نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ شھباز شريف ۽ شاھ محمود قريشي آمھون سامھون

0
338
نئين وزيراعظم جي چونڊ

اسلام آباد:عمران خان جي هٽڻ بعد نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ شهباز شريف ۽ شاهه محمود قريشي ميدان تي اچي ويا، ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري پي ٽي آءِ جا اعتراض رد ڪندي شهباز شريف جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ڇڏيا آھن

ڇنڊڇاڻ بعد شاهه محمود قريشي جا به ڪاغذ منظور ڪيا ويا، اپوزيشن شاهه محمود قريشي جي ڪاغذن تي اعتراض نه واريا هئا
عمران خان کي بي اعتمادي رٿ ذريعي هٽائڻ بعد نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي 2وڳي ٿيندو

عمران خان کي وزارتِ عظميٰ تان هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري، ڪابينا ڊويزن 25 وفاقي ۽ 4 مملڪتي وزيرن کي هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي

ھي به پڙھندا

شهباز شريف جي ڪاغذن تي اعتراض قبول نه ڪيا ويا ته استعيفيٰ ڏينداسين: فواد چوڌري