دبئي ۾ پينو فقير کان 10 هزار ڊالر کان وڌيڪ رقم هٿ

0
341
دبئي ۾ پينو فقير

دبئي(انٽرسٽنگ نيوز) دبئي ۾ پينو فقير کان 10 هزار ڊالر کان وڌيڪ رقم هٿ اچڻ تي پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو. عرب ميڊيا موجب رمضان المبارڪ ايندي ئي فقيرن جي ڀرمار شروع ٿي ويندي آهي

پرڏيهي ميڊيا موجب ابوظهبي پوليس پاران رمضان شروع ٿيندي ئي فقيرن خلاف مهم شروع ڪئي وئي آهي. پوليس موجب شهرين کي دوکو ڏئي همدردي ذريعي پيسا وٺندڙ همراهه کي پڪڙيو ويو  آهي، فقير وٽان هٿ آيل رقم 10 هزار 890 ڊالر آهي، جيڪو پرڏيهي شهري هو. پوليس موجب همراهه کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ ڊي پورٽ ڪيو ويو آهي.