سنڌ جا حڪمران  ۽ محڪوم  عوام

0
734

ڪجهه ڏينهن اڳ اعجاز منگي صاحب جو ڪالم پڙهڻ جو اتفاق ٿيو “سنڌ جا سور” اعجاز جون  لکڻيون  هميشه  شاندار رهيون آهن، هن ڪالم ۾ به بهترين طريقي سان  وفاقي حڪومت ۽ سنڌ تي پ پ راڄ بابت  لکيو آهي هلندي هلندي، مسلم ليگ ۽  عمران حڪومت جو به ذڪر ڪيو  ويو آهي جيڪو بلڪل صحيح آهي.  اُنهي وک کي ٿورو اڳتي وڌائجي  ۽ سنڌ ۾ حڪمرانن جي ڪردار بابت  ڪجهه مسئلن طرف نشاندهي ڪجي ته  10 سالن کان  مٿي حڪومت جا مزا ماڻيندڙ   انهن سياستدانن سنڌ کي ٻنهي هٿن سان لُٽيو آهي نه صرف لُٽيو آهي پر غريبن جو رتُ چُوسيو آهي. وڏيرا، جاگيردار، سردار، ڀوتار پنهنجي، پنهنجي علائقي جي تڪن تي اليڪشن وڙهن ٿا، اليڪشن ٿيڻ کان اڳ ۾ منٿ ميڙن جو سلسلو شروع ٿئي ٿو جيڪو اليڪشن جي آخري رات ڪلام پاڪ تي قسم کڻائڻ  تائين هلي ٿو، صبح کان شام تائين اميدوارن جون سايون اکيون هونديون آهن رات جو اعلان ٿئي ٿو، ڀوتار صاحب کٽي ويو اوطاق تي دهل دمام، ناچ گانا ٿين ٿا هفتي اندر مبارڪون وٺي، هيڏي هوڏي صورتحال کي جاچي پوءِ روانا ٿين ٿا حلف کڻي اسلام آباد ۽ ڪراچي کي پنهنجو ٺڪاڻو ٺاهي مزا ماڻين ٿا.
انهن پنجن سالن ۾ پٺتي رڳو عيد براد، گهر ۽ ويجهي  دوستن جي فوتگي يا شادي تي نظر اچن ٿا، ويچارا غريب  پٽيوالو، چوڪيدار، ڊسپينسر ۽ واھن جي بيلداري جي نوڪرين لاءِ صاحب جي منشين کي درخواستون ڏئي ڏئي ٿڪجي پون ٿا پر ڪو حل نٿو نڪري، ايتري قدر جو انهن علائقن ۾ اسڪول آهن ته اسٽاف ناهي، اسٽاف آهي ته بجلي ۽ پاڻي جون سهولتون ناهن جي سڀ آهن ته پوءِ سائين جي خاص ماڻهن لاءِ اوطاق جو ڪم اسڪول ڏئي ٿو. آئون سال اڳ 8 مارچ جي حوالي سان موبلائزيشن جي سلسلي  ۾ سکر ضلعي جي علائقي بڪار طرف ويس ۽ اتان جي مقامي ماڻهن، عورتن ۽ ننڍن وڏن ڳوٺ جي چڱن مڙسن سان مليس،  معلوم ٿيو ته ڳوٺ ۾ اسڪول نه هجڻ جي برابر آهي  پيئڻ جي  صاف پاڻي جو انتظام ناهي، ڊسپينسري ۾ ڪاري وارا ڪک پيا آهن ايتري قدر جو ايمرجنسي ۾ ڪا ايمبولينس ناهي جو ڪنهن عورت جي ڊليوري، اچانڪ دل جي تڪليف يا ٻين مسئلن وقت ڪم آڻجي. ڪنهن به غريب کي اهليت جي بنياد تي ڪا به نوڪري نه ٿي ملي ايتري قدر جو اتان جا لوڪل ماڻهو خانگي نوڪري لاءِ ايلازي هوندا آهن ته ڪٿي نه ڪٿي پٽ کي نوڪري ملي وڃي جيئن گهر جو چرخو هلي پر انهن کي ڪهڙي خبر ته حڪمرانن کي غريب جي چُلهه  ٻرڻ جو ڪو به ڏک ناهي هوندو.
 اڳتي اچون ٿا ته اتان جا چونڊيل نمائندا پنهنجي تَڪَ جي شهر ۽ ڳوٺ جي روڊن رستن لاءِ مليل رقم خانا پوري ڪري هڙپ ڪري وڃن ٿا ميرپور ماٿيلي ۾ جروار روڊ جي حالت 10 سالن کان ساڳي آهي. ڀڳل ٽٽل رستو جنهن تي سفر ڪندي حيران ٿينداسين  ته هن روڊ تان پ پ جي چونڊيل نمائندن جو گهر طرف رستو وڃي  ٿو! ڪاغذن ۾ هي روڊ الائي گهڻا ڀيرا ٺهيو ۽ ڊهيو آهي پر اصل ۾ روڊ مردا حالت ۾ پيو  آهي ايئن ئي ٻين ضلعن جنهن ۾ گھوٽڪي، دادو، ڪشمور، شهداد ڪوٽ ،لاڙڪاڻو، جيڪب آباد جا  اهم رهائشي علائقا  اچي وڃن ٿا انهن علائقن ۾ روڊ رستا تباھه لڳا پيا آهن، اسڪولن ۾ باٿ رومن جي جيڪا حالت آهي ايئن لڳندو آهي ڄڻ ڪو بوٿ بنگلو آهي. 
سکر جي ڳالھه ڪيون ته پراڻي سکر جي علائقن نمائش روڊ، بُوسا لين، گڏاڻي ڦاٽڪ  کان ويندي نيوپنڊ جا رستا روڊ ختم ٿيل آهن جتي گاڏي جو ويڪرو رستو هوندي گاڏي نٿي گذري سگهي رڳو کڏا، پٿر گٽرن جو پاڻي روڊن تي نظر ايندو، نڪاسي جو نظام مڪمل طور انهن علائقن ۾ تباھه ٿيل آهي، جڏهن به ڪا شڪايت ڪجي ٿي ته جواب ۾ هي جملو ملي ٿو “ آپ ڪا ڀي شهر هي آپ خود ڪيون ڪڇ نهين ڪرتي” اسان جي ڪيون ته توهان ڇا جي لاءِ آهيو؟ اسان جو ڪم مسئلي جي نشاندهي ڪرڻ آهي وڌيڪ ڪم  لوڪل گورنمينٽ جو آهي پر هتي لوڪل گورنمينٽ جو ڪردار اُگهور ننڊ ۾ ستل شخص وانگر آهي. پوري سنڌ ۾ سرڪاري اسپتالن جي هن وقت جيڪا حالت آهي بد کان بدتر آهي ڪير به انهن کان پڇڻ وارو ڪونهي ايتري قدر جو صفائي لاءِ فنائل جي بدران گاسليٽ استعمال ڪيو وڃي ٿو، باٿ روم خراب  ملندا  جتي ڪو به صفائي جو انتظام ناهي، سرڪاري اسپتالن ۾ مريض جي پيئڻ لاءِ ٿڌو پاڻي ميسر  ناهي، او پي ڊي ۾ ڊاڪٽر غريب ماڻهن کي فرض سمجهي نٿو ڏسي بلڪ انهن کي چئي ٿو ته فلاڻي جڳھه تي منهنجي اسپتال آهي اوڏانهن اچو پوءِ علاج ڪيون ٿا. هاڻي جيڪي غريب ٻه ويلا ماني لاءِ پريشان آهن پرائيويٽ اسپتالن جا خرچ ڪٿان آڻيندا. ايمرجنسي ۾ ڪو مريض وڃي ٿو ته لاوارث لڳو پيو هوندو آهي جيسين ڪا سفارش هجي  جي سفارش ناهي ته ماڻهو تڙپي تڙپي فوت ٿو ٿي وڃي، انهن مسئلن کي ڪير ڏسندو؟ ظاهر آهي حڪومت جو فرض آهي ته سرڪاري ادارن ۾ سهولتون مهيا ڪيون وڃن پر انهن مسئلن طرف حڪومتي نمائندن جو ڪو به ڌيان ناهي، اسيمبلي ۾ انهن مسئلن تي ڄاڻي واڻي نٿو ڳالهايو وڃي ڇو جو پارٽي جي پاليسي مطابق هلڻو پوي ٿو ۽ سنڌ جو ٻيو وڏو الميو آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ مضبوط اپوزيشن پارٽي ناهي جيڪا  مسئلن تي ڳالهائي ٿورو گهڻو ڪراچي جي مسئلن تي پي ٽي آئي ۽ ايم ڪيو ايم ڳالهائي ٿي  وڌيڪ حال توهان جي سامهون آهي جي ڊي اي به هن وقت خاموشيءَ وارو ڪردار ادا ڪري  رهي  آهي پوءِ آخر ڪير اسيمبلي ۾ مسئلن تي  ڳالهائيندو. صحت، تعليم، پوليس ، لوڪل گورنمينٽ جي پاليسين تي بحث ڪيئن ٿيندا، انهن ادارن کان ڪير پڇاڻو ڪندو، ظاهر آهي اسيمبلين ۾  اپوزيشن، جي اپوزيشن مضبوط هوندي ته حڪومتي ڌُر کان پڇاڻو ڪندي پر هتي اُها  خاموش آهي. قومپرست پارٽيون به پنهنجو ڪردار صحيح نموني ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ويون آهن، رهي ڳالھه لوڪل ماڻهن  جي ته  ملازم پيشه ماڻهو انهن مسئلن تي نه ڳالهائيندو ڇو جو ان کي پنهنجي نوڪري سان مطلب آهي. عام ماڻهو  تَڪَ جي بااثر ماڻهن خلاف هرگز نه ڳالهائيندو   ڇو جو انهن کي پنهنجي زندگي پياري هوندي  آهي بااثر هٿ عام ماڻهو کي پنهنجي جاگير سمجهي رهيا آهن نتيجي ۾ لوڪل ماڻهو هميشه ڊنل ۽ هيسيل رهي ٿو. غريب عوام مطابق “ اسان بُک وگهي مري رهيا آهيون” اسان روڊن تي اينداسين ته گهر جو ڪاروهنوار ڪير هلائيندو. بچيو باشعور ماڻهو جيڪو ڪٿي نه ڪٿي دانهن ڪُوڪ ڪري رهيو آهي اڄڪلھه سوشل ميڊيا جو دور آهي ڪٿي نه ڪٿي آواز اٿاريو وڃي ٿو، ٿوري گهڻي سجاڳي آئي آهي پر انهن کي مُتحد ٿيڻ ۾ وقت لڳندو، ها ايترو ضرور ڪري سگهجي ٿو ته پنهنجن  حقن لاءِ خاموش ٿي  ويهي رهڻو ناهي،  آواز اُٿارڻو آهي ڇو ته جنهن سماج مان مزاحمت ختم ٿي ويندي آهي اُهو سماج ٻوڙي ۽ گونگي سماجن ۾ شمار ٿيندو آهي. سُو هن  دور  جي باشعور ماڻهن ۽ اديبن جو فرض آهي ته ظلم خلاف آواز اُٿارين نه ته ايندڙ نسل انهن کي ڪڏهن معاف نه ڪندو.