جيڪب آباد: ڊسٽرڪٽ جيل ۾ قيدين ۽ اھلڪارن ۾ جھيڙو، 5 اهلڪار يرغمال

0
162
جيڪب آباد: ڊسٽرڪٽ

جيڪب آباد (ن پ ا) ڊسٽرڪٽ جيل ۾ قيدين ۽ جيل اھلڪارن وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ قيدين 2 اهلڪارن کي زخمي ۽ 5 اهلڪارن کي يرغمال بڻائي ورتو

قيدين جي تشدد ۾ اھلڪار محمد مقيم بروهي ۽ ذوالفقار علي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته قيدين 5 اهلڪارن لال ڏنو پيچوهو، رستم ٻرڙو، عبدالرزاق ملغاڻي، عبدالواحد بنگلاڻي ۽ سڪندر مهر کي يرغمال بڻائي ورتو

جيل انتظاميا قيدين ۽ جيل اھلڪارن جي وچ ۾ جهيڙي کي ضابطي آڻڻ لاءِ وڌيڪ نفري گهرائي ورتي، جيل انتظاميا پاران قيدين کان عيد اوڳاڙي جي گهر ڪئي وئي جنهن تان اھلڪارن سان جهيڙو ٿي پيو

جيل عملدار ذوالفقار پٺاڻ چوي ٿو ته قيدي يوسف جکراڻي سميت ڪجهه قيدين ناجائز مطالبن جي مڃتا لاءِ بدمعاشي ڪئي، ڇڪتاڻ تي ضابطو آندو ويو ڪوبه اهلڪار زخمي يا يرغمال ناهي بڻايو ويو احتياطن ٻاهران نفري گهرائي وئي

ملاقات لاءِ ايندڙ عورت جيل اھلڪارن تي رشوت وٺڻ جو الزام هڻندي چيو ته قيدين جي ملاقات لاءِ ايندڙن کي جيل عملدارن کتو جواب ڏنو

ملاقات لاءِ عورت جو چوڻ آهي ته ملاقات لاءِ آئي آهيان ملاقات ڪرائڻ کان جواب ڏنو ويو رشوت نه ڏيڻ تي قيدين کي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي

ھي به پڙھندا

شڪارپور: ملهه پهلوان غلام حسين پٺاڻ جون راڪيٽ لانچرسان تصويرن وائرل