ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم ) سنڌي ٻولي جي ٻي عالمي ڪانفرنس ۾ شريڪ اديبن، ٻولي ماهرن ۽ استادن  مطالبو ڪيو آهي ته سنڌي سميت سمورين قومن جي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي نيشنل لينگويج اٿارٽي کي قومي ٻولين جي اٿارٽي ۾ تبديل ڪري سنڌ ۾ سمورن خانگي ۽ سرڪاري تعليمي ادارن ۾ سنڌي لازمي قرار ڏني وڃي

انگريز دور جيان سنڌ ۾ مقرر ھر آفيسر لاءِ سنڌي لکڻ ۽  پڙھڻ لازمي قرار ڏنو  وڃي، سنڌ سميت سمورن صوبن ۾ مادري ٻولين ۾ تعليم ڏئي ڪاروباري ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽرکي پابند ڪيو وڃي ته ڪاروھنوار جي مواد ۾ سنڌي يقيني بڻائي،ڪانفرنس ۾ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته ٻولين جي تحفظ لاءِ ادارو جوڙيو وڃي ـ اھڙا مطالبا ڪالهه سنڌي ٻولي اٿارٽي پاران ڪوٺايل ٻي سنڌي ٻولي عالمي ڪانفرنس ۾ قراردادن ذريعي ڪيا ويا، ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سگا جي باني ڊاڪٽر سليمان شيخ چيو ته  جيڪڏهن ٻولي کي ترجيح نه ڏينداسين ته ميسارجي وينداسين، اسان  کي ٻولي کي اڳتي وڌائڻو آھي،  افسوس آھي ته اسان جي شھرن ۾ سنڌي پڙھائڻ وارا اسڪول ئي ناھن، انھي ڪري گھرن مان سنڌي ختم ٿئي پئي، اسان کي  سنڌي جا اسڪول کولڻا پوندا، سائنسي مضمونن  کي سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪيو وڃي

\1972-73ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌ سائنس  فائونڊيشن جي عمارت ٺاھي وئي پر اھا عمارت بند آھي،  اسان وٽ وڻج واپار ۾ سنڌي ٻولي استعمال نٿو ٿئي،  سائن بورڊن تي سنڌي ۾ نالا لکڻا پوندا.  ڪامريڊ ڄام ساقي ڪيتريون ئي تڪليفون سهي اڪيلي سر ريلوي اسٽيشنن تي سنڌي ۾نالا لکيا، اسان جي نوجوانن کي هاڻ اهو ڪم ڪرڻ گھرجي، سڄي پاڪستان ۾ سنڌ واحد صوبو آھي، جيڪو ٻولي جنگ وڙھي پيو ، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ بل وڃن ٿا پر ٻيا صوبا مدد نٿا ڪن، پ پ  ايم اين اي مھتاب اڪبر راشدي چيو ته  جڏهن به قومي اسيمبلي ۾ ٻولي جو بل پيش ٿيو،  انهي بل جي شڪل ئي مٽائي وئي،  انھي لاءِ مسلسل جدوجهد جي ضرورت آھي، هن چيو ته  خانگي اسڪولن وارا ٻارن جي والدين کي گھرائي چون ٿا ته گھرن ۾ ٻارن سان اردو ۽ انگريزي ڳالهايو، والدين به اها ڳالهه قبول ڪن ٿا، هن سوال اٿاريندي چيو ته  جڏهن اوھين پنهنجي ٻولي جي عزت نه ڪندا ته ٻيو ڪيئن ڪندو؟ ريلوي اسٽيشنن ۽  روڊ رستن تي ڳوٺن جا نالا ڇا لکيل آھن؟  اھي غلط آھن ته اٿارٽي سان ڳالهايو،  انھن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ اوھان پاڻ ڪردار ادا ڪريو، دڪانن تي مختلف پراڊڪٽس ( شيون) کپائيندڙن کي چئو ته اھي نالا سنڌي ۾ لکن، تنقيد ۽ نعريبازي بجاءِ سنڌ واسين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو

نامياري اديب جامي چانڊيو  چيو ته دنيا ۾ چيلنج ۽ اپارچيونٽي ( موقعا) ھڪ ئي وقت آھي،اڄوڪي دور جي دانشورن کي رڳو تخليق ۽ اڀياس  نه پر فلسفي تي ڪم ڪرڻوپوندو، سنڌي زرعي سماج جا ماڻهو ھر ڳالهه ۾رومانس ٿا ڳوليون، ڀٽائي گهوٽ سنڌي ٻولي لاءِ شاعري جي ديوار چين ڏئي ويو آهي، هن چيو ته  سنڌي ٻولي ۾ ادب بي مثال آھي  پر جيستائين سنڌي ٻولي فطري سائنس ۽ سماجي ٻولي ناھي تيستائين ٻولي جي بقا جي ضمانت  ڏئي نٿي سگهجي، هن پ پ چيئرمين   بلاول ڀٽو کي مخاطب ٿيندي  چيو ته اوهان گورنر جي مقرري ۽ صوبن  ۾حڪومتن ٺاهڻ لاءِ لابنگ ڪريو ٿا، اوهان ھڪڙو ڀيرو به پارليامينٽ ۾ مادري ٻولين  جي بل لاءِ لابنگ ناھي ڪئي،  سنڌ جو ماڻهو اوھانکي ووٽ ڏئي ٿو،  اوھان وفاق ۽ سنڌ ۾ اقتدار ۾ ويٺل آھيو،اوھان جو پاور( اقتدار)  جيڪڏهن ٻولين جي بقا لاءِ استعمال نٿو ٿئي ته اهو اقتدار ٽڪو نٿو لھي، جيڪڏهن ھن ڀيري ٻولي جو بل لاوارث  ٿيو ته سنڌ جو ماڻهو اوھان کان پڇاڻو ڪندو، سنڌ ۾ چوٿون ڀيرو اوهان جي حڪومت آھي، پوءِ به اوھان سنڌي ٻولي کي خانگي تعليمي ادارن ۾ رائج نٿا ڪري سگهو

ٻولي اٿارٽي  جي اڳوڻي چيئرپرسن ڊاڪٽر فھميده حسين  چيو ته حليم بروھي جڏهن رومن سنڌي جي ڳالهه ڪئي ته ھن مٿان تنقيد ٿي، اڄ به جيڪو اها ڳالهه ڪري ٿو ته انھي تي تنقيد ٿئي ٿي،  هن چيو ته رومن سنڌي جي ڳالهه ڪندڙ عربي سنڌي رسم الخط ختم ڪرڻ جي ڳالهه نٿو ڪري،  ڀارت ۾ ديوناگري رسم الخط به اختيار ڪيو ويو آھي، جيڪو ھندي واري انداز ۾ آھي، دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ويٺل ماڻهو سنڌي ڳالهائي سگهن ٿا پر لکي نٿا سگهن، انھن جي سهولت لاءِ  اضافي رومن سنڌي رسم الخط آڻڻ ۾ ڪو حرج ناھي سنڌي ٻولي اٿارٽي يا ماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ رومن سنڌي جي ھڪ پٽي ٺاهي انھي تي ڪم ڪن، مون به رومن سنڌي لاءِ الفابيٽ جوڙي آھي، ٻولي اٿارٽي جي چيئرمين  اسحاق سميجو چيو ته ٻولي جو معاملو گھر کان شروع ٿيندو آھي، پنهنجي گھر/دڪان تي لڳايل بورڊ جي درستگي تائين سرڪار کان مطالبو ڪرڻ جو ڪو نتيجو نه نڪرندو، ٻارن کي سنڌي پڙھائڻ لاءِ والدين پاڻ اسڪول انتظاميا تي دٻاءُ وجهن، سنڌ مدرسي يونيورسٽي جي وي ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي چيو ته سنڌي ٻولي کي ڪيترائي چيلنجز آھن، جن کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي پٽاندر سنڌي تي ڪم ڪرڻو پوندو ـ