ورڪشاپ (ن پ ا) ورڪشاپ ڀرسان چڪ 45 ۾ اڌڙوٽ شخص الھه بچايو مگسي کي پنج اڻڄاتل جوابدارن گهر اندر داخل ٿي ڇرين جا وار ڪرڻ بعد گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، قتل  ٿي ويل اڌڙوٽ شخص جي گهر واري پوپري مگسي الزام ھڻندي ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس مڙس کي رات دير سان گهر اندر داخل ٿي سانوڻ مگسي، گل مگسي، خان محمد مگسي ۽ امجد مگسي گهرن اندر داخل ٿي قتل ڪيو آھي، منگلي پوليس موجب قتل ٿي ويل اڌڙوٽ شخص ۽ الزام ھيٺ آيل پاڻ ۾ چاچا ڀائٽيا آھن، سال اڳ ساڳئي ھنڌ زرعي زمين جي مالڪي تان ٻه ڄڻا قتل ٿي ويا ھئا، مارجي ويل اڌڙوٽ شخص الھه بچايو مگسي  جا چار پٽ اڳ ۾ جيل ۾ آھن ۽ رات کيس قتل ڪيو ويو، اطلاع تي  منگلي پوليس واقعي واري ھنڌ  پھچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال سانگهڙ منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، اخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو.