ڪورونا جا قهر ۽ عوامي سجاڳي جي ضرورت

0
319

ڪورونا جي وبائي ڏينهن ۾ پنهنجي ملڪ ۽ شهرن جي ڳالهه ڪرڻ کان پهريان جيڪڏهن پاڙيسري ملڪ انڊيا جي ڳالهه ڪجي ته ڪورونا ان ملڪ جا راڱا لاهي ڇڏيا آهن جنهن ملڪ جا پنڊت چئي رهيا هئا ته ڪورونا ڪجهه به ناهي ۽ ان جو علاج هو ڳئون جي پيشاب يا ڇيڻن سان ڪري سگهن ٿا. انڊيا ۾ سموري آبادي پڙهي لکي ناهي تنهنڪري انهن ڀوپن جي آسري لڳي انهن ڪنڀ ميلي کان ويندي هر ان تهوار ۾ ڀرپور حصو ورتو جتي رش جام هئي.عالمي خابرو ادارن موجب هينئر انڊيا ۾ هڪ ڏينهن دوران ڪورونا پازيٽو ماڻهن جو تعداد دنيا ۾ هي وبا شروع ٿيڻ بعد ڪنهن به ملڪ ۾ سڀ کان گهڻو آهي.انڊيا ۾ هڪ ڏينهن دوران ڪورونا سبب مري ويلن جو تعداد وري به سڀني ملڪن کان مٿي رهيو آهي. رپورٽن موجب 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب انڊيا ۾ فوت ٿيلن جو تعداد ٻه هزار ڇهه سئو چوويهه بيٺو آهي جنهن کي گڏائي وبا شروع ٿيڻ کان ويندي هن وقت تائين ڪورونا سبب انڊيا ۾ فوت ٿيلن جو تعداد هڪ لک نوي هزار تائين پهچي ويو آهي.
ڪورونا سبب انڊيا جا ڪيترائي جهونا پر معتبر ماڻهو فوت ٿي ويا آهن جن ۾ دهلي جو وڏي مرتبي وارو مولانا وحيدالدين خان ۽ صحافڻ رينو اگال به شامل آهن.انڊيا مان جيڪي تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي پاڪستان پهتيون آهن انهن ۾ اهي پيرسن عورتون ۽ مرد به ڏسي سگهجن ٿا جيڪي رستن روڊن تي آڪسيجن جي سئلينڊر سهاري پيل آهن.دهلي جي اسپتالن جي درن تي لڳل اهي نوٽيس بورڊ به پڙهي سگهجن ٿا جن ۾ چيل آهي ته اسپتال مريضن سان ڀريل آهي يا آڪسيجن ختم ٿي وئي آهي.انڊيا جي شمشان گهاٽن جون وڊيوز به توهان ڏٺيون هونديون جن ۾ ٻڌايل آهي ته شمشان گهاٽ ايترا مصروف ٿي ويا آهن جو مري ويل ماڻهن کي مساڻن ۾ ساڙڻ لاءِ وقت وٺڻو ٿو پوي.جڏهن ته دهلي جي پراڻن محلن ۾ قبرستانن جي حالت پڻ ساڳي آهي.اهڙي ڏکي صورتحال ۾ پاڪستان جي سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ ماڻهن انڊيا سان لفظي همدردي جو اظهار ضرور ڪيو آهي پر فلاحي اداري ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه فيصل ايڌي اهو واحد ماڻهو آهي جنهن انڊيا جي وزيراعظم نريندر مودي کي خط لکي آڇ ڪئي آهي ته هو وبا جي انهن ڏکين ڏينهن ۾ پنهنجون پنجاهه جي لڳ ڀڳ ايمبولينس انڊيا موڪلڻ لاءِ تيار آهي.جنهن جو شايد انڊين وزيراعظم اڃان تائين ڪو جواب ناهي ڏنو.انڊين وزيراعظم نريندر مودي ته اتان جي مخالف ڌر ڪانگريس پارٽي جي اڳواڻ پريانڪا گانڌي جي وڊيو بيانن تي به ڪو جواب نه ڏنو آهي جنهن مٿس سخت تنقيد ڪندي کيس چيو آهي ته هتي گهٽين ۾ ماڻهو پيا مرن ۽ مودي منظر تان غائب آهي.
عجيب اتفاق آهي ته ٻئي پاڙيسري ملڪ شديد غربت هوندي به هٿيارن جا انبار خريد ڪري ۽ ايٽم بم جهڙيون بلائون پالي ويٺا آهن.تنهنڪري وبائي ڏينهن ۾ اهو ٽوئيٽ به عام جام هلي رهيو آهي ته ٻنهي ايٽمي طاقتن مان هڪڙي وٽ آڪسيجن ناهي ته ٻئي وٽ وئڪسين ناهي.پاڪستان ۾ ڪورونا جي وبائي صورتحال انڊيا جهڙي سنگين ته نه ٿي آهي پر وزيراعظم عمران خان ماڻهن کي خبردار ضرور ڪيو آهي ته جيڪڏهن ماڻهن ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ته ڪورونا جي وبائي صورتحال ڪنهن به وقت انڊيا جهڙي ٿي سگهي ٿي.پاڪستان جي وڏي صوبي پنجاب ۽ ڪي پي ۾ رپورٽن موجب اسپتالن مٿان ڪورونا مريضن جو بار ايترو وڌي ويو آهي جو اتان جا آئي سي يوز اسي سيڪڙو مريضن سان ڀريل آهن جڏهن پاڪستان ۾ موجود آڪسيجن جو نوي سيڪڙو استعمال ٿي رهيو آهي.اهڙين سنگين حالتن ۾ وفاقي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته جيڪڏهن ماڻهن ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ته فوج گهراڻي پئي ته اها به گهرائينداسين. يعني هاڻي ماسڪ پائڻ لاءِ به فوج گهرائڻي پوي ته ماڻهن جي ذهني صحت جو اندازو توهان پاڻ لڳائي سگهي ٿا. وفاقي حڪومت هاڻي ته ڪورونا وئڪسين جي سهولت ڏيندي سٺ سالن کان مٿي وارن شهرين لاءِ اعلان ڪيو آهي ته اهي ڪنهن به وئڪسينيشن سينٽر تي وڃي وئڪسين ڪرائي سگهن ٿا.يعني ان وئڪسينيشن لاءِ انهن کي اڳي جيان رجسٽريشن واري مرحلي مان نه گذرڻو پوندو کين اها سهولت واڪ ان واري پاليسي تحت ملي ويندي.ان کان اڳ پنجاهه سالن واري عمر جي شهرين لاءِ رجسٽريشن شروع ڪئي وئي جنهن تحت مون به رجسٽريشن ڪرائي ۽ وارو اچڻ تي وئڪسين لڳرائي.ان وئڪسينيشن واري مرحلي جا فوٽو سوشل ميڊيا تي رکڻ بعد آيل ڪمينٽس مان اندازو ٿيو ته صرف عام ماڻهو نه پر پڙهيا لکيا ۽ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ ماڻهن جي اڪثريت پڻ ڪورونا کي مذاق ئي سمجهي رهي آهي.منهنجي وئسڪينيشن واري پوسٽ تي ڪجهه ماڻهن ان وئسڪين بابت اهي ئي وهمن وسوسن وارا رايا ڏنا ته سائين اسان ٻڌو آهي وئڪسين لڳرائڻ کانپوءِ ماڻهو واڳون بڻجي ويندو آهي يا ان جي جنسي طاقت ختم ٿي ويندي آهي.اهڙا رايا پڙهي مونکي ته افسوس ئي ٿيو جو هن قوم جي اڪثريت اڃان به جنسي ڪمزوري واري خيالي دنيا ۾ مصروف آهي پر انهن کي اندازو ناهي ته ڪورونا پوري دنيا سان ڪهڙا ڪلور ڪري لکين انسان ماري چڪي آهي. ڪورونا وائرس دنيا جي ملڪن لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي پيو آهي جنهنڪري انهن مختلف ملڪن مٿان سفري پابنديون لڳائي ڇڏيون آهن.خاص ڪري انهن ملڪن جي ماڻهن مٿان جيڪي ڪورونا کي اڃان به مذاق سمجهي رهيا آهن.ڪئناڊا ۾ انڊين آبادي تمام گهڻي آهي اتان جا اسميبلي ميمبر ۽ وزير وغيره پڻ انڊين نسل جا ٿيندا رهندا آهن جنهنڪري انڊين ماڻهن جو ڪئناڊا سفر عام جام ٿيندو رهندو آهي پر انڊيا ۾ ڪورونا جي هاڻوڪي خطرناڪ وبائي صورتحال بعد ڪئناڊا پڻ انڊيا مان ايندڙ مسافر جهازن جي داخلا تي پابندي هڻي ڇڏي آهي.برطانوي وزيراعظم پنهنجو انڊيا جو دورو ڪورونا سبب ملتوي ڪري ڇڏيو .پاڪستان مٿان سفري پابنديون صرف برطانيا نه پر هاڻي ته سعود ي عرب پڻ لڳائي رهيو آهي.اهڙي صورتحال ۾ اسان جي ماڻهن خاص ڪري پڙهيل لکيل ماڻهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورونا جي موتمار پهلوئن کان آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي.پاڪستاني سماج جو جيڪو طبقو جنهن جي به اثر هيٺ آهي ان کان اهڙا وڊيو بيان جاري ڪرائي عام ڪيا وڃن جهڙا وڊيو بيان مذهبي اسڪالر مولانا طارق جميل جاري ڪيا هئا.
پهريان شايد اهو پڻ ڪورونا کي مذاق سمجهي رهيو هو پر ڪورونا بابت سندس رويو تڏهن بدليو جڏهن هو پاڻ ان موتمار بيماري جو شڪار ٿيو ۽ صحتياب ٿيڻ بعد هن وڊيو بيان ۾ ان جو اظهار به ڪيو ته هي هڪ خطرناڪ بيماري آهي انکي مذاق سمجهي نه ٽاريو.وفاقي حڪومت توڙي صوبائي حڪومت کي هاڻي نئين سر آيل ٽين ڪورونا لهر ۾ نوان چئلينجز ضرور سامهون ايندا پر هاڻي انهن ٻين چئيلنجز سان گڏ ڪورونا ڏانهن عام ماڻهن جي رويي تبديل ڪرڻ تي پڻ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي پاڻ ئي ماسڪ پائڻ ۽ احتياط ڪرڻ تي هري پون ۽ ڪورونا جهڙي وبا جي ڏکين ڏينهن مان نڪري سگهون.