ڇا اتحادي حڪومت ڦاسي پئي آهي ؟

0
163
ڇا عمران خان بند گهٽي ۾ ڦاسي پيو آهي ؟

  “ايڪ زرداري سب په ڀاري” جو نعرو ته اڳوڻي صدر آصف زرداري لاءِ هنيو ويندو آھي، پر بي اعتمادي جي رٿ بعد جيڪا ملڪ اندر سياسي صورتحال پيدا ٿي آھي ان صورتحال ۾ هر ڪو محسوس ڪري رهيو آھي ته عمران خان نه رڳو سمورين سياسي پارٽين تي ڀاري ٿي رهيو آھي پر عمران خان ملڪ اندر طاقت ۽ اقتدار جو محور تصور ٿيندڙ اسٽيبلشمينٽ تي به ڀاري ٿيندي محسوس ٿي رهيو آھي. جنهن عمران خان کي موجوده حڪمران اتحاد ۾ شامل پارٽين جا اڳواڻ ناتجربيڪار سياستدان سمجهي رهيا هئا ان عمران خان وڏي چالاڪي ۽ آرٽ سان عوام جو ڌيان حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي سوڌو مهانگائي جي آندل سونامي تان  هٽائي عوام کي اهو باور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيو آھي ته ان جي حڪومت کي موجوده حڪومت ۾ شامل پارٽين آمريڪا سان ملي هٽايو آھي. عمران خان پنهنجي حڪومت خلاف غيرملڪي سازش تي ٻڌل ڪهاڻي قسطن ۾ ڪنهن وڏي اداڪار وانگر ٻڌائي رهيو آھي. جلسي ۾ خط لهرائي حڪومت خلاف سازش جي ڪهاڻي جي ڊراما سيريل شروع ڪندڙ عمران خان جڏهن پهريان مهارت سان حڪومت خلاف سازش ڪرڻ ۾ آمريڪا جو نالو کنيو هو ته اڪثر ماڻهو محسوس ڪري رهيا هئا ته آمريڪا جو نالو عمران خان کان زبان ترڪڻ ڪري نڪتو آھي پر اڳتي هلي اهو واضح ٿيو ته اها عمران خان جي مهارت هئي، ان بعد عمران خان آمريڪا جو بار بار نالو کڻي رهيو آھي.

اسان جي ملڪ ۾ سياست  گهڻي وقت کان آمريڪا جي  مخالفت تي ٿيندي رهي آھي اسان وٽ ڇا دنيا اندر آمريڪا کي ولين ڪري پيش ڪيو ويندو رهيو آھي. آمريڪا جي ملڪن سان سلوڪ جا قصا ڪهاڻيون هر ماڻهن تائين پهتل هيون ان ڪري عمران خان جي حڪومت خلاف سازش ۾ عمران خان پهريان ذوالفقار ڀٽو سان آمريڪا جي سازش کي بيان ڪيو پوءِ سويت يونين ۾ پاڪستان پاران آمريڪا جي چوڻ تي جهادي پيدا ڪرڻ جي ڪهاڻي جوڙي ۽ پوءِ آمريڪا جي افغانستان اچڻ تي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي شموليت کي آمريڪا جي غلامي قرار ڏئي انهن سچن واقعن سان گڏ پنهنجي حڪومت خلاف سازش تي ٻڌل بظاهر خيالي ڪهاڻي لڳندڙ ڪهاڻي کي جوڙي پيش ڪيو. عمران خان پنهنجي حڪومت خلاف غيرملڪي سازش جي ڪهاڻي ۾ ن ليگ سربراهه نواز شريف، اڳوڻي صدر آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ پي ٽي آءِ جي منحرف ميمبرن کي جوڙي پيش ڪيو، ايئن هو وڌندي وڌندي اسٽبلشمينٽ تائين اچي پهتو آھي. عمران خان حڪومت خلاف غيرملڪي سازش جي ڪهاڻي ۾ اهو چئي اسٽبلشمينٽ کي به شامل ڪري ڇڏيو آھي ته “ جن کي ملڪ خلاف سازش روڪڻي هئي انهن کي ٻڌائي ڇڏيو هو پر انهن اها سازش نه روڪي” مزي جي ڳالھه اها آھي ته عمران حڪومت خلاف سازش جا ڪي به ثبوت نه ملڻ بابت عسڪري قيادت ۽ انٽيليجنس ادارن هڪ کان وڌيڪ ڀيرا واضح ڪيو آھي پر پوءِ به عمران خان ان جي ملڪ مٿان اثرن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ  ان سازش واري ڪهاڻي تان دستبردار ته نه ٿيو آھي پر ان ڪهاڻي تي ٻڌل سيريل کي ڊيگهه ڏئي رهيو آھي.

توڙي جو عمران حڪومت ۾ سڌسماءَ جو وفاقي وزير يعني عمران حڪومت جو ترجمان رهندڙ فواد چوڌري انٽرويو ۾ اهو چئي چڪو آھي  ته “جيڪڏهن  اسان جا تعلقات اسٽبلشمينٽ سان خراب نه ٿين ها ته هن وقت به حڪومت ۾ هجون ها ”. عمران خان جلسن ۾ حڪومت جي ڪارڪردگي بيان ڪرڻ ۽ وري حڪومت ۾ اچي ڇا ڪندو جي پاليسي بجاءِ غيرملڪي سازش ۽ اسٽبلشمينٽ خلاف بيانيي جي پرچار ڪري رهيو آھي. عمران خان اهو وساري ويٺو آھي ته هو ملڪي معيشت کي ڪهڙي خطرناڪ هنڌ پهچائي ويو آھي عمران خان اهو به وساري ويٺو ته ملڪ جي معيشت غيرملڪي قرضن تي هلي رهي آھي ۽ عمران خان حڪومت پاڻ آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو هو ته پيٽروليم مصنوعات تي سبسڊي ختم ڪري في ليٽر تي پيٽروليم ليوي 30 روپيا وصول ڪئي ويندي ان کانسواءِ پيٽرول مصنوعات تي سترنهن سيڪڙو جي ايس ٽي به وصول ڪئي ويندي. نه رڳو ايترو پر عمران حڪومت اهو آءِ ايم ايف سان طئي ڪري وئي هئي ته هلندڙ سال پرائمري خسارو 25 ارب تي آندو ويندو پر عمران خان حڪومت پرائمري خساري کي 1320 ارب روپين تي پهچائي وئي.

ان خساري کي ان هنڌ تائين عمران خان پهچائي ويو آھي جو ھي حڪومت چاهي به ته  خساري کي 25 ارب تي نٿي آڻي سگهي.  عمران خان کي جڏهن محسوس ٿيو ته ان جي حڪومت ختم ٿي ويندي ته هن  وڃڻ وقت پيٽرول جون قيمتون گهٽ ڪري جي ايس ٽي کي زيرو ڪيو کيس  معلوم هو ته جيڪڏهن ايندڙ حڪومت قيمتن ۾ واڌ نه ڪئي ته آءِ ايم ايف طرفان قرض نه ملندو ۽ جي واڌ ڪئي ته  عوام حڪومت خلاف ٿيندي ان جو فائدو عمران خان کي ٿيندو. عمران خان پنهنجي حڪومت جي آخري مهينن ۾ ملڪ جو سوچڻ بجاءِ رڳو پنهنجي سياست تي فوڪس ڪيو جنهن ڪري حالتون ان هنڌ تي پهتيون آھن جو ملڪ جا هن وقت مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا جيڪي 10 ارب ڊالر جا آھن اهي چين ۽ سعودي عرب پاران ان شرط تي رکرايا ويا آھن ته انهن کي خرچ نٿو ڪري سگهجي. مطلب ته پاڪستان وٽ پرڏيھه مان پيٽرول، ايل اين جي، داليون، گيھه خريد ڪرڻ جي رقم نه آھي.

پاڪستان جي ڪل آبادي ۾ اڪثريت آبادي غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گذاري رهي آھي،جن لاءِ ٽن ويلن جي ماني جو بندوبست ڪرڻ به ناممڪن بڻجي ويو آھي ڇو ته گذريل ٽن سالن ۾ احساس ۽ رياست مدينه جون ڳالهيون ڪندڙ حڪومت گيھه جي في ڪلو قيمت ڏيڍ سو روپين کان وڌائي پنج سو روپين تي پهچائي ڇڏي آھي. اٽو 35 روپين کان وڌي سو روپين جي لڳ ڀڳ في ڪلو ٿي ويو آھي. ايئن هر شيءَ جا اگھه آسمان تي وڃي پهتا آھن اهڙي مهانگائي جي سونامي واري صورتحال ۾ ملڪ اندر غريب ماڻهن لاءِ ٽن ويلن جي ماني جي پورت ڪرڻ  مشڪل ٿي ويل آھي پوءِ اهو غريب طبقو پنهنجي ٻارڙن جي پڙهائي لاءِ خرچ ڪٿان آڻيندو. عمران خان حڪومت کي آخري سال ۾ هٽائڻ جا نتيجا ڇا ٿيندا وارو سوال بظاهر ٻه ۽ ٻه چار وانگر سولو سوال هو. هن وقت حڪومتي اتحاد کي خبر نه آھي اهو سادو سوال سمجھه ۾ اچڻ باوجود اهو اتحاد کڏي مان نڪري کوھه ۾ اچي ڪرڻ جو فيصلو ڇو ڪيو؟  موجوده حڪمران اتحاد ان بابت واضح طور لب ڪشائي به نه پيو ڪري سگهي ۽ اچي اهڙي صورتحال ۾ ڦاٿو آھي جو هن وقت حڪومت ڇڏي ٿو ته به ان جي سياسي قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي ۽ موجوده معاشي صورتحال ۾ حڪومت ڪن ٿا ته به مسئلن جي ڪن ۾ هليا وڃن ٿا.

کين گمان آھي ته ڪٿي هو معيشت جي بهتري لاءِ هن وقت سخت فيصلا ڪن ۽ معيشت بهتري طرف اچڻ واري ٿئي ته ڪٿي دٻاءَ تحت جلد نئين عام چونڊ نه ڪرائي وڃي. اهو چيو پيو وڃي ته آڪٽوبر ۾ چونڊون ٿي سگهن ٿيون جنهن عمران خان جي حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي سبب اهو امڪان ڏيکاريو پئي ويو ته ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي بري شڪست ملندي پر عمران خان حڪومت کي بي اعتمادي جي رٿ ذريعي هٽائڻ بعد عمران خان موجوده حڪومت لاءِ چئلينج ٿي چڪو آھي. اسلام آباد ۾ اهي ڳالهيون عام آھن ته عمران خان سان نظر نه ايندڙ طاقتور ڌرين جي اڪثريت گڏ آھي. چون ٿا ته ميان نواز شريف به لنڊن ۾ٿيل اجلاس ۾ اها شڪايت ڪئي ته منهنجو ڀاءُ شهباز شريف وزير اعظم آھي پر منهنجو ملڪ جي ٽي وي تي ٽڪر به نٿو هلي سگهي ڇا مون عمران خان کان وڌيڪ اسٽبلشمينٽ خلاف ڳالهايو آھي؟ نواز شريف جو سوال پنهنجي جاءِ تي وزنائتو آھي. ڪجھه سال اڳ نالو کڻڻ کانسواءِ اڳوڻي صدر جڏهن “اينٽ سي اينٽ بجا دينگي” وارو بيان ڏنو ته کيس سال تائين ان جا اثر ڀوڳڻا پيا هئا ۽ هاڻي تازو جڏهن هن ڪراچي ۾ جنرل فيض حميد جو نالو کڻي ڳالھه ڪئي ته پاڪ فوج جي ترجمان پاران سخت بيان جاري ڪيو ويو پر عمران خان هر روز جيڪا طاقتور ڌرين تي تنقيد ڪري رهيو آھي ان بابت ڪڏهن به ڪو وضاحتي بيان جاري نه ڪيو ويو آهي،

اهو ئي سبب آھي جو اڄ به موجوده حڪمران اتحاد ۾شامل ڪيترا ئي اڳواڻ عمران خان کي لاڏلو سڏي رهيا آھن. ڪجھه ماڻهن جو اهو چوڻ درست آھي ته جيتري اسٽبلشمينٽ مٿان سخت  تنقيد ۽ الزام عمران خان لڳايا آھن اوترا الزام جيڪڏهن ڪو سنڌي يا بلوچ لڳائي ها ته انهن کي شايد ئي برداشت ڪيو وڃي ها پر ان باوجود عمران خان سان ريٽائر فوجي وڏي تعداد ۾ گڏ آھن ۽ اهي عمران خان جو دفاع ڪري رهيا آھن. اوهان کي ٻڌايان ته موجوده حڪمران اتحاد ۾ شامل پارٽين جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي اهو گمان ٿيڻ لڳو آھي ته ڪٿي عمران خان کي وري واضح اڪثريت سان چونڊرائڻ لاءِ ڪنهن پلان تي ڪم ته نه ٿي رهيو آھي. حڪمران اتحاد جا ڪجھه اڳواڻ اهو سمجهن ٿا ته عمران خان جيئن سازش واري ڪهاڻي کي هلائي رهيو آھي اهو سندس وس ۽ عقل کان مٿاهين ڳالهه آھي کيس ڪنهن اسڪرپٽ رائيٽر ۽ پلانر جون خدمتون آھن.  اهي سوال پنهنجي جاءِ تي پر شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيل اتحادي پارٽين جي سربراهن جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آھي ته ملڪ خاطر معيشت کي هٿي ڏيڻ لاءِ موجوده حڪومت آگسٽ 2023ع تائين پنهنجي آئيني مدت پوري ڪندي. هاڻي ڏسجي ته 20 مئي بعد عمران خان ڪهڙو اعلان ڪرڻ وارو آھي ڇا عمران خان عوام کي وڏي تعداد ۾ اسلام آباد آڻي طاقتور ڌرين کي وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿو. آخر ۾ پنجاب صوبي اندر پيدا آئيني بحران تي نظر وجهون ٿا.

ملڪ جي ڪل آبادي مان پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي رکندڙ پنجاب صوبي ۾ پهريان ئي آئيني بحران هلي رهيو هيو، صدر وزير اعظم جي گورنر پنجاب کي هٽائڻ واري سمري رد ڪري گورنر پنجاب کي هٽائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.  وفاقي حڪومت اهو چئي رهي آھي ته گورنر پنجاب هاڻي عهدي تي نه رهيو آھي، گورنر جي عدم موجودگي ۾ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر کي قائم مقام گورنر ٿيڻو هو پر نه هو ان عهدي تي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آھي نه ئي پنهنجي خلاف جمع ٿيل بي اعتمادي جي رٿ تي ووٽنگ لاءِ اجلاس طلب ڪري رهيو آھي، مٿان سپريم ڪورٽ آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ جيڪو فيصلو ٻڌايو آھي ان فيصلي سان پنجاب صوبي اندر حڪمراني جي حوالي سان بحران وڌيڪ ڪشيدگي اختيار ڪري وڃڻ جا واضح امڪان آھن. سپريم ڪورٽ کي ته ريفرنس 63 اي جي تشريح لاءِ موڪليو ويو هو جنهن ۾ وزير اعظم، وڏي وزير جي چونڊ ، بجيٽ، آئيني ترميم ۾ پارٽي جي مرضي خلاف  ووٽ ڏيندڙ ميمبر کي سيٽ تان نااهل ڪرڻ جو پورو طريقيڪار ڏنو ويو آھي. سپريم ڪورٽ جيڪو ريفرنس تي فيصلو ٻن ميمبرن جي مقابلي ۾ ٽن ميمبرن جي اڪٽريت سان فيصلو ڏنو آھي ان سان  آئين جو اهو آرٽيڪل ۽ ان ۾ ڏنل طريقيڪار به غير موثر ٿي ويو آھي ڇو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي راءِ ڏئي سگهجي ٿي ان ڪري اهو چوڻ چاهيان ٿو ته جيڪو فيصلو سپريم ڪورٽ ڏنو آھي اهو تشريح گهٽ پر پنهنجي فيصلي جي صورت ۾ اهڙي سزا مقرر ڪري ڇڏي آھي جنهن جو آئين ۾ ڪو ذڪر ئي نه آھي.

منهنجي خيال ۾ اهو فيصلو ان آرٽيڪل جي تشريح گهٽ پر آئين ۾ عدالت ذريعي ترميم وڌيڪ لڳي رهيو آھي. سپريم ڪورٽ جيڪو فيصلو ڏنو آھي ان بابت آئين ٺاهيندڙن جي ذهن ۾ به گمان نه آيو هوندو پر ان ريفرنس جي حق ۾ ڳالهائيندڙ پي ٽي آءِ دور جي اٽارني جنرل خالد جاويد به اهو چئي رهيو هو ته ڪو به منحرف ميمبر جيڪڏهن پارٽي جي هدايتن جي ابتڙ ووٽ ڪيو ته اهو ووٽ ته شمار ڪيو ويندو پر پارٽي جي هدايتن کي نه مڃڻ تي اهو ميمبر نااهل ٿي ويندو. پر سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو آھي ته منحرف ميمبرن جو ووٽ شمار ئي نه ٿيندو. ان فيصلي کي ڏسجي ته جن پي ٽي آءِ جي 25 منحرف ميمبرن ن ليگ جي حمزه شهباز کي ووٽ ڏنو انهن جا ووٽ شمار نه ٿين ته پوءِ حمزه شهباز جي پنجاب حڪومت جي مستقبل بابت سنجيده سوال پيدا ٿي وڃن ٿا نه رڳو ايترو پر ان پي ٽي آءِ جي 25 ميمبرن جي نااهلي بعد پنجاب ۾ حڪومت قائم ڪرڻ جيترا 186 ميمبر نه پي ٽي آءِ وٽ باقي رهن ٿا نه ئي نه ليگ وٽ ئي وري حڪومت قائم ڪرڻ جيترا ووٽ باقي. مطلب ته پنجاب صوبي ۾ پيدا ٿيل آئيني بحران وڌيڪ ڳنڀير ٿيندو اهو ئي سبب آھي ته اهو مامرو ٻيهر ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سپريم ڪورٽ پهچندي نظر اچي رهيو آھي.