وارهه ۾ جرڳو، زيادتي بعد فوت ناري جو خون 73 لک ڏنڊ ۾ لوڙهيو ويو، عوامي تحريڪ جو ڌرڻو

0
28
وارهه ۾ جرڳو، زيادتي بعد فوت ناري جو خون 73 لک ڏنڊ ۾ لوڙهيو ويو، عوامي تحريڪ جو ڌرڻو
وارهه ۾ جرڳو، زيادتي بعد فوت ناري جو خون 73 لک ڏنڊ ۾ لوڙهيو ويو، عوامي تحريڪ جو ڌرڻو

وارھ (رپورٽ: اياز چانڊيو)  8 مهينا اڳ وارھ جي ميرن جو ڪوٽ محلا ۾ 3 جوابدارن وزير ڇٽو، عيسيٰ کرل ۽  هڪ نامعلوم جوابدار پاران مبينا زيادتي جو شڪار ناري نازيا چنا مسلسل بيمار رهڻ بعد ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿيل ناري جو جرڳو منظور چولياڻي جي سرپئنچي ۾ لاڙڪاڻي ۾ نبيرو ٿيو

جنهن ۾ جوابدار ڌر مٿان 75 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو، سرپئنچ جوابدار ڌر کي 2 لک تڏي جا  معاف ڪيا،  بقايا رقم 73 لک جوابدار ڌر فريادي ڌر نازيا چنه جي وارثن کي قسطن ۾ ادا ڪندي

هوڏانهن اهڙي فيصلي خلاف عوامي تحريڪ جي سڏ تي سرتاج چانڊيو،عرفان منان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي فاضل راهو چونڪ تي ڌرڻو هنيو ويو جتي هنن چيو ته ناري نازيه چنا جي خون جو جرڳو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي خاموش نه ويهنداسين

هنن چيو ته جيڪڏھن نازيا جي جوابدارن کي عبرتناڪ سزا نه ملندي ته هن قسم جا واقعا روز جو معمول هوندا  هنن مطالبو ڪيو ته جرڳو ڪينسل ڪري قانون ۽ آئين مطابق فيصلو ڏئي جوابدارن کي ڦاهي تي چاڙهيو وڃي