استادن هٿان مار کائيندڙ اداڪار ننڍپڻ جو اسڪول خريد ڪري ڊاهي ڇڏيو

0
157
استادن هٿان مار کائيندڙ اداڪار ننڍپڻ جو اسڪول خريد ڪري ڊاهي ڇڏيو
استادن هٿان مار کائيندڙ اداڪار ننڍپڻ جو اسڪول خريد ڪري ڊاهي ڇڏيو

عرب دنيا ۾ پنهنجي سيريز “الشفق الفخر اور ڪرم” سان مشهور ترڪ اداڪار چاغلار ارتغرل ننڍپڻ ۾ استادن هٿان کاڌل مار جو پلاند وٺڻ لاءِ اسڪول خريد ڪيو ۽ عمارت ڊاهي پٽ ڪري ڇڏي

چاغلار ارتغرل انسٽاگرام تي هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ هو هڪ ڊاهي پٽ ڪيل عمارت آڏو بيٺل آهي

اداڪار پنهنجي پوسٽ ۾ انڪشاف ڪيو ته هيءَ ڊاهي پٽ ٿيل عمارت اُن جي ننڍپڻ جو اسڪول هو، جنهن کي هُن خريد ڪيو ۽ عمارت ڊاهي ڇڏي آهي

چاغلار ارتغرل چيو ته هوڊاهي پٽ ڪيل اسڪول جي جاءِ تي ڪجهه نٿو ٺاهڻ چاهي، ڇاڪاڻ ته هيءَ جاءِ ان اسڪول جي ياد ڏياري ٿي،جتي مونکي استاد ماريندا هئا

چاغلار ارتغرل جي پوسٽ وائرل ٿي آهي،مقامي انتظاميا ۽ حڪومت اُن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي آهي، ان حوالي سان تفصيل سامهون ناهن آيا