عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ تي شوبز جي دنيا ۾ مايوسي

0
175
عمران خان خلاف بي اعتمادي

ڪراچي (شوبز نيوز)عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ تي اداڪارن ۽ اداڪارائن جو رد عمل سامهون آيو آهي. اداڪار بلال قريشي عمران خان جي تصوير شيئر ڪري لکيو ته “پاڪستان هارائي ويو”. اداڪارا زاره نور عباس چيو عمران خان ئي هميشه منهنجو ليڊر هو ۽ رهندو. اداڪاره سعيديا غفار لکيو جمهوريت لاءِ هڪ ڏک ڀري رات آهي

  يوٽيوبر ۽ ڪاميڊين زيد علي بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي واري ڏينهن کي اونداهو ترين ڏينهن قرار ڏنو ۽ چيو ته اسين قيمتي اثاثو وڃائي چڪا آهيون. حريم فاروق لکيو ته اڄ رات دل تي بار آهي، پر اڃا به ايندڙ صبح جي اميد بچيل آهي. ايمن خان لکيو عمران خان هڪ سچو اڳواڻ آهي

ثمينه پيرزادا چيو عمران خان! هلو ايندڙ چونڊن جي تياري ٿا ڪريون. آئون توهان سان گڏ آهيان. اداڪار هارون شاهد عمران جي مداحن کي چيو ته ايندڙ جنگ ڏانهن ٿا وڌون. يمنيٰ زيندي فيض احمد فيض جو  نظم شيئر ڪيو

ڳائڻي فرحان سعيد ٽوئٽ ۾ لکيو ته توهان ڪيترا عمران گهر  موڪليندئو، هر گهر مان عمران نڪرندو. شاويز جعفري لکيو ته عمران خان کي سلام پيش ڪيان ٿو ته اڪيلو وڙهيو. منيب بٽ عمران خان جي حمايت ۾ شعر لکيو. وينا ملڪ ٽوئيٽ ڪيو ته عمران مقبول ترين سچو ايماندار ليڊر آهي. مايا علي بي اعتمادي رٿ تي افسوس جو اظهار ڪيو. حنا خواجه بيات انسٽاگرام تي وڊيو شيئر ڪري لکيو ته هڪ شخص پاڪستان جي سالميت لاءِ اڪيلو بيٺو رهيو

ھي به پڙھندا

عمران خان وزير اعظم نه رهيو، قومي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي رٿ ڪامياب