خانواهڻ ( ن پ ا)  خانواهڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٽنڊوگل شاهه ۾ ٽن هٿياربندن ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي 30ورهين جي نوجوان پورهيت نويد علي پٽ اسد الله سيال کي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس روايتي سستي جو مظاهرو ڪندي اڌ ڪلوميٽر مفاصلو هجڻ باوجود هڪ ڪلاڪ دير سان واقعي واري هنڌ پهتي، پوليس لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ ڪنڊيارو تعلقي اسپتال پهچايو جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، رابطو ڪرڻ تي نواجوان پورهيت نويد علي جي پيءُ اسد الله سيال ٻڌايو ته اڍائي مهينا اڳ ٽنڊوگل شاهه وٽان ٽن هٿياربندن خانواهڻ ٿاڻي جي اهلڪار روشن علي چنو کان سرڪاري جي ٿري ڦر ڪري ورتي هئي جنهن تي ڳوٺاڻن ۽ پوليس ڦورن جو پيڇو ڪيو هو، پوليس ۽ ڦورن جي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 ڦورو ابراهيم خشڪ ۽ غلام حسين خشڪ مارجي ويا هئا، جوابدارن جا وارث اسان کي ڌمڪيون ڏيندا هئا، اڄ هلان ڪري منهنجي پٽ کي ناحق قتل ڪري ڇڏيو آهي، هن ٻڌايو ته ايس ايس پي نوشهروفيرز پاران ڳوٺاڻن جي حفاظت لاء پڪٽ قائم ڪئي وئي هئي پر اڄ ڪو به پوليس اهلڪار پڪٽ تي موجود نه هو، هن چيو ته اسان سان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي، رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او خانواهڻ صحافين کي موقف ڏيڻ کان انڪار ڪندي موبائيل فون بند ڪري ڇڏي، مقتول نويد علي جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ تعلقي ڪنڊيارو اسپتال جي ڊاڪٽر ٻڌايو ته مقتول کي سيني، پيٽ ۽ ٻانهن ۾ گوليون لڳل هيون جنهن سبب سندس موت ٿيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.