ڪشمور (رپورٽر) پنجاب جي ماڇڪو ٿاڻي جي حد ڳوٺ شاھمراد کوسو جي اوطاق تي ستل قلفيون کپائيندڙ پورهيت کي ھٿيار بند اغوا ڪري ويا.  ڳوٺاڻن ڪشمور ۽ ماڇڪو ٿاڻن تي اطلاع ڏنو پر پوليس حدبند جو تڪرار ڄاڻائي واقعي واري هنڌ نه پهتي. ڳوٺاڻن اصغر کوسو، حافظ کوسو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پنجاب جي شهر خانپور ڪٽورا واسي نوجوان محمد اسلم پنجابي، پورھيو ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندو ھو، اوطاق تي ستل ھو ته  رات دير سان هٿياربندن کيس اغوا ڪري ويا. ڳوٺاڻن جي آءِ جي پنجاب، ڊي پي او رحيم يار خان، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته محمد اسلم پنجابي جي اغوا معاملي جو نوٽيس وٺي پورهيت کي بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو،