻ هو ان ۾ پريشان آهن ته مراد علي شاهه کي هاڻي ئي گهر موڪلجي يا ايندڙ چونڊن کانپوءِ پنهنجي حڪومت ٺاهجي، مطلب پنهنجي طرف کان عمران خان وارا وزير سنڌ حڪومت کي ختم شد سمجهي رهيا آهن. ان ڪري هنن ارباب غلام رحيم کي سنڌ جي معاملن جي حوالي سان ذميواريون ڏنيون آهن ته تون هل اسان اچون پيا. شاهه محمود قريشي به افغانستان واري صورتحال باوجود سنڌ لاءِ وقت ڪڍندي نظر اچي رهيو آهي.
پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت سنڌ لاءِ جيڪڏهن اڳ ۾ ايتري سياسي دلچسپي ڏيکاري ها ته انهن کي ارباب غلام رحيم جي ضرورت به نه پوي ها. هي اهو ارباب غلام رحيم آهي جنهن ضمني چونڊن ۾ شڪست کانپوءِ پي ٽي آءِ وارن کي چيو هو ته جيڪڏهن چونڊن ۾ بيهاريو ٿا ته پوءِ سار ڇو نه ٿا لهو؟ مون انهن ئي ڏينهن ۾ شاهه محمود قريشي کان پڇيو هو ته توهان جي پارٽي وارا چون ٿا ته توهان پيپلز پارٽي وارن کي واڪ اوور ڏنو آهي. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته واڪ اوور ڏيون ها ته اميدوار ڇو بيهاريون ها؟ هينئر خبر ناهي ته ارباب غلام رحيم کي ڪهڙي پڪ ڏني وئي آهي جنهن جي آسري تي هو وزيراعظم جو خاص صلاحڪار ٿيو آهي. ارباب غلام رحيم سنڌ ۾ پي ٽي آءِ لاءِ ڇا ڪري سگهندو؟ اهو هڪ الڳ سوال آهي پر اهي سڀ واعدا عمران خان وارا ته ممتاز ڀٽي کان وٺي لياقت جتوئي وارن سان به ڪري آيا هئا. سنڌ جي آءِ جي واري معاملي تي سموري جي ڊي اي عمران خان اسلام آباد گهرائي به ساڳي ڳالهه ڪئي هئي ته هاڻي گهٽ نه ٿيندي، پوءِ اهي ڏينهن اهي شينهن وري خان صاحب وارن کي سنڌ ياد نه آئي. سياسي پارٽين کي ته ڇڏيو هتي اسلام آباد ۾ سنڌي صحافين سان هر ملاقات دوران خان صاحب چوندو آهي ته اليڪشن دوران پنجاب ۾ مصروف هئڻ ڪري سنڌ کي وقت نه ڏئي سگهيس، هاڻي خان صاحب ايترو فري آهي جو بلوچستان جي ناراض اڳواڻن سان به ڳالهيون شروع ڪرڻ جو چئي آيو آهي ته سنڌ ۾ به ارباب غلام رحيم کي ذميواريون ڏنيون اٿس. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن خان صاحب چونڊن دوران پنجاب ۾ ايترو مصروف هو ته ڇا سنڌ ۾ چونڊون نه هيون ڇا؟ ٻيو اهو ته محمد ميان سومرو کان وٺي ڊاڪٽر فهميده مرزا تائين جيڪي اڳ ۾ ئي وفاقي ڪابينه ۾ موجود آهن انهن کي اهي ذميواريون ڇو ناهن ڏنيون ويون جيڪي ارباب غلام رحيم کي ڏنيون ويون آهن. عمران خان جو سنڌ ڏانهن سياسي رويو هر ڇهن مهينن کانپوءِ سنڌ کي ٺيڪي تي ڏيڻ سنڌين کي ڪيترو پسند ايندو هوندو پر سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪو ماحول جوڙيو پيو وڃي اهو ڪنهن مقبول پارٽي يا ڪنهن مقبول قيادت واري طريقي بدران اليڪٽيبلز تي ڌيان ڏيڻ وارو عمل نظر اچي رهيو آهي. ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته عمران خان پرويز مشرف جي ٽيم کي ميدان ۾ آڻي چڪو آهي ته پوءِ ڪيڏانهن وئي عمران خان جي تبديلي واري سرڪار ؟
رڳو ايئن ناهي ته عمران خان سنڌ تي اليڪٽيبلز واري مهرباني ڪري رهيو آهي. هينئر جيڪو سيالڪوٽ ۾ پي ٽي آءِ جو اميدوار سليم بريار کٽي آيو آهي اهو ان جي دولت جو اندازو ته ان کي ئي هوندو پر ساڳئي وقت هو پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي پرنسپل سيڪريٽري طاهر خورشيد جو رشتيدار هئڻ سان گڏ چوڌري ڀائرن جو به ويجهو هو، ان ڪري ئي ته پي ٽي آءِ وارا سيالڪوٽ ۾ ڪاميابي کانپوءِ چوڻ شروع ٿي ويا آهن ته هاڻي اسان چونڊ وڙهڻ سکي ويا آهيون، ته ان جو مقصد ڇا آهي؟ جيڪڏهن چونڊ وڙهڻ هاڻي سکيا آهن ته عمران خان وزيراعظم ڪيئن ٿيو سواءِ سنڌ جي باقي سڄي ملڪ ۾ سندن حڪومتون ڪيئن جڙيون؟ سيالڪوٽ جي هي سيٽ صوبائي هئي ان هڪڙي صوبائي سيٽ تي ڪاميابي کي عمران خان وارا ايترو ڇو پيا محسوس ڪرائين ڄڻ سڄو ملڪ کٽي چڪا هجن، پر هن ڪاميابي تي حيرت ان ڪري به کين ٿي آهي جو هي سيٽ ن ليگ وارن جي هئي ٻيو ته پنجاب ۾ گذريل سمورين ضمني چونڊن کان وٺي يوسف رضا گيلاني جي فتح تائين عمران خان وارا مسلسل شڪست کائي رهيا هئا. ن ليگ بلڪه مريم نواز هر جڳهه تي ڪاميابي حاصل ڪري رهي هئي، جنهن ڪري ن ليگ کي پهرين پوزيشن حاصل ٿي چڪي هئي پر آزاد ڪشمير جي چونڊن کان وٺي سيالڪوٽ جي هن ضمني چونڊ تائين مريم نواز جي قافلي کان پيپلز پارٽي وارا به اڳ ڪڍي ويا آهن. جتي عمران خان ۽ پيپلز پارٽي وارن جي ڪئمپ ۾ جشن آهي اتي ئي ن ليگ جي ڪئمپ ڊپريشن جو شڪار آهي. مريم نواز ته ڪورونا وائرس جي ڪري گهر اندر آئسوليٽ ٿي وئي آهي پارٽي جو صدر پنهنجي هجڻ جي ثبوت طور ڪڏهن ڪڏهن ٽوئيٽ ڪري ڇڏيندو آهي.
هينئر جيئن ئي آزاد ڪشمير کان سيالڪوٽ تائين ن ليگ کي شڪست ملي آهي تيئن ئي ن ليگ وارن کان وسري ويو ته گذريل ڏهه ضمني چونڊن ۾ کين ڪاميابي مريم نواز جي اليڪشن مهم جي ڪري ئي ملي هئي پر هينئر شهباز شريف جي مفاهمت واري موقف ۾ وزن اچي ويو آهي. مريم نواز کي سمجهايو پيو وڃي ته مفاهمت وارو رستو اختيار ڪيو مزاحمت واري بيانيي سان اقتدار ملي ڪو نه سگهندو .
خبر ناهي ته نواز شريف مريم نواز کي لنڊن مان خط لکندو آهي يا ن پر ذوالفقار علي ڀٽي جيل ۾ هئڻ باوجود پنهنجي نياڻي بينيظير ڀٽو کي لکيو هو ته هميشه عوام جي سياست ڪجان.سياست جي جنت عوام جي پيرن هيٺيان هوندي آهي. پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽي جيل ۾ ويهي پنهنجي پارٽي وارن جي سي سي سي جو اجلاس گهرائي مشورو نه ورتو هو ته ڏيو خبر مفاهمت ڪجي يا مزاحمت ؟ سڄو ڀٽو خاندان شهيد ٿي ويو پر بيانيو تبديل نه ٿيو ايتري قدر جو محترمه بينيظير ڀٽو کي رڳو سنڌ مان 17سيٽون مليون هيون پر بينيظير ڀٽو پنهنجو بيانيو تبديل نه ڪيو، پر ن ليگ وارا موسم جي تبديلي جيان چار چار بيانيا رکندا آهن. سيالڪوٽ جي هڪڙي صوبائي سيٽ هارائڻ تي ن ليگ جي قيادت کي ن ليگ وارا ئي حاضر ٿيو جا حڪم ڏئي رهيا آهن، جنهن ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته عوام عوام ڇڏيو ڏسو ٻيون پارٽيون پهرين ۽ ٻئي نمبر تي اچي ويون آهن. هي دور مفاهمت مطلب اليڪٽيبلس جو دور آهي. عمران خان کي ڇا آهي هن جون ته هونئن ئي سال ۾ ٻارنهن موسمون هونديون آهن.