چونڊ شيڊيول جاري ٿيڻ باوجود غير يقيني صورتحال

0
174
مني بجيٽ، عوام تي بار ۽ چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي

جيتوڻيڪ اليڪشن ڪميشن پنجاب اسيمبلي جي تڪن تي 30 اپريل تي عام چونڊون ڪرائڻ جو چونڊ شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آھي پر ان هوندي به غير يقيني جي صورتحال قائم آھي ۽ اڃان به سياس، صحافتي حلقن ۾ اهو سوال بحث هيٺ اچي رهيو آھي ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي صوبن جي صوبائي اسيمبلين جي تڪن تي ڌار ڌار چونڊون ٿينديون يا ڄاڻايل ٻنهي صوبن سميت سنڌ، بلوچستان صوبن جي صوبائي تڪن ۽ قومي اسيمبلي جي تڪن تي هڪ ئي وقت عام چونڊون ٿينديون. ملڪ جي گادي واري شهر  اسلام آباد ۾ ان حوالي سان اهي ڳالهيون گردش ڪري رهيون آھن ته طاقتور ڌريون سمجهن ٿيون ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي صوبن جي صوبائي اسيمبلين جون ڌار ڌار ۽ باقي صوبن ۽ قومي اسيمبلي ۾ چونڊون ڌار ٿيڻ سان ملڪ اندر سياسي حالتون خراب ٿينديون، ان ڪري ملڪ اندر چئني صوبائي اسيمبلين ۽ قومي اسيمبلي جي تڪن تي هڪ ئي ڏينهن تي چونڊون ٿيڻ گهرجن. اها ٿيوري پيش ڪندڙن جو اهو به خيال آھي ته طاقتور ڌريون چاهينديون ته ملڪ ۾ اڳ وانگر صوبائي قومي اسيمبلي جي تڪن تي هڪ ئي ڏينهن چونڊون ٿين، ان ڪري اهڙو موقف رکندڙ حلقن کي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ ڌار ڌار چونڊون ٿيندي نظر نه اچي رهيون آھن، جڏهن ته ملڪ ۾  هڪ اهڙو حلقو به آھي جيڪو انهن ڳالهين تي سوال اٿاري ٿو ته سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي صوبن جي صوبائي اسيمبلين جي تڪن تي چونڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي چڪي آھي. سپريم ڪورٽ جي حڪم عدولي ڪيئن ممڪن آھي؟ انهن جو اهو به سوال آھي ته جڏهن پنجاب صوبي جي صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي عام چونڊ 30 اپريل تي ڪرائڻ جو شيڊيول جاري ٿيڻ کان پوءِ ڪهڙي عذر کي جواز بنائي چونڊون ملتوي ڪري سگهجن ٿيون؟ انهن جا سوال پنهنجي جاءِ تي اهم آھن، ڇو ته هڪ طرف سپريم ڪورٽ واضح طور پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري چڪي آھي پر پي ٽي آءِ ان مامري تي ڪنهن به حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آھي. پي ٽي آءِ هر صورت ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ عام چونڊون چاهي ٿي پي ٽي آءِ کي لڳي رهيو آھي ته هن وقت پي ٽي آءِ جي مقبولت ان عروج تي آھي، جو ٻيون سموريون پارٽيون ملي به پي ٽي آءِ کي هارائي نٿيون سگهن. پي ٽي آءِ اهو به سمجهي ٿي ته اگر پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ اڪثريت سان ڪامياب ٿي ته انهن صوبن ۾ صوبائي حڪومت پي ٽي آءِ جي ٺهندي هڪ ته ٻنهي صوبن ۾ پي ٽي آءِ جي ڪاميابي سان باقي ٻين صوبن جي صوبائي اسيمبلين جي چونڊ سوڌو قومي اسيمبلي جي تڪن تي به چونڊ ۾ پي ٽي آءِ جي حق ۾ ماحول پيدا ٿي سگهي ٿو. ٻيو اهو ته سڀ کان قومي اسيمبلي جا تڪ پنجاب صوبي , ان بعد ڪي پي ڪي ۾ به قومي اسيمبلي جون جهجهيون سيٽون آھن جڏهن پي ٽي آءِ جي ٻنهي صوبن ۾ صوبائي حڪومت هوندي ته پي ٽي آءِ کي چونڊ ۾ ان جو به فائدو ٿيندو. اهو ئي سبب آھي ته پي ٽي آءِ بظاهر پنهنجي مقبوليت جو فوري فائدو وٺڻ چاهي ٿي. ان ڪري ئي پي ٽي آءِ نو ڏھ مهينا اڳ ٻنهي صوبن ۾ پنهنجون صوبائي حڪومتون ختم ڪري ڇڏيون.

ڪجھ ڌريون اهي به ڳالھ ٻولهه دوران خيال پيش ڪري رهيون آھن ته عمران خان جنهن سان ملڻ لاءِ آتو آھي، اها ڌر وچ ۾ اچي ڪو رستو ڪڍڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، ڇو ته عمران خان انهي ڌر کانسواءِ سياسي پارٽين سان ڳالهائڻ لاءِ ئي تيار نه آھي پر سوال هي آھي ته ڇا وقت کان اڳ ملڪ اندر عام چونڊون ڪرائڻ واري تجويز سان پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽيون اتفاق ڪنديون؟ ان سوال تي اگر غور ڪجي ته بظاهر اهو لڳي رهيو آھي ته پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽيون فوري چونڊ ڪرائڻ لاءِ راضي نه ٿي سگهن پر سوال هي ته آگسٽ 2023  ۾ ته قومي اسيمبلي، سنڌ  ۽ بلوچستان اسيمبلي جي مدت مڪمل ٿي ويندي، ڇا ان بعد به پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽيون چونڊن کان فرار جو رستو اختيار ڪري سگهن ٿيون؟ اهو اهڙو سوال آھي جنهن جو جواب ڪو پير کوڙي ان ڪري نٿو ڏئي سگهي، جو پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلي ٽٽي چڪي آھي. آئين تحت انهن ٻنهي صوبن ۾ 90 ڏينهن جي اندر عام چونڊون ٿيڻ گهرجن پر موجوده وفاقي حڪومت چونڊن کي دير ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آھي. اگر پنجاب ۽ ڪي پي ڪي صوبن جي چونڊ وقت تي ڪرائڻ واري رستي کان فرار جي ڪوشش ٿي سگهي ٿي ته پوءِ قومي اسيمبلي ۽ سنڌ بلوچستان صوبن ۾ عام چونڊن بابت اهڙيون ڪوششون ڇو نٿيون ٿي سگهن پر سوال هي آھي ته ائين ڪيستائين ٿي سگهي ٿو؟ ڇا ڪجھ مهينن ۾ ڪنهن ڪرشمي سان  مهانگائي جو، رستن تي ناچ ڪندڙ جن بوتل ۾ هليو ويندو، جنهن سان هن حڪومت جي واه واه ٿيندي ۽ موجوده حڪمران اتحاد ۾ شامل پارٽين جي چونڊن ۾ وڃڻ جو ماحول جڙي سگهندو؟ ان سوال جو جواب اهو آھي ته پاڪستان جي معاشي صورتحال ڪنهن ڪرشمي سان نه پر سياسي استحڪام، موثر پاليسي ۽ مسلسل ڪوششن سان بهتر ٿي سگهي ٿي. اگر ملڪ ۾ ائين سياسي عدم استحڪام رهيو ته ملڪ جون معاشي حالتون اڃان ابتر ٿي سگهن ٿيون. ان ڪري چونڊ جڏهن به ٿي ان جي نتيجي ۾ جيڪا به حڪومت ايندي ان لاءِ حڪومت گلن جي سيج نه پر ڪنڊن جو بستر هوندي. اهو ڪنڊن جو بستر ان صورت ۾ ايندڙ حڪومت لاءِ برداشت کان ٻاهر به ٿي سگهي ٿو، اگر چونڊن بعد به سياسي عدم استحڪام ائين برقرار رهيو، ڇو ته ملڪ ۾ هن وقت جيڪو مهانگائي جو ڀوائتو جن خلق خدا جي کي ڳڻتي ۾ ڳاري رهيو آھي.

بدقسمتي سان اهو چوڻو پوي ٿو ته هن وقت به جيڪا سياسي ڇڪتاڻ جي صورتحال آھي، اها پنهنجي پنهنجي سياسي فائدي کي سامهون رکي جوڙيل حڪمت عملي سبب آھي. لڳ ڀڳ سموريون سياسي ڌريون مفادن جي جنگ وڙهندي نظر اچي رهيون آھن. جڏهن عمران خان جي حڪومت هئي، تڏهن موجوده حڪمران اتحاد ۾ شامل پارٽيون اهو مطالبو ڪري رهيو هيون ته فوري چونڊ ڪرائي وڃي پر ان وقت عمران خان کي مهانگائي سبب پنهنجي  مقبوليت نظر نه پئي آئي. ان ڪري هو ۽ ان جي ٽيم بار بار اهو چئي رهي هئي ته چونڊون وقت تي ٿينديون. هاڻي جڏهن فوري چونڊن جو عمران خان کان مطالبو ڪندڙ پارٽين کي لڳي رهيو آھي ته اگر چونڊون فوري ٿيون ته مهانگائي جي ماريل عوام کين ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ وقت مار ڏيندو. اهو ئي سبب آھي هن حڪومتي اتحاد ۾ شامل پارٽين به عمران خان وانگر اها رٽ لڳائي رکي آھي ته چونڊون وقت تي ٿينديون. هنن چئن سالن ۾ سياسي ۽ طاقتور ڌريون جيتريون وائکيون ٿيون آھن، اوتريون ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن وائکيون نه ٿيون آھن. طاقتور ڌرين تي ائين تاريخ ۾ چوڪن، چوراهن جلسن ۽ جلوسن ۾ ڪڏهن تنقيد نه ٿي آھي، جيتري هنن چئن سالن ۾ ٿي آھي. نه رڳو ايترو پر هن ملڪ جو نظام جيئن ڏينهن جي روشني وانگر وائکو ٿيو آھي، ائين به شايد ئي ڪڏهن ٿيو هجي. عمران خان جيل ڀريو تحريڪ جو اعلان ڪيو ته ڪجھ ڏينهن لاءِ ئي سهي پر پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪيترن ئي ڪارڪن گرفتاريون ڏنيون پر حيرت جي ڳالھ اها آھي ته جيل ڀريو تحريڪ جو اعلان ڪندڙ عمران خان پاڻ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائي ورتي. جڏهن عدالت عمران خان جي ضمانت رد ڪئي ۽ اسلام آباد پوليس سندس گرفتاري لاءِ زمان پارڪ لاهور پهتي ته پوليس کي پي ٽي آءِ ڪارڪنن ائين بي وس بڻائي ڇڏيو، جيئن زميندار اڳيان ڪمدار بي وس هوندو آھي. مزي جي ڳالھ ته پوليس کي اهو چئي واپس ڪيو ويو ته عمران خان زمان پارڪ واري گهر ۾ موجود نه آھي. پوليس جي واپس وڃڻ جي ڪجھ منٽن بعد پي ٽي آءِ اهو اعلان ڪيو ته عمران خان ڪجھ دير ۾ زمان پارڪ واري گهر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندو. هي اهو ئي پوليس کاتو آھي جيڪو عام ماڻهن معاشي طور ڪمزور آھي ان تي ته اگر معمولي نوعيت جي اين سي به داخل ٿي وڃي ته پوليس انهي جي گهر داخل ٿي کيس گهلي کڻي ويندي آھي عام ۽ ڪمزور ماڻهن لاءِ طاقتور پوليس کي عمران خان اڳيان بي وس ڏسي ملڪ ۾ ٻٽي معيار جو تاثر تري سامهون اچي ٿو. عام ماڻهن کان عمران خان ۽ سياسي ڌرين سان ڪيسن ۾ مختلف رويو اختيار ڪرڻ بابت به بحث هلي رهيو آھي. مسلم ليگ نواز کي لڳي ٿو ته نواز شريف، مريم نواز ۽ ٻين اڳواڻن کي حاضرين مٿان حاضريون ۽ سال سال جي عرصي تائين ضمانت نه ملڻ پر عمران خان کي بار بار پيش نه ٿيڻ تي رعايت ملڻ، ڪيسن ۾ ضمانتون ملن ٿيون. ڏسڻ ۾ ته اهو به اچي رهيو آھي ته فاٽا مان چونڊيل علي وزير کي به بيان ڏيڻ تي گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن جي سال کان وڌيڪ عرصي تائين ضمانت نه ٿي پر عمران خان، فواد چوڌري، اعظم سواتي جي خوش قسمتي چئجي جو کين علي وزير وانگر ڊگهي عرصي تائين جيل نه ڪاٽڻو پيو.