کير ۾ ملاوٽ ٿيندڙ ڪيميڪل زھر آهي!

 

کاڌي جي استعمال هيٺ ايندڙ کير ۾ ڪيميڪل استعمال ٿيڻ سان مختلف بيماريون پيدا ٿين ٿيون، خاص ڪري سنڌ جي مختلف شھرن ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، تنگواڻي، غوثپور توڙي ٻين شھرن جي ماڻهن ۾ چانھ پيئڻ جو ڏاڍو شوق ھوندو آھي، جنهن جي ڪري واپاري توڙي ڪاروبار ڪندڙ پنھنجي کير ۾ ڪيميڪل ملائي کير کي تيار ڪري عام دڪانن تي وڪرو ڪن ٿا، جن ۾ ڊيري واپاري توڙي ھوٽلن تي کير جي چانھ ۾ استعمال ڪرڻ سان ھٿرادو کير گھاٽي ڪرڻ لاءِ ان ۾ ڪيميڪل جي ملاوٽ ڪري چانھ تيار ڪئي ويندي آهي، ان چانھ پيئڻ سان ڪيترائي ماڻهو مادي، ڪاري ڪامڻ، شوگر ۽ ٻين عام بيمارين جو شڪار بڻجي ويندا آهن پر ضلعي انتظاميا ڊي سي توڙي تعلقي جي مختيارڪار سميت بالا آفيسر به انھن دڪاندارن توڙي ڊيري فارم جي مالڪن جي خلاف ڪا به ڪارروائي نٿا ڪري سگھن. اهو ڪيميڪل زنده کير واپرائڻ سبب ڪافي معصوم ٻارڙا توڙي پوڙها بيماري جو شڪار بڻجن ٿا، چانھ جو اصل نشو اسان جي معاشري ۾ عام ۽ جام ٿي پيو آهي.

 

محمد ھارون نندواڻي/ڪشمور

 

واهي پانڌي، جوهي روڊ جي مرمت نه ٿي سگھي!

 

ٻوڏ بعد ھڪ عام چوڻي ھوندي ھئي ته ٻڏي جا ٻيڻا بعد ۾ ٻڏي جا ٽيڻا به ٻڌندا رھياسين، ھاڻ ته ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٽيڻا ڏھوڻا کان ڪانٽو وڃي لا محدود انگ تي پھتو آھي. ھيءَ تصوير جوھي واھي پانڌي روڊ جي آھي، ھن روڊ سان سئو کان وڌيڪ ڳوٺن جي ماڻھن جو اچ وڃ ٿئي ٿو، ٺيڪيدار ۽ انجنئر نامعلوم ماڻھن کي حصو پتي ڏئي لوڪل ريتي بجري جو استعمال ڪري خانه پوري ڪري ورتي آھي. ھتان نئين گاج جي پاڻي جو گذر ٿيندو آھي ۽ ھتان سرڪار جي وڏن ماڻھن جو به گذر ٿيندو آھي، پوءِ به اھڙو روڊ تعمير ٿيڻ سان شڪ پڪ ۾ تبديل ٿئي ٿو ته چورن سان چور مليل آھن ۽ ڀاڳيا مطلب ڪاڇي واسي سڀ خاموش آھن. پڙھيل به خاموش آهن ته اڻپڙھيل به ماٺ ڪري ويٺا آھن. ٺيڪيدار ته پاڻ صاحب سندس سنگت به صاحبن سان ته اھڙا روڊ ڇو ڪونه ٺھندا؟ ڪاڇي وارن سان وڏو ظلم آهي.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي

 

تنهنجي نيڻن ۾ سمايل سموري سنڌ آ!

 

آئون هڪڙو اهڙو ديوانو فقير آھيان جيڪو ڪشڪول کڻي سنڌ جي هر علائقي ۽ وستي وستي گھمندو آھيان، پئسن خاطر نه! خالي حسن جي ديدار لاءِ، پنهنجي سلامي ڀريندو آھيان، جهڙي صورت تهڙي سيرت، مولا مهربان آھي، انهن حسن وارن جو آئون به هڪڙو سوالي آھيان، گل اوهان ڏٽا هوندا هر رنگ ۽ روپ جا پر ڪجھ ڪارڙا ۽ ڪجهه هوندا آھن ڀورڙا. ڪهڙي ڳالھ ڪجي تن جي، جيڪي دلين ۾ اڻپورا سمايل آھن، تنهن ۾ هڪڙي ماڻھوءَ جي ڳالھ آ، جيڪو هي لکيل سڀ ڪجھ رڳو ان جي ئي نانءُ آ، جنهن جو نالو ته خوب نرالو آ سنڌ جي صنوبر جي نانءُ آ، صورت، خوبصورت نشيلي خمار آ ۽ نگاھ سنڌ دھرتي جو شان آ، صنوبر سارو سچ آ، صنوبر سموري سنڌ آ، هر هڪ گل پهل جي هوءَ خوشبوءِ هر رنگ جو هو رنگ آ، لکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه اوهان جي بابت، اوهان جي سونهن تي لکان ۽ ڪالم ھي سڀ ڀريان، تڏھن به جيڪر آئون پورو ڪين پوان. اوهان جي نثري نظمن ۾ شايد ڪا لڪيل داستان آھي، جيڪي ڇپيل دل جو راز آھي، شايد هيءَ به هڪڙي ٽياڪڙي راند آهي، جنهن ۾ شڪست اسان جي مقدر کي بدلائڻ جو به وڏو ڪو اسٽيپ آهي، بهتر خدا ٿو ڄاڻي پر دعائن ۾ به وڏو اثر انداز آهي، جنهن جي ڪري اوهان تي لکڻ لاءِ هن بيجان جسم ۽ دل گهڻو مجبور ڪيو، بي شعور هن پنهور اصغر کي علم جي ٿورائيءَ موجب سوچڻ بنا سمجهڻ جي ايڏي پئماني تي لکڻ جو شعور ڏنو ۽ خدا داد صلاحيت جو اوهان لاءِ ثبوت ڏنو، ته اوهان اسان جا استاد آھيو، مان ۽ مرتبي جا حقيقت ۾ حقدار آھيو ۽ اوهان کي ڏسڻ سان ئي اسان جي سوچ هي بدلي، لکڻ جي شروعات اوهان کان شروع ٿي، ڪوشش آھي هر دم اوهان تي ئي ختم ٿي نظم، هجن توڙي لکيل بيت منهنجا، شاعري ھجي يا لکيل ليک سارا. فقت صنوبر اوهان جي ئي نظر ڪيا آھن، ھي سارا سمورا.

 

اصغر پنهور/ ڪورنگي، ڪراچي

 

پاڪستان جي بحرانن جا سبب!

 

پاڪستان مختلف بحرانن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جيڪي تاريخي، سياسي، معاشي ۽ سماجي عنصرن جي ميلاپ ۾ جڙيل آهن. پاڪستان جي بحرانن کي منهن ڏيڻ جا ڪجهه اهم سبب هي آهن:(1) سياسي عدم استحڪام: پاڪستان ۾ سياسي عدم استحڪام جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي، بار بار فوجي بغاوتن ۽ حڪومت ۾ تبديليون. ان ڪري پاليسين ۽ گورننس ۾ تسلسل جي کوٽ پيدا ٿي آهي ۽ ملڪ جي معاشي ۽ سماجي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي.(2) دهشتگردي ۽ سيڪيورٽي چئلينجز: پاڪستان ڪيترن ئي سالن کان دهشتگردي ۽ انتهاپسند گروهن کان هڪ اهم چئلينج کي منهن ڏئي رهيو آهي. انهن گروهن، شهرين، سرڪاري اهلڪارن ۽ سيڪيورٽي فورسز تي حملا ڪيا آهن ۽ ملڪ جي معيشت ۽ سماجي ڍانچي کي وڏو نقصان پهچايو آهي.(3) معاشي چئلينجز: پاڪستان جي معيشت تازن سالن ۾ جدوجهد ڪئي آهي، افراط زر، بيروزگاري ۽ قرض جي بلند سطح سان، ملڪ کي غير ملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ ان جي برآمداتي مقابلي کي بهتر بڻائڻ ۾ چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو.(4) بدعنواني: ڪرپشن پاڪستان ۾ هڪ اهم مسئلو آهي، ڪيترن ئي سرڪاري آفيسرن ۽ سياستدانن تي غبنن، رشوت ۽ بدانتظامي جي ٻين قسمن جا الزام آهن. هن ملڪ جي معاشي ۽ سياسي استحڪام کي نقصان پهچايو آهي ۽ ٻين چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن کي روڪيو آهي.(5) سماجي مسئلا: پاڪستان ڪيترن ئي سماجي مسئلن کي منهن ڏئي ٿو، جن ۾ غربت، صنفي عدم مساوات ۽ مذهبي تڪرار شامل آهن. انهن مسئلن سماجي هم آهنگي جي کوٽ جو سبب بڻيا آهن ۽ ملڪ لاءِ پنهنجي ترقي جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيدا ڪيون آهن. مجموعي طور تي، پاڪستان کي درپيش چيلينج پيچيده ۽ هڪ ٻئي سان جڙيل آهن، جن کي اثرائتي نموني سان حل ڪرڻ لاءِ لاڳيتين ڪوششن ۽ سياسي ارادي جي ضرورت پوندي.

 

نعيم رزاق انڙ/ڪراچي

مھانگائي سبب ذھني مريض بڻيل عوام!

 

آءِ ايم ايف جي ڳرن شرطن واري قرض سبب ملڪ جي غريب عوام کي ذھني مريض بڻائي ڇڏيو آهي، آءِ ايم ايف واري بجيٽ سبب مسڪين ھاري مزدور غريب طبقو وڌيڪ پريشان ٿي ويو آهي، امير، ڀوتار، سرمائيدار وڌيڪ امير ٿيندو پيو وڃي، جڏهن ته غريب طبقو ويتر غريب ٿيندو پيو وڃي. وفاقي سرڪار روز پيٽرول ۽ ڊيزن جي اگھن ۾ واڌ ڪندي رھي ٿي. ھڪ مھيني ۾ 2 ڀيرا تيل جي اگھن ۾ 30 کان 40 رپيا في ليٽر جو اضافو ڪيو وڃي ٿو، تيل جي قيمت وڌي وڃڻ سان ڳاٽيٽوڙ مهانگائيءَ ۾ اضافو ڪري غريب عوام کي بک بدحاليءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو ٿو وڃي. کاڌي پيتي، عام واھپي جي شين جي اگھن ۾ اضافو ٿيو وڃي، ان سان غريب مسڪين ڏھاڙي ڪمائندڙ رکي سکي ماني به کائڻ لاءِ پريشان آهي. اٽو مھانگو ھجڻ غريب هڪ ويلو ماني به نٿو کائي سگهي، ايتري مھانگائي وڌي وڃڻ سان حڪمرانن جي ڪن تي جونءِ به نه ٿي چُري، رڳو عوام اھو سوچي رھيو آهي ته پيٽ گذر ڪيئن ٿيندو؟ غريب پيٽ خاطر آپگھات ڪري رھيا آهن، غريب عوام جا نفيساتي مسئلا ڏينھون ڏينهن وڌندا پيا ،وڃن ھڪ پاسي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ جو طوفان آهي ته ٻئي پاسي قدرتي وسيلن ۽ زراعت کي تباهه ڪيو پيو وڃي، سنڌ جي عوام سدائين پپلزپارٽي کي ووٽ ڏئي اعليٰ ايوانن تائين پھچايو آهي، ان جي بدلي ۾ سنڌ جي عوام کي هن هميشه بک، بدحالي، بيروزگاريءَ کان سوآءِ ڪجهه به نه ڏنو آهي. ٻوڏ سبب غريب ماروئڙن جا گهر اجڙي ويا، ٻوڏ کي 6 مھينا گذري چڪا آهن گهر ٺھرائڻ لاءِ گهر گهر سروي ٿي، اڃا تائين ٻوڏ متاثرن کي گهر ٺھرائڻ لاءِ پئسا جاري نه ٿيا آھن. سنڌ سرڪار پاران ھر مھيني ۾ 2 ڀيرا اعلان ڪيو ٿو وڃي، رڳو سکڻن اعلان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نٿو ملي. سنڌ ۾ صحت جو سھولتون اڻلڀ آهن، چونڊيل نمائندا ننڍ ستل آهن، اسپتالن ۾ سرنج به نٿي ملي، سنڌ قدرتي وسيلن سان مالامال ھوندي به سنڌ جو غريب عوام ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ به پريشان آهي. جيسيتائين سنڌ جو عوام پنهنجن حقن خاطر سڄاڳ نه ٿيندو ۽ آواز نه اٿارينداسين ايئن پيا روز روز مرنداسين ۽ رڙنداسين. حڪومت کي گھرجي ته خدارا غريبن مسڪينن تي رحم ڪري مھانگائي ختم ڪري ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪري.

 

منظورعلي زرداري/سڪرنڊ

 

اوھان جي سڀاڻي جو دارومدار اڄ تي آھي!‎‎

 

جيڪڏهن اوهان اڄ کان ئي لاڳيتو محنت و جاکوڙ جاري رکي ته اوھان جي سڀاڻي بهتر ٿي سگهي ٿو پر جي اوھان اڄ ڏکيائين ۽ محنت کان ڪيٻايو ٿا ۽ جدوجهد کان پاسو ڪريو ٿا ته پوءِ ايندڙ سالن تائين خوشحالي جي اميد به نه رکو. جيئن رب جليل مايوسيءَ کان منع فرمايو آهي. اهوئي رب جليل پروردگار عالم حلال رزق جي ڪوشش جو حڪم به ڪيو آھي. رب پاڪ ڪنھن جي به محنت زيان ناھي ڪندو، ڏئي ته ان کان ڪوئي پڇڻ وارو ناهي ۽ ھا وري رب جليل جي ذات حلال رزق جي ڪوشش ڪندڙن کي مايوس به نٿي ڪري. زندگي ھڪ امتحان به آھي ته وري ٻئي امتحان جي تياريءَ وارو ڪلاس به آھي، ڳالھ وڏي آ، سياڻن لاءِ اشارو ڪافي آ، جيئن حساب ڪتاب وقت رب جليل جي ڏنل ھر نعمت جو حساب ٿيندو، اتي ئي ھڪ نعمت وقت به آھي، جتي ان جو حساب به ٿيندو ته پوءِ ڇو نه اڄ ئي ان وقت جي اسين ڪائونسلنگ ڪريون ۽ ان جو صحيح صحيح استعمال ڪيون ۽ پنھنجي سڀاڻي کي بھتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون، مددگار رب سائين ثابت ٿيندو. سڀاڻي جو دارومدار اڄ تي آھي، مطلب اڄ جو ڏنل وقت اوھان ڪيئن استعمال ڪيو؟ سڀاڻي ان جي نتيجي لاءِ تيار رھو! ڇا اوھان سڄو ڏينھن ڊراڙون، ڊسون، ڀوڳ، چرچا يا وري خيالي پلاءَ ۽ ڪاھلي ۽ سستي ۾ ڏينھن گذاري ڇڏيو؟ يا اطاعت رب جليل و ايمانداري ۽ محنت ۽ جدوجهد ۽ حلال رزق جي ڳولا، پلاننگ ۽ والدين ۽ خلق جي خدمت ۾ اڄ مصروف عمل رھيو؟

عبدالقدير جانوري/لقمان ڦاٽڪ، خيرپورميرس