ڪاڇي ۾ وڻن جي واڍي ۽ گرمي جا ڪلور

0
376

هن مهل سڄي سنڌ جيان پوري ڪاڇي ۾ به گرمي جي شديد لهر جاري آهي ۽ هر ماڻهو پگهر ۾ شل لڳو پيو آهي، ڌرتي تپي لال ٿي وئي آهي ۽ سج ايئن پيو محسوس ٿئي ڄڻ اسان جي سر جي مٿان بيٺو هجي ۽ ماڻهو ويچارا گرمي ۾ ايئن نظر اچي رهيا آهن جيئن باھه جي ڪري ميڻ رجندي آهي، ايئن ئي ماڻهو رجي رهيا آهن. ڇا ته دڪانن جي حالت آهي اتي ڪنهن ايئر ڪولر يا ايئر ڪنڊيشن کان سواءِ ويهڻ ممڪن نه آهي ڇو ته دڪانن مان ڄر نڪرندي محسوس ٿئي ٿي، اتي سولر پليٽن جي ذريعي جيڪي سولر جا پکا جيڪي هلي رهيا آهن اهي به ڄڻ باهه اوڳاڇي رهيا آهن.اهڙي گرمي ۾ اتي هوٽل تي مزدوري ڪندڙ، چانھه جا ڪاريگر ڪيئن چانھه ڪاڙهيندا هوندا تنور تي ويٺل ڪيئن ماني پچائيندا هوندا، جتي باھه جو رخ سڌو سنئون انهن جو سينو آهي پوءِ به مجبوري ۾ انهي ڪاڙهي ۽ گرمي ۾ محنت مزدوري ڪري پنهنجي خاندان جي گذر لاءِ ڪم ڪرڻ تي مجبور آهن. جس هجي اهڙن جوڌن کي جيڪي گرمي سان مهاڏو اٽڪائي گذر سفر ڪن ٿا. اتي مزدور ويچارا نٽهڻ اس ۾ ڪيئن مزدوري ڪندا آهن جتي نٽهڻ اس ۾ ڪانو جي اک پئي نڪري، ڪاڇي ۾ ٻڪرار صبح سوير ٻڪريون چارڻ لاءِ نڪري ويندا آهن جتي سج اڀرڻ ساڻ ئي رڻ گجيو راڙو ٿيو وڃي جتي گهڻي کن ساهي پٽڻ جي لاءِ ڪو به وڻ نه آهي، صرف ڪانڊيري جا ڪجهه وڻ آهن انهن جي ڇانو به ڪنهن نه ڪم جي، جيتري تائين ٻڪرار گرمي برداشت ڪري سگهي ٿو اوتري تائين مال جي پويان هلي ٿو جڏهن هن جي قوت جواب ڏئي وڃي ٿي ته هو واپس گهر ڏانهن رخ ڪري ٿو ۽جلدي گهر پهچي وهنجي سهنجي ڪو آلو ڪپڙو پسائي مٿان وجهي سمهي پوي ٿو. آلو ڪپڙو ان جي ڪري ته سولر پکن جي گرم هوا برداشت ڪرڻ جهڙي آهي ئي ڪو نه، وري ڪپڙو سڪي وڃي ٿو ته وري ساڳي ڪرت ڪن ٿا. اتي وڏي عمر وارن مردن توڙي عورتن جو ڇال هوندو. اسان پنهنجي دل تي هٿ رکي ڏسون ته مٿيان سڀئي مسئلا بيان ڪرڻ يا لکڻ ته تمام سولا ۽ آسان آهن، پر چوندا آهن ته جاءِ اها جلي جتي باھه ٻري سو هتي ڪاڇي ۾ رهندڙ سڀئي ماڻهو ان ئي ڪيفيت ۾ مبتلا آهن نه ڏينهن جو سڪون ۽ نه وري رات جو آرام، اتي ابهم ٻارڙن سان ڇا حالت هوندي. انهي سموري صورتحال جا ڪنهن حد تائين اسين پاڻ به ذميوار آهيون، ڇو ته هڪ اسان وٽ علم جي کوٽ. کوٽ ته ڇا سمجهيو ته علم آهي ئي ڪو نه ٻيو وري انڌو هٺ ضد ۽ انا جي بيماري اسان کي تباھه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي. هزارين وڻ ڪاڇي مان صرف ٻن روپين جي لالچ جي ڪري اسان پاڻ وڍرائي ڇڏيا آهن. هاڻي صورتحال اها ٿي وئي آهي جو جيڏانهن نظر کڻي نهار ته پٽ پٽوڙا لڳا پيا آهن جتي ڇانو جي لاءِ مزدوري ڪندڙن سميت هر انسان تڙپي ٿو پيو۽ ڀٽڪي ٿو پيو . اڃان تائين به اها وڻ وڍڻ واري ڪرت بند نه ٿي آهي نه وري بند ٿيڻ جي ڪا اميد نظر اچي ٿي، ڇو ته ٻيلي کاتي وارا هٿ ئي ڪڍي ويا. ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ وارا پاڻ ئي انهي ڪڌي ڪم کي ڪڌو ڪم سمجهن ئي ڪو نه ٿا ۽ نه وري ڪا عوامي نمائندن جي ڪا دلچسپي نظر اچي ٿي ۽ نه وري اهي عوامي نمائندا اهڙي سجاگي پيدا ڪرڻ جو ڪو ارادو رکن ٿا، ۽ نه وري جنهن جي زمين ۾ وڻ آهن انهن کي به ڪنهن به قسم جي ڪا ڳڻتي يا پريشاني آهي. بس اسين بي يارو مددگار بغير ڪنهن منزل جي هلي رهيا آهيون.
آخر ڪار اسين ڪيستائين هي قهر جي گرمي برداشت ڪنداسين. جيڪڏهن اسين گرمي مان نجات چاهيون ٿا ته سڀ کان پهرئين اسان کي وڻن جي واڍي بند ڪرڻي پوندي ۽ اسان جيترا وڻ وڍي کپايا آهن انهي کان وڌيڪ ٻيڻا وڻ لڳائڻا پوندا. ڇو ته هن مهل وڻ پوکڻ آسان آهي ڇو ته پوري ڪاڇي ۾ هر جاءِ تي ٽيوب ويل آهن ۽ تقريبن سڀني ٽيوب ويلن تي سولر سسٽم موجود آهي، پاڻي ڏيڻ آسان ۽ سولو ڪم ٿي پيو آهي. ٻيو ته هن مهل تقريبن فصل به نه هئڻ جي برابر آهن انهي موقعي کي اسين پنهنجي لاءِ غنيمت سمجهي جيترا ٿي سگهن ته وڻ پوکيون.جيڪڏهن اسان ايئن نه ڪيو ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ اسان جي هن ڪاڇي ۾ انسان ته ڇا جانور به نه رهي سگهندو ۽اسان جو ايندڙ نسل ڇانو جي ڳولا ۾ در در ڀٽڪندو رهندو. اچو ته گڏجي هي پڪو عزم ارادو ڪيون ۽ هن ڳالھه جي هر جاءِ تي پرچار به ڪيون ته وڻ پوکڻ ۾ انساني ۽ ڪاڇي واسين جي بقا آهي،تنهن ڪري هر ماڻهو پنهنجي ذميواري سمجهي وڻ پوکي.