ميرپور ساڪرو(رپورٽ: صاحب خان ڪلمتي)ميرپور ساڪري جي وڏي ۾ وڏي سم نالي ڄام ساڪرو آئوٽ فال ڊرين جي بابو ھوٽل ريگوليٽر وٽان ٻنهي طرفان بند ڪمزور ٿي ويا آهن،  ايندڙ برساتن جي امڪان سبب بند ٽٽڻ جا خدشا وڌي ويا آهن ، ڳوٺاڻن بابو ھديو سوالي رند، ظھير ھديو ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته جنهن جي ڪري ٻنھي پاسن کان سوين ڳوٺ ٻڏي ويندا ۽ ھزارين  ايڪڙ زمين بنجر بڻجي ويندي، ڄام ساڪرو آئوٽ فال ڊرين جي ذيرو آر ڊي وٽان گھارو پوڻ جا خدشا آهن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڊريـنج کاتي جو انجنيئر بلاول لغاري ايس ڊي او حاجي ميمڻ کي باربار شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪو به کڙتيل نٿو نڪري، ھنن وزير اعليٰ سنڌ صوبائي وزير ورڪس ۽ اينڊ سروسز حاجي علي حسن زرداري کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي نوٽيس وٺي علائقي واسين جي پريشاني ختم ڪئي وڃي.