حيدرآباد ٽرانسفارمر ڦاٽڻ وارو مامرو:خانگي ڪمپني جا 3ملازم جڊيشل ريمانڊ تي جيل حوالي

0
554
نئون ڪوٽ واقعو

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي عدالت ٽرانسفارمر ڌماڪي ڪيس ۾ گرفتار خانگي ڪمپني جي 3 ملازمن کي جديشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، اي سيڪشن پوليس رمانڊ پورو ٿيڻ بعد جوابدار ارسلان رحماني، ماجد آرائين ۽ عاطف جٽ کي سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 11 جي عدالت ۾ پيش ڪيو، پوليس عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدارن کان جاچ لاءِ وڌيڪ جسماني رمانڊ منظور ڪيو وڃي، عدالت پوليس جي درخواست رد ڪندي جوابدارن کي 11ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو، 22 جولاءِ تي اي سيڪشن پوليس حيسڪو جي 5 ملازمن تي لاپرواهي جو ڪيس داخل ڪيو هو، چار ڏينهن اڳ پوليس ڄاڻايل ڪيس ۾ ٽرانسفارمر جي مرمت ڪندڙ خانگي ڪمپني جي 3 ملازمن کي تحويل ۾ ورتو.