سکر جي ڪچي ۾ پوليس اهلڪار جو ڀاءُ ۽ ڀائٽيو اغوا

0
38
پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جو ڳوٺ تي حملو، 2 سڳا سئوٽ قتل
پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جو ڳوٺ تي حملو، 2 سڳا سئوٽ قتل

سکر جي ڪچي ۾ پوليس اهلڪار جو ڀاءُ ۽ ڀائٽيو اغوا، گهرام ۽ سندس پُٽ وقاص لکڻ سکر ۾ بُهه جو سودو ڪري موٽر سائيڪل تي واپس وڃي رهيا هئا، قادرپور پُل وٽ ڌاڙيل ٻنهي کي اغوا ڪري ويا

ٻڌايو پيو وڃي ته ڪچي واري علائقي ۾ گهرام ۽ سندس پٽ وقاص لکڻ کي اغوا ڪيو ويو اطلاع تي ڳوٺاڻن ڌاڙيلن جا پيرا کنيا پر مغوين تائين پهچي نه سگهيا

وارثن جو چوڻ آهي ته مغوين جا موبائيل فون بند ٿي ويا آهن، وقت سر اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس تحرڪ نه ورتو، ايس ايس پي ۽ ڊي آءِ جي سکر کي مغوين جي بازيابي ۾ مدد جي اپيل ڪئي وئي