رتوديرو (ن پ ا ) رتوديرو ۾ ڊاڪٽر وٽ علاج لاءِ آيل عورت شمشاد زال رستم ميراڻي مبينا غلط انجيڪشن لڳڻ سبب فوت ٿي وئي، اهڙي واقعي بعد وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. سئوٽ منظور ميراڻي صحافين کي ٻڌايو ته عورت کي بخار آيو، ان کي علاج لاءِ ڊاڪٽر رميش لعل جي ڪلينڪ تي وٺي آيا سين جتي کيس انجيڪشن لڳائي وئي جنهن بعد سندس حالت خراب ٿي وئي، ڊاڪٽر کي بار بار چيو ته عورت جي حالت خراب ٿيندي پئي وڃي، ڪجهه ڪريو پر ڊاڪٽر اسان کي صرف خالي دلاسا ڏيندو رهيو نيٺ اسان جي عورت فوت ٿي وئي خبر ناهي ته انجيڪشن ڪهڙي قسم جي کيس لڳائي وئي هئي. هوڏانهن اهڙو اطلاع ملڻ تي ايس ايڇ او رتوديرو پوليس اهلڪارن سان واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال آندو. پوليس موجب انجيڪشن مدي خارج هئي يا ٻيو ڪو مسئلو آهي، ڊاڪٽر رميش لعل ۽ سندس ڪمپائونڊر کي گرفتار ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن الزام هيٺ آيل ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته فوت ٿي ويل عورت اڪثر بيمار رهندي هئي جيڪا ڪافي وقت کان وٺي علاج لاءِ ايندي رهندي هئي کيس ساه جي تڪليف هيس اسان وٽ کيس علاج لاءِ آندو ويو هيو اسان عورت کي اينٽي بائيوٽڪ انجيڪشن لڳائي پر فرق ڪونه پيو جنهن بعد اسان عورت کي ايمرجنسي ۾ ٻئي انجيڪشن لڳائي وڏي ڪوشش ڪئي سين پر عورت فوت ٿي وئي.