ڊجيٽل آدمشماري يا ڊجيٽل ون يونٽ ؟

0
132
سنڌي ادب ۾ ورجاءُ وارو سوال

 اڄ پهرين مارچ 2023ع سنڌ جي تاريخ جو اهو ڏينهن  ياد رکيو ويندو جنهن ڏينهن تي سنڌ جي منتخب حڪومت سنڌي قوم جي مٿان ڊجيٽل آدمشماري جي ڳڻپ ۾ غير قانوني آبادي جي لوڌ کي پنهنجي آدمشماري ڳڻپ ۾ شامل ڪري کين ڊجيٽل رجسٽريشن ڪري رهي آهي. هن سرڪار جو ڪمال رڳو هي ناهي ته هن سرڪار هتي ماڻهن کي ڳڻپ جو معاملو انگن اکرن ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر هتي آيل غير قانوني لکن جي تعداد ۾ ٻاهرين قومن جا ماڻهو  جن ۾ افغاني ، بنگالي ، برمي ۽ ڀانت ڀانت جا ماڻهو شامل آهن انهن کي اهڙي انداز سان پنهنجي آدمشماري ۾ شامل ڪيو ٿو وڃي جو انهن جي لاءِ شناختي ڪارڊ جو شرط به ختم ڪيو ويو آهي هن وقت تائين سنڌ دوست ڌرين جي دانهن باوجود سرڪار جي ڪن تي ڪا جونءَ نٿي چري ها البته سنڌ سرڪار جا چالاڪ ترجمان ۽ جديد دور جا پاڻ کي بيربل سمجھندڙ نام نهاد دانشور وڏي معصوميت ۽ سادگي سان سيمينار  يا ميڊيا ۾ پنهنجي محدود خدشن جو اظهار ڪندي آڱر ڪپائي شهيدن ۾ شامل پيا ٿين بلڪل ايئن جيئن روئڻ ۾ هو سنڌ دوست ڌرين سان گڏ ۽ کائڻ ۾ سنڌ سرڪار ۽ ٻين قوتن سان ٺٺ ڪندي نظر پيا اچن. ڪمال رڳو اهو ناهي ته غير قانوني رهندڙن کي پنهنجي آدمشماري ۾ شامل ڪيو پيو وڃي پر سنڌ سرڪار جي چهيتي سنڌ جي پ پ پ جي صدر نثار کهڙي ته هي به اعلان ڪري ڇڏيو آهي ” جيڪو ٽي مهينا يا ان کان وڌيڪ عرصو سنڌ ۾ رهي ٿو انهيءَ کي هتي ووٽ ڏيڻ جو به حق ڏنو ويندو..“ اسان کي هي ٺيڪ طرح سان ڄاڻ آهي ته موجوده آدمشماري 2017ع کان پوءِ 2027ع ۾ ٿيڻ گھربي هئي عمران دورِ حڪومت جي سي سي آئي اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته 2022ع ۾ نئين آدمشماري ڪئي ويندي جيڪا اصولن 2027ع ۾ ٿيڻي آهي وري جڏهن سوني تي سهاڳو هي ٿيو جو عمران جي حڪومت کي بي اعتمادي جي رٿ سان هٽائڻ کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي حمايت ڪرڻ سان

هڪ ڪمزور حڪومت ۾ متحده دادلي ٻڻجي وئي ۽ پوءِ انهن  جيڪي ماڻا ٽاڻا ڪري جيڪي من ماني ڪندي جيڪي شرط اقتدار جي لالي پاپ عيوض مڃرائي رهي آهي سنڌ حڪومت ۽ وفاقي سرڪار سڀ انهن جا شرط مڃيندي نظر پيا اچن ۽ هي ڪارڊ ختم ڪرڻ جو شرط به متحده جي طرفان ئي رکيو ويو هو جيڪو بعد ۾ تسليم ڪيو ويو آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ هي دور يا اڄ جو ڏينهن 30 سيپمٽبر 1955ع واري ڏينهن جيان هڪ آفت ۽ طوق طور ياد ڪيو ويندو جڏهن سنڌ جي مٿان ون يونٽ مڙهيو ويوهو. 1950ع جي ڏهاڪي ۾ صورتحال سنڌ جي ٽوپو گرافي جي ايڏي بدتر نه هئي جهڙي هاڻي آهي. ان وقت جي وفاقي سرڪار ون يونٽ جو طوق اسان جي ڳچي ۾ ان ڪري وڌو هو جو هو بنگال جي وڏي آبادي کي ڪنٽرول ۾ رکڻ جي لاءِ ۽ ان سان گڏوگڏ صوبائي خودمختياري جي تحريڪن کي ڪچلڻ جي لاءِ هڪ بيحد آمراڻي چال هلي هئي سنڌ جي سياستدانن پهريان ته نٽايو پر پوءِ اقتدار جي ديوي اڳيان سڀني سجدو ڪيو ۽ هي ذلت آميز ون يونٽ پنهنجي مٿان مڙهيو. جنهن ۾ سنڌ پنهنجي سڃاڻ ٻولي ۽ حقِ جاگرافي سان گڏوگڏ سياسي ۽ معاشي حق وڃائيندي محسوس ڪيو هو ۽ پوءِ سنڌ سراپا احتجاج ٿي ٻين مظلومن قومن به ون يونٽ کي هڪ فاشي قانون ڪري سڏيو هو ليڪن ان وقت سنڌ جي آبادي ۾ ڌارين جو انگ ايترو ڪو نه هو سواءِ لڏي آيل هندستانين جي جن کي مهاجر سڏيو ٿي ويو، ليڪن 1971ع جي صورتحال کان پوءِ حالتون سنڌ جي خلاف ٿينديون ويون. بنگلاديش جي وجود ۾ اچڻ سان لکين بهاري هن ملڪ ڏي اچڻ شروع ٿيا ۽ 90 سيڪڙو انهن جي آبادي سنڌ ۾ آباد ٿي افغان ثور انقلاب کان پوءِ تمام گھڻا افغاني جيڪي سرڪاري انگن اکرن مطابق پهريان 16 لک ٻڌايا ٿي ويا  حقيقت ۾ اهو تعداد ٻيڻ تي هو ڇو ته هن ملڪ جي اندر ادارن جي حالت جي پاڻ کي پوري طرح سان ڄاڻ آهي ته هو پنهنجو ڪم ڳڻپ يا انگ اکر ڪهڙي انداز ۾ ظاهر ڪندا آهن. سنڌين جي ڪروڌ کي سامهون رکي وفاقي سرڪار يا سنڌ سرڪار هر

وقت اهائي ڪوشش ڪئي آهي ته ڌاري آبادي جا انگ اکر گھٽ ڪري ڏيکاريا وڃن پر زميني حقيقتون سنڌي عوام جي اڳيان آهن. ڪراچي کان ڪشمور تائين ڌارين جون لوڌون ڪيئن پيون من موجيون ڪن ۽ مستيون ڪن. 73 جي آئين ۾ هن ملڪ جو ڪٿان جو به شهري ڪٿي به ڪنهن شهر ۾ رهڻ ۽ ملڪيت وٺڻ جو حق رکي ٿو ليڪن سنڌ جي صورتحال اها آهي ته هتي انهن به ملڪيتون ورتيون جن کي هتان جو سڃاڻپ ڪارڊ به نه هو. لکين افغانين برمين ۽ بنگالين هتي ملڪيتون خريد ڪرڻ شروع ڪيون ۽ اسان جي نادرا جي جادوگرن ڪمال جھلڪ تي انهن کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڪري گھر پهچايا. ڪيڏي به واويلا ٿي وٽ پڪڙ ٿي مجال آهي جو ڪو ماڻهو گرفتار ٿيو هجي يا ڪنهن کي سزا آئي هجي يا ڪنهن به هڪ غير قانوني رهندڙ کي سنڌ بدر ڪيو هجي. سنڌي ميڊيا ۽ سنڌ دوست ڌرين جو آواز وقت گذرڻ سان پراڻو ۽ ڪمزور ٿيندو پيو وڃي ۽ سنڌ حڪومت جا پير مير ڀوتار پنهنجي سياست ۽ اقتدار کي بي خوفي سان هلائيندي سڀ ڪجھه اهو پيا ڪن جنهن سان انهن جي لاءِ ڪو به مسئلو پيدا نه ٿئي. هاڻي هي سمجھه ۾ ڪنهن کي نٿو اچي ته توهان ڀلي آدمشماري ڪرايو ڪهڙي به آدمشماري ڊجٽيل يا سادي ليڪن انهيءَ ۾ اصلي رهاڪن جو خانو ۽ ڌاري آبادي جو خانو الڳ هجڻ گھرجي جيڪو ڪرڻ جي لاءِ هي تيار ناهن، جنهن جو مطلب صاف ۽ چٽو هي آهي ته هو سڀني کي برابري جا حق ڏئي ۽ لکن جي تعداد ۾ رهندڙ ماڻهن کي اڻ سڌي طرح سان نه پر سڌي طرح سان ڊجٽيل رجسٽريشن ڪندي انهن کي اهو حق پيا ڏين ته هو هتان جا رهندڙ شهري آهن ، انهيءَ ڪري هي حڪمران انهن غير قانونين رهندڙن کي ووٽ جو حق به ڏين ٿا. هاڻي جڏهن انهن کي رهائش ۽ ووٽ جو حق ملي ويو ته پوءِ صاف ۽ چٽو انهن لاءِ هي رستو نڪري ٿو ته هو هتان جا پڪا پختا شهري آهن جن جو معاشي حق به تسليم ڪيو ويو آهي ته انهن جو سياسي حق به تسليم ڪيو وڃي ٿو انهن کي جڏهن ووٽ جو حق ملي ٿو ته هو اليڪشن ۾ به بيهي سگھن ٿا. اسان کي انهن جي رهائش تي جيڪڏهن ڪو اعتراض آهي ته اهو ناهي ته هو انساني المين جو شڪار ٿي هتي پناھه نه وٺن ڀلي پاڻ بک ۾ مرون رهڻ جي سوڙھه سنگھوڙ ٿئي پر انسانيت جو دامن نه ڇڏينداسين ليڪن معاملو هن کان اڳتي هي آهي ته گھڻ قومي رياستن جي اندر مظلوم قومون هڪ ته پهريان ئي معاشي ۽ سياسي حقن کان محروم هونديون آهن ٻيو فاشياڻا سياسي رويا ۽ حق خود اختياري جي تحريڪن کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ غير جمهوري ۽ جابر قوتون نسل پرستي ۽ تعصب پرستي کي هوا ڏيندي هتي خطرناڪ صورتحال پيدا ڪندا رهيا آهن ۽ پيدا ڪندا رهندا. انهي سان گڏوگڏ هي به تاريخ جي هڪ اذيتناڪ حقيقت آهي ته غير قانوني آباد ٿيندڙ جن کي سيٽلر چيو ويندو آهي اهي پوري انساني تاريخ ۾ جتي جتي آباد ٿيا آهن انهن جو رويو اتان جي اصل آبادي ڏانهن دشمني وارو رهيو آهي يعني جيڪڏهن اسان ڏسنداسين ته ڪٿي به تعصبي رويو اصل آبادي وارن کان شروع ناهي ٿيندو پر سيٽلرز کان تعصبي رويو شروع ٿيندو آهي جيئن سائوٿ آفريڪا ۾ گورن کان نفرت ڪارن نه ڪئي هئي پر گورن اتان جي اصل رهندڙن يعني ڪاري آبادي کان انتهائي فاشياڻي رويي سان نفرت ڪئي. ساڳئي طرح فلسطين جي اندر يهودي آبادي فلسطين کان نفرت ڪئي فلطسينين انهن کان نفرت نه ڪئي هئي ( يهودين رڳو نفرت نه ڪئي پر حضرت موسيٰ کان مائگريشن جي حق کي تاريخي چوندي فلسطين جي سرزمين کي صرف ۽ صرف پنهنجو ملڪ چيو ۽ اها تاريخ جي عجيب فاشي تشريح آهي) پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ لڏي آيلن رڳو سنڌ سان نسلي تعصب نه ڪيو آهي پر بنگال سان جيڪو ٿيو ان جو هي نتيجو آهي ته بهاري شهري حقن کان محروم ڪيمپن ۾ رهن ٿا پاڻ انهن جي ڪردار ۽ تاريخ مان واقف آهيون ورجاءُ نٿا ڪريون پر هي تاريخي حقيقت آهي ته اڪثر سيٽلرز جو رويو تڪبري هجڻ سان گڏوگڏ منظم به هوندو آهي ڇو ته هو پنهنجو پاڻ کي هروقت غير محفوظ سمجھندا آهن. ڪجھه وقت اڳ ۾ افغانين پنهنجي فاشاڻي حرڪتن جو جيڪو مظاهرو ڪيو افغانستان جا جھنڊا جهولائي ڪيو ان جي ته پاڻ کي ٺيڪ طرح سان ڄاڻ آهي پر هن ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ جنهن پنهنجو سڄو آبادي جو توازن وڃائي ڇڏيو آهي سنڌ جا سياستدان گھڻو ڪري اقتدار پرست ٽولا جن کي سنڌ جي وسيلن سان ته لڳاءُ آهي پر پنهنجي قوم ٻولي ۽ تاريخ سان ڪو به لڳاءُ رکڻ پنهنجي بي عزتي سمجھندا آهن. هو پاڻ کي آمريڪي ، برطانوي ، فرينچ ۽ يورپين جا شهري تصور ڪندا آهن هنن جي لاءِ سنڌ کان وڌيڪ سڪون دبئي ۾ آهي انهن جو مسئلو اهو ناهي ته سنڌ جي ٽوپو گرافي بدلجندي سنڌي عوام جي سياسي ۽ معاشي حقن کي ڪئين ۽ ڪيترو برباد ڪندي ۽ نه وري ڳڻتي گھڻي متحده جي ڀائي لوڪن کي آهي ڇو ته اهي به هاڻي دولت ڪمائڻ کي اهميت ڏين ٿا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ پنهنجا آکيرا ٺاهڻ شروع ڪيا آهن. نسل پرستي جي سياست هنن جي سياسي ڌنڌي جو هٿيار آهي اصل مسئلو سنڌي عوام ۽ هتان جي مستقل رهندڙ ماڻهن جو آهي. هي ڊجٽيل آدمشماري حڪمرانن جي لاءِ اين ايف سي ايوارڊ جي لالچ ۽ ڌارين جي همدردي حاصل ڪري ووٽ حاصل ڪرڻ آهي پر سنڌ جي لاءِ هي ڊجيٽل آدمشماري نئون ڊجيٽل ون يونٽ ثابت ٿيندو جنهن ۾ اسان سنڌ ۾ رهندي سنڌي نه رهنداسين ۽ پنهنجي سياسي معاشي ۽ تاريخي حق کان محروم ٿي وينداسين.