ڪير ٿيندو وزيراعظم؟ شاهه محمود قريشي يا شهباز شريف، فيصلواڄ ٿيندو

0
276

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) عمران خان جي بي اعتمادي رٿ ذريعي حڪومت ختم ڪرڻ کانپوءِ ملڪ جي نئين وزيراعظم جي چونڊ اڄ قومي اسيمبلي ۾ ٿيندي، اپوزيشن پارٽين شهباز شريف ۽ پي ٽي آءِ شاهه محمود قريشي کي وزيراعظم لاءِ نامزد ڪيو آهي

قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ شاهه محمود قريشي ۽ شهباز شريف جا وزيراعظم لاءِ نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا

نئين وزيراعظم جي چونڊ جي لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ منجهند 2 وڳي شروع ٿيندو، جنهن جو ايجنڊا به جاري ڪيو ويو آهي

ھي به پڙھندا

نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ شھباز شريف ۽ شاھ محمود قريشي آمھون سامھون