وس پڄي ته پاڪستاني ڊرامن تي پابندي لڳائي ڇڏيان: نعمان اعجاز

0
96

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينئر اداڪار نعمان اعجاز چيو آهي ته پاڪستاني ڊراما رشتن جو تقدس پامال ڪري رهيا آهن، منهنجي وس ۾ هجي ته سمورا ڊراما بند ڪري ڇڏيان

اداڪار نعمان اعجاز يوٽيوب چينل جي هڪ پوڊڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن هاڻوڪي پاڪستاني ڊرامن جي ڪهاڻين جي حوالي سان کُلي ڳالهايو

اداڪار کان سوال ڪيو ويو ته جيڪڏهن توهان سينسر بورڊ جا چيئرمين ٿي وڃو ته پوءِ ڇا ڪندئو؟ ميزبان جي اهڙي سوال تي اداڪار جواب ڏنو ته سمورا ڊراما بند ڪري ڇڏيندس ۽ ڊرامن تي پابندي لڳائي ڇڏيندس. ميزبان اداڪار جو جواب ٻڌي حيرانگي جو اظهار ڪيو ۽ سوال ڪيو ته توهان پاڻ به ڊرامن ۾ ڪم ڪندا آهيو؟ سوال جو جواب ڏيندي اداڪار جو چوڻ هو ته اڄڪلهه جي ڊرامن ۾ ڪا ڪهاڻي ناهي هوندي، اهي ڊراما معاشري کان رشتن جو احترام ختم ڪري رهيا آهن. ڊرامن ذريعي رشتن کي بدنام ڪيو پيو وڃي، اهڙن ڊرامن تي پابندي لڳڻ گهرجي

هن ٻڌايو ته مونکي افسوس آهي ته اسانجي عوام غير معياري مواد مان ڪوبه مسئلو ناهي، ڊراما ٺاهڻ وارا هر رشتي ۾ بُرو ڏيکاري رهيا آهن، اڄ هڪ ڀيڻ، ماءُ، ڀاءُ ۽ ڌيءُ جو رشتو خراب آهي، اهي شيون ڊرامن ذريعي اسان جي معاشري ۾ غير شعوري طور منتقل ٿي رهيون آهن