آدمشماري 2017ع جا وڌيڪ تفصيل

0
252

2017ع جي آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي 4ڪروڙ 78 لک 54 هزار 5سو 10 ڏيکاري وئي آهي، جيڪا 1998ع ۾ 3ڪرڙ 4لک 39 هزار8سو93 هئي. جنهن ۾ هڪ ڪروڙ 74لک 46 هزارهڪ سو 58 جو اضافو ٿيو آهي. جيڪا 1998ع جي آدمشماري ۾ 57.03 سيڪڙو رڪارڊ واڌ آهي جيڪا صوبي سنڌ ۾آئي آهي. آبادي ۾ ڪراچي ڊويزن پهرين نمبرتي ٻيون نمبرحيدرآباد، ٽيون نمبرلاڙڪاڻو،چوٿين نمبرسکر،پنجين نمبر تي شهيد بينظيرآباد ۽ ڇهين نمبر تي ميرپورخاص ڊويزن جي آبادي آهي.
2017ع جي آدمشماري ۾ سنڌ جون 15 اهڙيون ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ميونسپل ڪاميٽيون آهن جن جي آبادي 5 لک يا ان کان وڌيڪ آهي.جن ۾ 13 ميونسپل ڪارپوريشن ڪراچي شهر جون آهن،باقي ٻه حيدرآباد سٽي ۽ لطيف آباد ميونسپل ڪارپوريشن آهن. سنڌ جو ٻيو اهڙو ڪوبه شهر نه آهي جنهن جي آبادي 5 لک ظاهر ٿي هجي. سنڌ جي سڀ کان وڏي ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشن ڪورنگي آهي جنهن جي آبادي 10 لک 71 هزار 5 سو 14 آهي. حيدرآباد سٽي ميونسپل ڪارپوريشن جي آبادي 6 لک 73 هزار 91 ۽ لطيف آباد ميونسپل ڪارپوريشن جي آبادي 6 لک 61 هزار 3 سو 4 آهي.
ٻن لکن کان پنجن لکن تائين سنڌ ۾ ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ميونسپل ڪاميٽيز جو تعداد 17 آهي ان ۾ 11 ڪراچي شهر ۽ 6 سنڌ جي ٻين شهرن جون آهن. جن ۾ سڀ کان وڏي ۾ وڏي لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن آهي جتان جي آبادي 4 لک 88 هزار 6 آهي.جنهن کانپوءِ ترتيب وار قاسم آباد (حيدرآباد) 2 لک 99 هزار4 سو 60، نواب شاهه ميونسپل ڪارپوريشن 2 لک 79 هزار3 سو 38، نيوسکر ميونسپل ڪارپوريشن 2 لک 68 هزار9 سو 42،ميرپورخاص ميونسپل ڪارپوريشن 2 لک 34 هزار هڪ سو 33، سکر(سٽي) ميونسپل ڪارپوريشن 2 لک 31 هزار4 سو59 آهي.
هڪ لک کان ٻن لکن تائين سنڌ ۾ 19 ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ميونسپل ڪاميٽيز آهن. ڪراچي شهر ۾ 15 باقي 4 ٻين شهرن جون آهن.جن ۾سڀ کان وڏي شڪارپورميونسپل ڪاميٽي آهي اتان جي آبادي هڪ لک 96 هزار هڪ سو 58 آهي.
جيڪب آباد ميونسپل ڪاميٽي هڪ لک 91 هزار 98 ماڻهن تي مشتمل آهي،خيرپور ميونسپل ڪاميٽي جي آبادي هڪ لک 83 هزارهڪ سو 20، دادو ميونسپل ڪاميٽي هڪ لک 71 هزار 3 سو 19، ٽنڊوالهيار ميونسپل ڪاميٽي هڪ لک 62 هزار26، ٻولهاڙي ميونسپل ڪاميٽي جي آبادي هڪ لک 58 هزار2 سو 39، ٽنڊوآدم ميونسپل ڪاميٽي هڪ لک 52 هزار 25، عمرڪوٽ ميونسپل ڪاميٽي جي آبادي هڪ لک 34 هزار هڪ سو 96، شهداد ڪوٽ ميونسپل ڪاميٽي هڪ لک 18 هزار 9 سو 35، بدين ميونسپل ڪاميٽي هڪ لک 12 هزار 3 سو 93، گھوٽڪي ميونسپل ڪاميٽي هڪ لک 11 هزار3 سو 98، ٽنڊو محمد خان ميونسپل ڪاميٽي جي آبادي هڪ لک هڪ هزار 8 سو 68، ڪوٽڙي ميونسپل ڪاميٽي جي آبادي هڪ لک هڪ هزار هڪ سو 24، قمبر ميونسپل ڪاميٽي جي آبادي هڪ لک 9 سو 70، ڪنڌ ڪوٽ ميونسپل ڪاميٽي جي آبادي هڪ لک 8 سو 50 آهي.هڪ لک کان ٻن لک آبادي وارن مٿين شهرن ۾ ڪوٽڙي، ٻولهاڙي، ٽنڊو آدم،قمبراهڙا شهر آهن جيڪي ضلعي هيڊ ڪوارٽروارا شهرنه آهن.
2017ع جي آدمشماري ۾ 50 هزا کان هڪ لک جي وچ ۾آبادي وارا جيڪي شهراچن ٿا انهن جو تعداد 27 آهي جن ۾ 6 ڪراچي ۽ حيدرآباد جون ميونسپل ڪاميٽيون،ڪينٽومينٽ ايريا شامل آهن. باقي 20 ميونسپل ۽ ٽائون ڪاميٽيون سنڌ جي ٻين ضلعن جون آهن. جن ۾ شهداد پور ميونسپل ڪاميٽي جي آبادي 99 هزار 6 سو 67، مورو ميونسپل ڪاميٽي 95 هزار4 سو48، سانگهڙ ميونسپل ڪاميٽي 75 هزار 2سو 9، ٽنڊوڄام ميونسپل ڪاميٽي 71 هزار7 سو60، سيوهڻ ٽائون ڪاميٽي 66 هزار8سو98، سڪرنڊ ٽائون ڪاميٽي 65 هزار 8 سو 25، ٺٽوميونسپل ڪاميٽي (ضلع هيڊ ڪوارٽر)54 هزار6سو 37،گمبٽ ميونسپل ڪاميٽي 52 هزار6 سو17 آبادي وارا شهر آهن. انکانسواءِ پنجاهه هزار کان هڪ لک جي آبادي رکندڙ شهرن ۾ترتيب وارڏهرڪي، پنوعاقل، ميرپورماٿيلو، ٺل،روهڙي، رتوديرو، ماتلي، ميهڙ، ڪشمور، محرابپور،
هالا ۽ کپروشامل آهن.
25 هزار کان 50 هزار آبادي وار ظاهر ٿيل 55 شهرن جن ۾ مٺي ميونسپل ڪاميٽي (ضلعي هيڊ ڪوارٽر) جي آبادي 47 هزارهڪ سو 35، نوشهروفيروز(ضلعي هيڊڪوارٽر) ٽائون ڪاميٽي جي آبادي 38 هزار 2 سو 4، سجاول ٽائون ڪاميٽي (ضلعي هيڊ ڪواٽر) جي آبادي 35 هزار3 سو 8، ڄامشورو ٽائون ڪاميٽي 32 هزار 7 سو68 آبادي وارو شهر آهن.ان کانپوءِ ترتيب وار ٻين شهرن جي آبادي هيٺيئن ريت آهي. نئون ديرو ميونسپل ڪاميٽي،ڪنگري(پيرجوڳوٺ) مڪلي،اٻاوڙو،خيرپورناٿن شاهه،جاتي، ڀٽ شاهه، ڪنڊيارو، چونڊڪو، وارهه،نصيرآباد، ڪوٽڏجي، ڀان سعيد آباد، ٽنڊوجان محمد، گهارو، ڊگھڙي، ٽنڊوغلام علي، غوث پور،نصرپور،شاهپورچاڪر،شهيد فاضل راهو(گولاڙچي) ٽنڊوغلام حيدر، راڻي پور، پڪاچانگ، جهڏو،ٻانڌي، صوڀوديرو، فقيرآباد، سيتاروڊ، خانڳڙهه، مٺياڻي، سيٺارجا،هنڱورجا، ڪوٽ غلام محمد، جوهي، راڌڻ، دوڙ، ڍورونارو، ڪنري، تلهار، قبوسعيد خان،کوسڪي، نئون ڪوٽ، صالح پٽ، پريالو، پڊعيدن شامل آهن.
ڏهه هزار کان 25 هزار آبادي رکندڙ سنڌ جي ٽائون ڪاميٽين ۾ خانپور جي آبادي 24 هزار9 سو 19، ڀريا روڊ 24 هزار 7 سو 41، گڊو 24 هزار 5سو 37، ان کانسواءِ مٽياري ٽائون ڪاميٽي (ضلع هيڊ ڪوارٽر) جي آبادي 21 هزار 2 سو 20 ڄاڻائي وئي آهي. ٻين ٽائون ڪاميٽين جو درجو رکندڙ شهرن ۾ ترتيب وار جيڪي شهر اچن ٿا تن ۾، قاضي احمد، کهڙا، پنوعاقل، ٺري ميرواهه، ٽنڊوميرعلي، لکي، هالاڻي،ڇاڇرو، ٺاروشاهه، ٺيڙهي، ڏوڪري، احمد پور،جهول، ميروخان، هوسڙي، بهرام، نيوسعيد آباد، راڄوخاناڻي، ميرواهه، آريجا، ڇورپراڻو، مدئجي، سنجهورو، ڪڙيوگھنور، ٻيراڻي، اسلام ڪوٽ، سنجرچانگ، دولت پور، پيارولنڊ، چمبڙ، چوهڙجمالي، سرهاري، ٽنڊوباگو، اڳڙا، ڄام صاحب، ڪنب، هنـڱورنو، بوزداروڏا، سلطان آباد، ڳڙهي ياسين، بڇيري، ڪنڌرا، وڳڻ، گاجي کهاوڙ، کڏڙو، ٿاڻوبولاخان، چڪ، ٿرڙي محبت، ڳاڙهو، ڀريا سٽي، ڪرمپور، ٻٻرلو، پنڱريو، ڏيپلو، هالاپراڻا، عادلپور، سن، ڳڙهي خيرو، سهراب خان سرڪي، تنگواڻي، جاتي، ٺيڙهي 2، دريا خان مري، ننگرپارڪر،اڏيرولعل اسٽيشن، ڳيريلو، ڦلجي، نبي سر، چيلهار، دڙو،ڪڍڻ، ميرپوربٺورو، بخشاپور، ڪرونڊي، خيبر، ميرپورساڪروشامل آهن.
2017ع جي آدمشماري ۾ سنڌ جون 24 اهڙيون ٽائون ڪاميٽيون ۽ ڪينٽومينٽ آهن جن جي آبادي 5 کان ڏهه هزار جي وچ ۾ اچن ٿيون، ان ۾ پنج ڪينٽومينٽ ڪراچي ۽ هڪ ڪينٽومينٽ حيدرآباد جون اچي وڃن ٿيون. باقي ٻين ننڍين ٽائون ڪاميٽين ۾ ڪنڊياري، ميرپوربٺورو، رستم، سامارو، گهوڙاٻاري، شاهپور جهانيان، مانجهند، ڄام نوازعلي،نندو، باگڙجي، کيمي جو پار، پٿورو، بلڙي شاهه ڪريم، شادي پلي، ٽنڊومٺا خان، ٻيلو، منهوڙوڇانوڻي، ڪيٽي بندر، پيرومل، اچي وجن ٿا. سنڌ جي ننڍي ۾ ننڍي ٽائون ڪاميٽي پيرومل آهي جنهن جي آبادي 2017ع جي انگن اکرن ۾ صرف 3 هزار 3 سو26 آهي.
آدمشماري 2017ع ۾ سنڌ جي 238 ميونسپل ڪارپوريشن، ميونسپل ڪاميٽيز ۽ ٽائون ڪاميٽيز جو تفصيل جاري ڪيو ويو آهي، سنڌ پاڪستان جو وڌ کان وڌ اربن (شهري) آبادي رکندڙ صوبوظاهر ٿيو آهي. يعني صوبي جي 52.02 سيڪڙو آبادي اربن (شهري) تي مشتمل آهي. صوبي جو سڀ کان وڌيڪ ڳتيل آبادي وارو شهر ڪراچي آهي جتي هڪ اسڪوائر ڪلوميٽر ۾ 2 هزار 5 سو 95 ماڻهو رهن ٿا. ان کان پوءِ ترتيب وار سکر ۾ هڪ چورس ڪلوميٽر۾ 5سو 92، نوشهروفيروز ۾ 548، مٽياري 543،ميرپورخاص 515، شڪارپور 490، ڪشمور 420، حيدرآباد 398، شهيد بينظيرآباد(نواب شاهه) 358، ٽنڊومحمد خان293، گھوٽڪي 270، بدين 268، قمبرشهداد ڪوٽ 239، لاڙڪاڻو205،سانگھڙ 192، جيڪب آباد ۽ عمرڪوٽ 191،ٽنڊوالهيار 162، خيرپور 151، ڄامشورو 88، ٿرپارڪر 84، دادو 81، ٺٽو56، اچي ٿو. (آخري حصو)