فيصلن ۾ دير سياسي معاشي ۽ آئيني بحران وڌائي رهي آهي

0
161
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ملڪ ۾ بحرانن تي بحران جاري آهن،سياسي،معاشي ۽ آئيني بحران مان ڪنهن هڪ مان به جلد جان ڇٽڻ جي اميد نظر نه ٿي اچي.هڪڙي معاملي کي سڌو ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون ته ان مان ٻيون ڪيتريون ئي شيون نڪري ٿيون اچن. ايئن چئجي ته هن وقت ملڪي ڪاروهنوار ان سٽ جيان ٿيندو پيو وڃي جنهن کي سلجهائڻ جي ڪوشش ۾ اهو ويتر منجهندو پيو وڃي.ان صورتحال جو فائدو وٺندي مخالف ڌر حڪومت تي سياسي حملن مٿان حملا ڪري رهي آهي ۽ حڪومت آهي جيڪا پنهنجو بچاءُ ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي نه ئي وري ڪا واضح حڪمت عملي جوڙي سگهي آهي ته آخر ڪرڻو ڇا آهي ۽ ڪيئن هن صورتحال مان حڪومت، ملڪي ڪاروهنوار ۽ نظام کي ڪڍي اڳتي وٺي وڃڻو آهي جنهن ڪري ملڪ ۾ هڪ غير يقيني واري صورتحال پيدا ٿيندي نظر اچي رهي آهي.

جڏهن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي جي رث پيش ٿي ۽ اهو خطرو پيدا ٿيو ته پي ٽي آءِ جا ڪجهه ميمبر پنهنجي پارٽي جي وزيراعظم خلاف ووٽ ڪندا ته صدر آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ سپريم ڪورٽ ڏانهن ريفرنس موڪلي راءِ گهري ته ڇا منحرف ميمبرن کي تاحيات نااهل  نٿو ڪري سگهجي؟ ان سان گڏ ٻيا سوال به انهي ريفرنس ۾ شامل هئا جن تي ٻه ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ پنهنجي راءِ ڏئي ڇڏي آهي. توڙي جو سپريم ڪورٽ منحرف ميمبرن جي تاحيات نااهلي يا ٻي ڪا سزا ڏيڻ جو معاملو پارليامينٽ تي ئي ڇڏي ڏنو آهي پر اهو فيصلو ضرور ڏنو آهي ته منحرف ميمبرن جو ووٽ  ڳڻپ ۾ نه ايندو.سپريم ڪورٽ جي اهڙي راءِ کانپوءِ معاملو وڌيڪ منجهي ويو آهي، خاص ڪري پنجاب جي حڪومت تي ان جا تمام گهڻا اثر پئجي سگهن ٿا.

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ دوران ان وقت جي مخالف ڌر انهي ريفرنس کي نظر ۾ رکي منحرف ميمبرن کان ووٽ نه ڏياريا ڇاڪاڻ ته کين اتحادين جي حمايت حاصل ٿي وئي هئي پر پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي 25 اهڙن منحرف ميمبرن حمزه شهباز کي ووٽ ڏنو هو تنهن ڪري هاڻي انهي جي چونڊکي  تڪراري ڪوٺيو پيو وڃي. جنهن سان اتي اڳ ئي موجود آئيني مسئلو وڌيڪ بحراني صورتحال اختيار ڪندو پيو وڃي. اڃا تائين اتي گورنر جي مقرري نه ٿي سگهي آهي.اسپيڪر قائم مقام گورنر جي چارج وٺڻ لاءِ تيار ناهي ته مٿان هي معاملو اچي ويو آهي جنهن ڪري ملڪ جو سڀ کان وڏو صوبو بنا گورنر ۽ بنا ڪابينا جي هلي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته گورنر جي مقرري نه ٿيڻ سبب ڪابينا جي جوڙجڪ به مڪمل نه ٿي سگهي آهي. ملڪ ۾ موجود اهڙي سياسي ۽ آئيني بحران سبب معيشت تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن جيڪا اڳ ئي خراب حالت ۾ آهي.

 اسان سمجهون ٿا ته انهي آئيني،سياسي بحران سبب معاشي حالتون ڏينهون ڏينهن خرابي طرف وڌي رهيون آهن ۽ ملڪي ڪاروهنوار ڄڻ ته هڪ هنڌ بيهي رهيو آهي ۽ وفاقي حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽيون به صورتحال بلڪل صاف ٿيڻ تائين ڪي ڳرا ۽ وڏا فيصلا ڪرڻ کان لهرائي رهيون آهن ته جيئن کين ڪو سياسي نقصان نه ٿئي. حڪومت جيڪڏهن انهن معاملن کي سڌو ڪرڻ لاءِ ڪي فيصلا ڪرڻ ۾ اڃا به ٻڏتر جو شڪار رهي ته اهو سياسي،آئيني ۽ معاشي بحران اڃا به وڌندو ۽ انهن ٽنهي بحرانن کي هڪ ئي وقت منهن ڏيڻ ڪنهن جي به وس ۾ نه رهندو جيڪو ڪنهن به ريت ملڪي نظام،ڪاروهنوار لاءِ مثبت نه هوندو.