ڇا بحران ختم ٿيڻ جي اميد ڪجي؟

0
123
سنڌ خيرَ جي خبر لاءِ سِڪي وئي آهي!

ملڪ جو سياسي بحران وڌندو وڃي ادارن تائين پهتو آهي جنهن ڪري لڳي ٿو هر ادارو ٻئي اداري جي سامهون ٿي بيٺو آهي.ايستائين جو ادارن اندر به تقسيم واضح نظر اچي رهي آهي. جيڪڏهن اهو بحران هتي ختم نه ٿيو ته انهي جا وڌيڪ خطرناڪ نتيجا نڪرندا. سياسي بحران جي ڪري ملڪ معاشي بحران ۾ ڦاسي چڪو آهي ۽ نظام ۾ تقسيم سبب آئيني بحران جو به هر وقت خطرو رهي ٿو. انهي کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه ڪهڙي ٿيندي جو سپريم ڪورٽ جي جج صاحبان ۾ به تقسيم واضح نظر اچي رهي آهي جنهن اداري مان اميد ڪئي پئي وئي ته اتان ئي انهي بحران جو حل نڪرندي نظر ايندو،جڏهن سياسي معاملا ڌريون پاڻ ۾ طئي نه ڪري سگهيون ته اهي عدالت ڏانهن ڏسڻ لڳيون پر عدليا به انهي معاملي تي ورهايل نظر آئي ۽ پنجاب ۽ ڪي پي  ۾ چونڊن جو معاملو ڏسڻ لاءِ جوڙيل بينچ به ٽٽي وئي پر ان هوندي به باقي بچيل پنج رڪني بينچ پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن جي حوالي سان پاڻمرادو نوٽيس جي شنوائي ڪري فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو،جيڪا به صورتحال هئي يا جيڪو به بحران نظر اچي رهيو آهي اميد ڪجي ٿي ته انهي فيصلي سان اهو بحران ختم ٿيندو ته جيئن نظام اڳتي وڌڻ شروع ڪري جيڪو مختلف بحرانن سبب ڄڻ ته مفلوج بڻجي ويو آهي.

هن بحران جو وڏي ۾ وڏو سبب اهو نظر اچي رهيو آهي ته سياسي ڌريون پاڻ  ۾ ويهي معاملا پارليامينٽ ۾ طئي ڪرڻ بدران اڪثر سياسي ڪيس عدالتن ۾ کڻي وڃن ٿيون جنهن ڪري عدالتن تي به اضافي بار پئجي رهيو آهي ته سياسي ڪيسن جا فيصلا ڪرڻ سبب انهن تي تنقيد به ٿيندي رهي ٿي. جيڪا ڌر رليف ملندي محسوس نه ٿي ڪري ته اها عدالتن تي الزام لڳائي ٿي ڇڏي.ملڪ هن وقت اهڙي بحران ۾ ڦاسي پيو آهي جتي ٻه صوبائي اسيمبليون وجود ئي نه ٿيون رکن،اتي نگران حڪومتون قائم ٿيل آهن جڏهن ته قومي اسيمبلي مان مخالف ڌر جي استعيفائن جي رولڙي سبب اتي به مخالف ڌر ڄڻ موجود ئي ناهي ۽ استعيفائون ڏيڻ وارا وري واپس اچڻ به چاهين ٿا جنهن لاءِ اهو معاملو به ڪورٽ ۾ ئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ ڪهڙي نموني سان نظام اڳتي وڌي سگهي ٿو. جيڪڏهن ٻن صوبن ۾ آئين جي گهرج مطابق نوي ڏينهن ۾ چونڊون ڪرايون وڃن ٿيون ته اتي جيڪي اسيمبليون اينديون انهن جو مدو پنج سال هوندو يا اهي وري ايندڙ عام چونڊن لاءِ ٽوڙيون ويندويون، ڇاڪاڻ ته آئين ۾ ته واضح آهي ته جڏهن عام چونڊون ٿينديون ان وقت نگران حڪومتون قائم ڪيون وينديون ۽ جيڪڏهن اتي کٽيندڙ پارٽين جي حڪومت هوندي ته ڇا اهي عام چونڊن تي اثرانداز نه ٿينديون. اهي اهڙا سوال آهن جيڪي بحران کي حل ڪرائڻ ۾ مدد بدران  منجهائي رهيا آهن جنهن جو هن وقت تائين ڪنهن وٽ به ڪو جواب ناهي جنهن ڪري ئي سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ورتو ۽ ان جي شنوائي ڪري فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

اسان سمجهون ٿا ته هن سياسي ۽ آئيني بحران مان نڪرڻ ۾ سپريم ڪورٽ ئي مدد ڪري سگهي ٿي جيڪا آئين جي تشريح ڪرڻ جي ذميوار آهي جنهن سان ئي نظام واپس پٽڙي تي اچي سگهي ٿوپر ان سان گڏ سياسي ڌرين جو به فرض آهي ته اهي پنهنجي مخصوص مفادن لاءِ آئين کي اورانگهڻ کان پاسو ڪن ۽ جيڪڏهن سياسي معاملن تي پاڻ ۾ ويهي مشورو ڪري حل ڪڍن ها ته ان کان وڌيڪ بهتر رستو ئي نه هو، جنهن جو اظهار سپريم ڪورٽ به ڪيو آهي ته سياسي ڌريون  پاڻ ۾ويهي  مشاورت ڪن.باقي هاڻي ڳالهه سپريم ڪورٽ تي پهتي آهي ۽ اتان جيڪو به فيصلو ايندو اهو سڀني ڌرين کي قبول ڪرڻو پوندو پوءِ اهو فيصلو ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي ۽ اميد ڪري سگهجي ٿي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو بحران ٽارڻ ۾ مددگار ٿيندو.