حيدرآباد (بيورو رپورٽ) دنيا جي عظيم انقلابي مفڪر، فلسفي ڪارل مارڪس جي 206هين سالگرهه ۽ سنڌي شاگرد  تحريڪ جي مرڪزي ڪنوينشن جو پروگرام حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ٿيو، جنهن ۾ مختلف ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪارل مارڪس جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. ڪنوينشن ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي نئين باڊي پڻ چونڊي وئي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ نوڪرين جي وڪري، ميرٽ جي قتل عام، تعليمي ادارن ۾ فين جي واڌ سميت شاگردن جي مک مسئلن متعلق قراردادون پڻ منظور ڪيون ويون. ڪنوينشن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر نويد عباس ڪلهوڙو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر غلام مصطفيٰ چانڊيو، سنڌي گرل اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ايڊووڪيٽ ڪائنات ڏاهري، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر حاجي خان سمون، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر اعتزاز گائنچو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي تعليمي درسگاھن کي ھڪ منصوبا بنديءَ سان قتل گاھن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪلاشنڪوف ڪلچر عام ڪيو ويو. شاگرد يونين تي پابندي ھڻي انتھا پسندي کي ھٿي وٺرائي وئي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي به ڪرپٽ ترين ادارو بڻائي ميرٽ جو جنازو ڪڍيو ويو آهي. هنن چيو ته  مارڪس جو فڪر ۽ فلسفو غلامي مان نجات ۽ ڇوٽڪاري جو فڪر آھي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته  ملڪ ۾ جمھوريت جي نالي تي آمريت مڙھيل آھي. صحافت کي قيدي بنائڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي پابنديون ھڻڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن.