ڍورونارو( ن پ ا) ڍورونارو شھر ۾ ٽائون ملازم ٽماڙ عمارت تي فائر برگيڊ ذريعي پاڻي جي ٽانڪي ڀريندي ڪري فوت ٿي ويو، ڍورونارو ٽائون ڪميٽي جو رٽائرڊ ملازم ڪچي ملازم طور ڪم ڪندڙ رمضان مهر ڪالهه ٽائون عملي سان گڏ فائر برگيڊ ذريعي شهر اندر ٽي منزل تي نارائڻ سونارو جي گھر جي ٽانڪي ۾ پاڻي ڀريندي ڪري پيو ۽ موقعي تي فوت ٿي ويو. فوتي جي لاش کي ڍورونارو رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو ويو جتان ڍورونارو پوليس پهچي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي رابطي تي ڍورونارو ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين نواب علي راڄڙ ٻڌايو ته سماجي طور اسان شهر ۾ فوتگين تي پاڻي لاءِ فائربرگيڊ گاڏي موڪلندا رهندا آهيون اڄ به انھي حوالي سان فائربرگيڊ گاڏي پاڻي لاءِ موڪلي هئي فوت ٿيل رمضان مهر جي فائر برگيڊ تي ڊيوٽي ناهي اتي ٻيو عملو ويو خبر ناهي رمضان مهر اتي ڪيئن ويو آهي عملي کان معلومات وٺان پيو ان بعد ئي ڪجهه ٻڌائي سگهان ٿو.