پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ڀرسان سکر ملتان موٽروي تي ڏوھارين جي فائرنگ ۾ ٽائر برسٽ ٿيڻ بعد مزدا ڪلٽي ٿي پئي، ڊرائيور اغوا، ايس ايس پي سکر ۽ ونگ ڪمانڊر جي اڳواڻي ۾ گدپور جي ڪچي ۾ آپريشن ، ڏوھارين جا ٺڪاڻا تباھ ، پنوعاقل ڀرسان سکر ملتان موٽروي تان آچر جي رات اغوا ڪيل مغوي جي بازيابي ۽ ڏوھارين خلاف گدپور جي ڪچي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل آپريشن ڪيو ويو ، ايس ايس پي سکر عابد بلوچ ۽ ونگ ڪمانڊر عمر خان جي اڳواڻي ۾ پوليس ۽ رينجرز جي اھلڪارن گدپور جي ڪچي ۾ ڏوھارين خلاف آپريشن شروع ڪيو جنھن ۾  بختر بند گاڏيون اي پي سي چين پوليس ۽ رينجرز جا اٽالا موجود ھئا، ايس ايس پي سکر عابد بلوچ جو چوڻ آھي ته آچر جي رات اغوا ٿيل يونس خان سميت اڳ اغوا ٿيل چئن مغوين جي بازيابي لاءِ گدپور جي ڪچي ۾ آپريشن ڪيو ويو آھي جنھن ۾ ڏوھاري ٺڪاڻا ڇڏي درياهه پار فرار ٿي ويا آھن، پوليس ۽ رينجرز جي جوانن جي گڏيل آپريشن ھلندڙ آھي، ھن چيو ته ڏوھاري ياسين تيغاڻي جي ٽولي خلاف آپريشن ڪيو ويو، ڏوھاري درياهه پار فرار ٿي ويا سندس ٺڪاڻن کي تباھ ڪيو ويو آھي، آپريشن ۾ ونگ ڪمانڊر ۽ رينجرز جا اھلڪار موجود ھئا، واضح رھي ته آچر جي رات پنوعاقل وٽان موٽروي تان ڏوھاري مزدا ڊرائيور يونس خان کي اغوا ڪري کڻي ويا.