‘فرمائشي’ مان تڪراري بڻجي ويل آدم ڳڻپ

0
265
جشن سان گڏ سوچڻ جي ضرورت

  ملڪ جي پهرين ڊِجيٽل آدم ڳڻپ ڪمزور رٿابندي ۽ ڪجهه بنيادي اوڻاين/ڪوتاهين سبب گهر ڳڻپ جي مرحلي تي ئي تڪراري بڻجي چڪي آهي. سنڌ جي سول سوسائٽي ۽ سياسي تنظيمون اڳي ئي چئي رهيون هيون ته هيءَ آدم ڳڻپ جن ڪمزور تيارين ۽ رٿابنديءَ سان ڪرائي پئي وڃي، ان سان نه رڳو اهو ته ان جا ڪي نتيجا نڪري نه سگهندا پر اها تڪراري به ٿي ويندي. فرمائشي بنيادن تي ٿيندڙ بي وقتي آدم ڳڻپ جي تياريءَ ۾ جتي ڪيتريون ئي فني اوڻايون هيون، اتي هڪ اهم ترين تڪراري معاملو سڃاڻپ ڪارڊ جو نمبر آدم ڳڻپ فارم ۾ شامل نه ڪرڻ آهي. اها سادي ڳالهه سمجهڻ لاءِ شماريات ۾ ڪنهن وڏي ڊگريءَ جي ضرورت ناهي ته سڃاڻپ ڪارڊ نمبر نه هجڻ سان هر ماڻهو پنهنجي مرضيءَ سان گهر ڀاتي لکرائڻ لاءِ آزاد هوندو ۽ هر غير قانون پرڏيهي به پاڻ کي ملڪ جو شهري قرار ڏئي فارم ڀرائيندو. سڃاڻپ ڪارڊ نمبر کانسواءِ ڪو به طريقو ناهي ته غلط انگ لکرائيندڙن جي رڪارڊ وسيلي ڪا تصديق ڪري سگهجي.

                 سنڌ ڪلچرل فيسٽيول ۾ افتتاحي تقريب دوران مون ۽ محترمه نور الهديٰ شاهه تقرير بعد اسٽيج تان ويندڙ سنڌ جي وڏي وزير کي گذارش ڪئي ته مهرباني ڪري آدم ڳڻپ فارم ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ۽ آڱرين جا نشان شامل ڪرايو. ان سان گڏ کيس اهو به چيوسين ته جنهن جو به سڃاڻپ ڪارڊ نمبر يا آڱرين جا نشان نادرا جي ڊيٽابيس سان ڀيٽجي نه سگهن، انهن کي الڳ جدول ۾ داخل ڪجي. انهن مان جن جي تصديق ڪنهن ٻئي طريقي سان ٿي سگهي، انهن کي مقامي ۽ رهجي ويلن کي غير مقامي ڳڻائجي. انهن رٿن تي وڏي وزير جو موقف الڳ هو ۽ ڪجهه بحث کانپوءِ ثقافت واري وزير سيد سردار شاهه کي ان بابت گڏجاڻي ڪوٺائڻ لاءِ چيائون پر اها ڳالهه اڳتي نه وڌي سگهي. ان کان اڳ سائين فضل الله قريشي ۽ مان ذاتي طور چيف سينسس ڪمشنر سان ملاقات ۾ به ساڳيون رٿون پيش ڪيون. نعيم ظفر ذاتي طور سٺو فرد ۽ آفيسر آهي پر شايد نظام جي مجبورين سبب سندس هٿ پير به ٻڌل آهن. هاڻي ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته سڃاڻپ ڪارڊ کي فارم ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. ان سان گڏ آڱرين جي نشان يا تصديق جي ڪنهن ٻئي طريقي کي به شامل ڪرڻ گهرجي ته جيئن سڃاڻپ ڪارڊ نه هوندي به جائز ڳڻپ جا حقدار شهري ڳڻپ کان رهجي نه وڃن.

هڪ ڏينهن اڳ اوچتو پ پ جي قيادت آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ سيد مراد علي شاهه کي هڪ ئي وقت محسوس ٿيو ته ڊجيٽل آدم ڳڻپ ٺيڪ نه پئي ٿئي. تنهنڪري ٽنهي اڳواڻن سخت بيان جاري ڪيا، احسن اقبال کي وڏي وزير خط به اماڻيو ۽ سنڌ اسيمبليءَ هڪ ٺهراءُ به منظور ڪري ورتو. سنڌ واسي اچرج ۾ آهن ته پ پ قيادت ۽ سنڌ حڪومت پاران واريل اعتراضن ۾ ڪهڙي نئين ڳالهه آهي، جنهن جو اوچتو انڪشاف ٿيو آهي، جو هڪدم وفاقي   حڪومت خلاف اهڙا سخت بيان جاري ڪيا ويا؟ مزي جي ڳالهه ته انهن بيانن، خط پٽ ۽ ٺهراءَ ۾ ٻن اهم بنيادي خدشن يعني سڃاڻپ ڪارڊ ۽ غيرقانوني ڌارين جي الڳ ڳڻپ جو ڪو به ذڪر نه آهي. ان مان لڳي ٿو ته اهي بيان ۽ خط پٽ آدم ڳڻپ جي ڳڻتيءَ کان وڌيڪ ڪنهن ٻئي سياسي مسئلي جي ڪري جاري ڪيا ويا آهن. روزاني ڊان پنهنجي هڪ خبر ۾ پڻ اهو ذڪر ڪيو آهي. پٺيان ڪارڻ ڪهڙو به هجي پر چڱو ٿيو جو گهٽ ۾ گهٽ سنڌ سرڪار ۽ پ پ قيادت ان حساس معاملي تي اک پٽي. باقي جيڪڏهن سنڌ حڪومت کي بلاڪن جي جوڙجڪ تي ئي اعتراض آهن ته پوءِ بنيادي طور آدم ڳڻپ جو سمورو عمل ئي اجايو ٿي وڃي ٿو. انهن بلاڪن جي بنياد تي ئي اڳيان آدم ڳڻپ ٿيڻي آهي. جيڪڏهن صوبي جو وڏو وزير ۽ ان صوبي جي حڪمران پارٽيءَ جا اهم اڳواڻ ئي آدم ڳڻپ جي عمل کي ٺيڪ نه پيا سمجهن ته پوءِ ان ڳڻپ جي ساک ڇا وڃي بچندي؟ ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت درست آدم ڳڻپ بابت سنجيده آهي ته ان کي صوبائي ۽ ضلعي سطح تي مانيٽرنگ سيل قائم ڪرڻ گهرجن ها. جيئن ته هي ڳڻپ ڊجيٽل ٿي رهي آهي، تنهنڪري هڪ سادي گراف وسيلي هر بلاڪ جي 2017ع جي ڳڻپ، فطري واڌ جي حساب سان هاڻوڪي ڪيل ڳڻپ ۽ رپورٽ ٿيندڙ تازي ڳڻپ کي ڏيکارجي ته هڪ نهار سان پتو پئجي ويندو ته ڪهڙي بلاڪ جي ڳڻپ ۾ غير رواجي واڌ يا لاٿ نظر اچي رهي آهي. ان سان بروقت فيصلو ڪري ان بلاڪ جي ڪنهن ٻي ٽيم کان تصديقي ڳڻپ ڪرائجي. سنڌ حڪومت اهڙو ڪو به انتظام نه ڪيو، جنهن مان ان جي غير سنجيدگي ظاهر ٿئي ٿي. ان کانسواءِ ڳڻپ جي عمل ۾ شڪايتن يا غلطين جي نشاندهيءَ لاءَ ڪو به طريقو ناهي جوڙيو ويو. ان مقصد لاءِ به شڪايت ۽ تدارڪ مرڪز قائم ٿيڻ گهرجن ها. هن وقت عام ماڻهن کي ڪا خبر ناهي ته اهي ڳڻپ عمل بابت گهٽ وڌائي ٿيڻ جي دانهن ڪٿي ڪن.

سنڌ جي ٻهراڙين مان ڪيتريون ئي تصويرون اچن پيون ته ٻوڏ سٽيل علائقن جي گهرن ٻاهران نمبر لکڻ لاءِ ڪو در، دري يا پٽ به موجود ناهي. بي گهر ٿيل لکين ٻوڏ سٽيل ڳڻپ کان رهجي وڃڻ جو انديشو به برقرار آهي.

گهر ڳڻپ جي مرحلي تي آدم ڳڻپ جو اهو عمل سنڌ ۾ تڪراري بڻجي چڪو آهي. جيتوڻيڪ وفاقي وزير احسن اقبال هڪ بيان ۾ چيو آهي ته، قومپرست عنصر ان آدم ڳڻپ کي ناڪام بڻائڻ گهرن ٿا پر ان غير ذميواراڻي سياسي بيان جاري ڪرڻ بجاءِ احسن اقبال کي ٿڌي دماغ سان ان عمل جي ڪوتاهين کي سمجهڻ ۽ انهن کي ٺيڪ ڪرڻ گهرجي ها.

هن وقت سنڌ ۾ حڪومت توڙي مخالف ڌر جا پارلياماني اڳواڻ، قومپرست ڌريون ۽ سول سوسائٽي آدم ڳڻپ جي طريقيڪار تي اعتراض واري چڪا آهن ۽ انهن اعتراضن جي جائز هجڻ جي تصديق به گهر ڳڻپ دوران ٿي چڪي آهي ته پوءَ مناسب ٿيندو ته گهر ڳڻپ مڪمل ڪري ان عمل کي ساهي ڏئي ٻه هفتا ان جي اوڻاين کي ٺيڪ ڪرڻ تي لڳايا وڃن. آدم ڳڻپ جو وفاقي ادارو ۽ سنڌ حڪومت سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ملي آدم ڳڻپ واري مرحلي کان اڳ سموري تياري نئين سر ڪن ته جيئن 35 ارب رپين جي خرچ سان ٿيندڙ ان ڳڻپ عمل کي شفاف ۽ سڀني لاءِ ساکائتو بڻائي سگهجي. هن کان اڳ 1991ع جي آدم ڳڻپ، 2011ع واري گهر ڳڻپ ۽ 2017ع جي آدم ڳڻپ تڪراري بڻجي رد ٿي ويون هيون. جيڪڏهن هن مرحلي تي ان عمل کي ٺيڪ نه ڪيو ويو ته ممڪن آهي ته هيءَ آدم ڳڻپ به رولڙي جو شڪار ٿي وڃي.