ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ ڀرسان ڳوٺ لونگاڻي شريف مان شادي شده عورت سائره زال سعيد منگي پنهنجي معصوم ٻارڙن ضامن منگي ۽ فائق منگي ۽ 18 سال جي ڀيڻ ماجده ڌيءَ غلام شبير منگي مبينا طور اغوا ٿي ويون، منصور منگي جي فرياد تي ڊکڻ ٿاڻي تي ڇهن جوابدارن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو، جاويد چانڊيو، يوسف عرف جاني منگي، صدف منگي ۽ ٽن اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، ڊکڻ پوليس ڪارروائي ڪري ڪيس ۾ نامزد هڪ جوابدار يوسف عرف جاني منگي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ڊکڻ پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي اطلاع تي ڪيس داخل ڪري سڀني رخن کان جاچ ڪيون پيا، ڪوشش ڪري عورتون ۽ ٻار جلد بازياب ڪرايا ويندا.