ھڱورجا (ن پ ا) ھڱورجا ۾ راند کيڏڻ دوران جهيڙي بعد جوابدارن 12ورهين نينگر کي چاقوءَ جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، گلال محلي ۾ جوابدارن نينگر علي حيدر پٽ منير احمد گلال کي چاقوءَ جا وار ڪري فرار ٿي ويا، نينگر کي نازڪ حالت ۾ گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏنو، فوتي نينگر جو لاش ھڱورجا اسپتال  مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، نينگر جي پيءُ منير احمد گلال ٻڌايو ته ظالمن وڏو ظلم ڪيو آھي، منھنجي پٽ کي بيگناھه قتل ڪيو ويو آھي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، پوليس مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھڻي قتل ۾ ملوث ٽن جوابدارن اعظم گلال، دين محمد گلال  ۽ ياسين  گلال کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، ايس ايڇ او ھنڱورجا امير چانگ ٻڌايو ته قتل ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آھي، فريادي ايندو ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.