عمران خان وزير اعظم نه رهيو، قومي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي رٿ ڪامياب

0
252
عزت ڏيڻ وارو الله

اسلام آباد  (بيورو رپورٽ) عمران خان وزير اعظم نه رهيو، قومي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي رٿ ڪامياب، رٿ جِي حمايت ۾ 174 ميمبرز ووٽ ڪاسٽ ڪيا، عمران خان بي اعتمادي رٿ ذريعي عهدي تان هٽندڙ پهريون وزيراعظم بڻجي ويو

عمران خان 3 سال  8 مهينا وزير اعظم رهيو، عمران خان وزير اعظم هائوس مان بني گالا هليو ويو، صبح ساڍي ڏهين وڳي شروع ٿيل اجلاس 5 ڀيرا ملتوي ٿيو، چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال سميت 5 رڪني بينچ ۾ شامل ججز سپريم ڪورٽ پهتا

اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر سميت اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي عدالت طلب ڪيو ويو پر اسپيڪر جي استعيفيٰ ۽ بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ٿيڻ سبب سپريم ڪورٽ جا ججز واپس هليا ويا

ٻئي پاسي قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر تائين ملتوي ڪيوويو، وزيراعظم جي عهدي لاءِ نامزدگي فارم صبح 10 وڳي تائين جمع ٿيندا، اڄ منجهند 3 وڳي تائين ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي، وزيراعظم لاءِ چونڊ 11 پريل تي ٿيندي

قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف جو چوڻ  ھو ته ڪنهن کان به بدلو نه وٺنداسين پر قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو، شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ڪنهن سان  به ناانصافي نه ڪنداسين ، ڪنهن کي به جيل ڀيڙو نه ڪنداسين ، اڄ هڪ نئون سج اڀريو آهي ادارن سان گڏجي پاڪستان کي هلائينداسين

ھي به پڙھندا

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي