ڪراچي آخر ڪيڏانهن پئي وڃي؟

0
605

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي تي حڪومت جي انتظامي گرفت ڪمزور ٿي رهي آهي، ڄاڻي واڻي يا اڻڄـائي ۾ هن شهر جي انتظامي معاملن ۾ عدليه ۽ وفاقي ادارن جي ڪردار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. سنڌ حڪومت جو اختيار هتي وقت گذرڻ سان گڏ گھٽجي رهيو آهي. ڪراچي کان سواءِ صوبي جي ٻين علائقن جي انتظامي معاملن جي باري ۾ خود سنڌ حڪومت جهڙي طرح سولائي سان فيصلا ڪري سگھي ٿي، اهڙي طرح هوءَ ڪراچي جي انتظامي معاملن تي فيصلا نٿي ڪري سگھي. ڪراچي آخر ڪيڏانهن پئي وڃي؟
اڄ سنڌ حڪومت پنهنجي گھڻن نوٽيفڪيشنز ۽ آرڊرز ۾ لازمي طور اهي الفاظ لکي ٿي ته “معزز سپريم ڪورٽ جي آرڊر نمبر فلاڻي، تاريخ فلاڻي تي عملدرآمد ڪندي” ان ۾ اڪثر نوٽيفڪيشنز ڪراچي جي معاملن بابت هوندا آهن. انهن معاملن ۾ زمينن، آفيسرن جي مقررين، بدلين ۽ ترقين جا معاملا ۽ ٻيا بلدياتي ۽ انتظامي معاملا شامل آهن. سنڌ حڪومت رڳو هنن عدالتي حڪمن تي عملدرآمد ڪرڻ واري ايجنسي بڻجي وئي آهي. جيڪا عملدرآمد باوجود سخت تنقيد ۽ ڇنڊ جو به نشانو بڻجي ٿي. ڪراچي ۾ امن قائم ڪرڻ بابت معاملن ۾ به رينجرز، انٽيليجنس ادارن ۽ ٻين رياستي ادارن جو ڪردار پهريان کان ئي ايترو گھڻو ۽ مستقل ٿي چڪو آهي جو سنڌ حڪومت پنهنجي طور تي آزاداڻي نموني فيصلا نٿي ڪري سگھي. ڪراچي ۾ امن امان بابت سنڌ حڪومت جو ڪردار تمام محدود آهي. اهڙي طرح ڪراچي جي بلدياتي ۽ ترقياتي معاملن ۾ نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ۽ ٻين وفاقي ادارن جي ڪردار ۾ به اضافو ٿي ويو آهي.
هونءَ ته ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ يا ڌار انتظامي ايڪائي بڻائڻ جون ڳالهيون تمام گھڻو اڳ کان ٿي رهيون آهن، پر ڇا رڳو اهي ڳالهيون آهن يا انهن تي ڪٿان کان منصوبابندي پڻ ٿي رهي آهي؟ حقيقت اها آهي ته ڪيترين ئي شعوري ڪوششن سان حالتون ان حد تائين پهچي ويون آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪجھه ادارا ۽ ماڻهو لاشعوري طور ان جو حصو بڻجي ويا آهن. ڪراچي کي سنڌ کان انتظامي طور الڳ ڪرڻ جو شعوري ۽ وڏو قدم اڳوڻي فوجي آمر جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ کنيو ويو، جڏهن دهشتگردي کي منصوبابندي تحت هٿي ڏئي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ تي صوبائي حڪومت جوا نتظامي ڪنٽرول ڪنهن حد تائين ختم ڪيو ويو ۽ نان سولين فورسز کي امن امان بابت انتظامي معاملن ۾ فيصلا ڪرڻ تائين بالادستي حاصل ٿي وئي. ٻيو شعوري قدم جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ کنيو ويو، جڏهن ضلعي حڪومتن جي نظام جي نالي تي ڪراچي ۽ باقي سڄي ملڪ ۾ ڌار ڌار نظام لاڳو ڪيو ويو. باقي ملڪ ۾ ضلعي سطح تي ضلعي، شهري، ضلعي با اختيار حڪومتون قائم ڪيون ويون جڏهن ته ڪراچي ۾ اختيارن جي مرڪزيت سان گڏ پنجن ضلعن تي ٻڌل هڪ شهري ضلعي حڪومت قائم ڪئي وئي، وري پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ ٻٽي نظام جي خلاف سنڌ ۾ وڏي تحريڪ هلي. ڇو جو ان سان نه رڳو ڪراچي ۽ باقي سنڌ ٻه الڳ الڳ انتظامي يونٽ نظر اچي رهيا هئا پر ان نظام ۾ سنڌ حڪومت جو ڪراچي تي انتظامي ڪنٽرول نه هئڻ برابر هو.
جنرل پرويز مشرف جي وڃڻ کانپوءِ ان جي ضلعي حڪومتن واري نظام کي سنڌ ۾ ته ختم ڪيو ويو پر جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ شروع ٿيندڙ دهشتگرديءَ ڪراچيءَ تي سنڌ حڪومت جو انتظامي ڪنٽرول بحال ٿيڻ نه ڏنو. سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ بدامني جو پاڻ مرادو نوٽيس ورتو ۽ ڊگھي عرصي تائين ڪيس هلائي هڪ اهڙو فيصلو ڏنو، جنهن سان سنڌ جي انتظامي ڍانچي تي گھرا ۽ مستقل اثر پيا.
ان فيصلي ۾ نه رڳو سنڌ جي هر حڪومت کي ڪراچي ۾ ناڪام قرار ڏنو ويو، پراڄ تائين ڪراچي جي حالتن جي ڪري هر صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي تي تنقيد ڪئي ويندي آهي. ان فيصلي ۾ زمينن بابت معاملا ۽ ٻين انتظامي معاملن کي به دهشتگردي سان گنڍيو ويو، دهشتگردي جي ذميواري ڪنهن هڪ گروهه تي وجهڻ بدران سمورين سياسي پارٽين تي وڌي وئي، بعد ۾ فيصلي تي عمل درآمد لاءِ هڪ بينچ جوڙي وئي، جيڪا سنڌحڪومت جي هر شعبي جي انتظامي معاملن تي هدايتون ڏيندي رهي ۽ عملدرآمد جي رپورٽ طلب ڪندي رهي. ان عملدرآمد بينچ پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو ته پوءِ ڪراچي جي زمينن جا معاملا ۽ ٻين انتظامي ۽ بلدياتي معاملن ۾ جوڊيشل ايڪٽِوازم جاري رهيو ۽ هميشه سنڌ حڪومت ڪراچي جي حوالي سان سخت تنقيد جو نشانو بڻجندي رهي.
آئون مڪمل يقين سان چئي سگهان ٿو ته عدليا ڪراچي کي سنڌ جي انتظامي طور تي ڌار ڪرڻ جي ڪنهن شعوري ڪوشش جو حصو نه هئي، پر عدليا سميت سمورا حلقا ان حقيقت کي تسليم ڪن ٿا ته دهشتگردي هڪ رٿابندي تحت ٿي. دهشتگرديءَ سبب عدالت پاڻمرادو نوٽيس ورتو ۽ ڪيس جو دائرو دهشتگردي کان ٻين معاملن تائين وسيع ٿي ويو. ان ۾ به عداليه جو ڪو مقصد نه آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ ڪراچي کي الڳ يونٽ بڻائڻ جا حامي حلقا عدليه جي فيصلن تي پريس ڪانفرنس ڪري انهن فيصلن جي حمايت ڪري رهيا آهن. ان سان گڏوگڏ اهي سياسي بيان ڏئي رهيا آهن ته پيپلز پارٽي جي ڪراچي ۾ نمائندگي نه آهي ۽ هنن کي ڪراچي تي حڪمراني جو ڪوبه حق نه آهي.
سنڌ حڪومت جي ڪراچي تي انتظامي گرفت ڪمزور ٿيڻ سان خطرناڪ نتيجا ٿي سگهن ٿا! ڇوته ڪراچي جا حقيقي سياسي تضاد هاڻي اڀري رهيا آهن، پهريان هٿرادو هئا، انهن کي صرف سياسي حڪومت سياسي طريقي سان گڏ پرامن طور تي حل ڪري سگهي ٿي. ڪراچي کي ان طرف ڌڪڻ جي مزاحمت ڪئي وڃي، جنهن طرف ڪراچي جي وڌيڪ تباهي ٿيڻ جو خطرو آهي. وفاقي رياستي ادارن سان گڏوگڏ سياسي ۽ قوم پرست حلقن کي به تدبر جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. ڪراچي جي مسئلي جو واحد حل اهو آهي ته هن شهر جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت کي اهڙي طرح ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي جهڙي طرح پنجاب حڪومت لاهور يا ٻين شهرن لاءِ ڪري رهي آهي.