ننگرپارڪر (رپورٽ: فيض کوسو) رات دير سان ڳوٺ لاڌو جي ويري ۾ شڪارين ناياب نسل جي هرڻ جو شڪار  ڪيو ويو آهي . جڏهن ته ڳوٺاڻن جي پهچڻ تي شڪاري فرار ٿي ويا،  شڪارين جي بندوقن جي گولين جو کاڄ بڻيل  زخمي هرڻ جهنگ ۾ تڙپي تڙپي مري ويو . ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن سروپ سنگهه ۽ ٻين ٻڌايو ته بندوقن جي ٺڪائن تي جا۽ واردات تي پهتاسين ۽ گاڏي جو پيڇو ڪيوسون گاڏي مٺڙيو روئج واري رستي تان اسان کان نڪري وئي ، هنن چيو ته  شڪار ڪرائيندڙ ملوث مقامي ٻن ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي سگهي آهي جنهن ۾  نالي ڪيول ولد اوڪو ڪولھي ڳوٺ ڪٻيو ۽ چترو ولد پريمون ميگھواڙ ڳوٺ لاڌي جي ويري باقي نامعلوم ماڻھو ھئيا رات جي اونداهي ۾ سڃاڻپ نه ٿي سگھي . هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته  ڌڪ لڳل ھرڻ شڪارين کان نڪري ويو، جنھن جي ڊيڊ باڊي ۽ ڳولين جا کول اسان ھيينئر ھٿ ڪري ورتا آھن، ڊيڊ باڊي جو ڪتن ڪجهه حصو ڏاڙهي وڌو آهي وائلڊ لائيف وارن جا نمبر بند پيل آهن،  هوڏانهن آخري اطلاعن تائين وائلڊ لائيف عملدار واقعي واري هنڌ نه پهتا ۽ نه وري واقعي جو ڪيس داخل ٿي سگهيو آهي .