اڌ برگر ڇو کاڌو؟ ايس ايس پي جي پٽ هٿان جج  جو پٽ قتل، پوليس جاچ مڪمل

0
258
اڌ برگر ڇو کاڌو؟ ايس ايس پي جي پٽ هٿان جج  جو پٽ قتل، پوليس جاچ مڪمل
اڌ برگر ڇو کاڌو؟ ايس ايس پي جي پٽ هٿان جج  جو پٽ قتل، پوليس جاچ مڪمل

 ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس فيز 5 ۾ ايس ايس پي جي پٽ هٿان سيشن جج جي پٽ علي ڪيريو جي قتل وارو معاملي جي جاچ مڪمل ٿي وئي

جاچ رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو ته ايس ايس پي نذير ميربحر جي پٽ دانيال سيشن جج جي پٽ  علي ڪيريو کي اڌ برگر کائڻ تان قتل ڪيو. رپورٽ موجب 8 فيبروري تي جوابدار دانيال ميربحر پنهنجيءِ  دوست کي گھر گھرايو، جتي دانيال جو دوست علي ڪيريو ۽ سندس ڀاءَ احمر به موجود هئا

دانيال پنهنجيءَ دوست سان گڏ الڳ روم ۾ وڃي  2 برگر  آرڊر ڪيا، برگر پهچڻ تي سيشن جج جي پٽ علي ڪيريو اڌ برگر کائي ڇڏيو،  جنهن تي جوابدار دانيال ڪاوڙجي گارڊ کان رائفل وٺي آيو، انهي دوران سندس ڀاءَ احمر داخلت ڪئي، انهي باوجود دانيال جي ڪاوڙ نه لٿي

جوابدار دانيال دوست علي ڪيريو کي گولي هڻي ڇڏي، علي ڪيريو اسپتال نيئڻ دوران دم ڏنو، جوابدار دانيال جيل ۾ آهي، ڪيس ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي