رونتي/اوٻاوڙو/ڏهرڪي (نمائندن وٽان) رانوتي ڪچي واري علائقي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ گهوٽڪي پوليس ۽ پنجاب جي ماڇڪو پوليس جو گڏيل رانوتي ڪچي ۾ آپريشن، بدنام ڏوهاري ثنو شر جو ڀاءُ عالم شر ۽ ساٿي حاڪم شر مارجي، ڏوهاري مٺو عرف قري ۽ نظير شر زخمي ٿي پيو، مارجي ويلن ڏوهارين جا لاش ڏوهارين جي قبضي هيٺ،  تفصيل موجب، رانوتي جي ڪچي واري علائقي ۾ گهوٽڪي پوليس ۽ پنجاب ماڇڪو پوليس گڏيل مغوين جي بازيابي لاءِ بدنام ڌاڙيل ثنوشر جي ٽولي خلاف آپريشن ڪيو ويو، پوليس جي فائرنگ ۾  بدنام ڏوهاري ثنو شر جي ڀاءُ عالم شر ۽ سندس ساٿي حاڪم شر موقعي تي مارجي ويا ۽ ڏوهاري مٺو عرف قري شر ۽ نظير شر  زخمي ٿي پيا، مارجي ويلن ڏوهاري عالم شر ۽ حاڪم شر جو لاش ڏوهارين جي قبضي هيٺ آهي، پوليس ۽ ڌاڙيلن جي وچ ۾ 12 ڪلاڪن کان جديد هٿيارن سان  فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو، فائرنگ سبب علائقي م خوف واري صورتحال ڇايل رهي، هوڏانهن ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  مغوي جي بازيابي لاءِ ڏوهارين خلاف  پنجاب ماڇڪو پوليس ۽ گهوٽڪي پوليس گڏيل طور تي آپريشن ڪري  رهي آهي پوليس جي فائرنگ م  ڏوهاري عالم شر ۽ حاڪم شر مارجي ويو  ۽ ڏوهاري  مٺو عرف قري شر ۽ نظير شر زخمي ٿي پيا آهن  وڌيڪ  چيو ته اسان کي وڏي ڪاميابي ملي آهي اسان جي پوليس اهلڪار جا حوصلا بلند آهن  وڌيڪ ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيندا سين ڏوهارين جي خاتمي تائين اسان جو آپريشن جاري رهندو. هوڏانهن ذريعن وٽان ڄاڻ ملي آهي 8 مهينا اڳ ايم فائيو موٽر وي تي ڦر دوران ڏوهارين جي فائرنگ ۾ بگٽي قبيلي جو سرادر عبدالرحمان ڪلپر بگٽي مارجي ويو هو جنهن جي قتل جو پلاند وٺڻ لاءِ بگٽي برادري جي هٿياربندن شر برادري جي ڌاڙيلن خلاف پوليس سان گڏجي حملو ڪيو، هوڏانهن بدنام ڌاڙيل ثنو شر جي گهر ۾ پوليس پاران پڪٽ قائم ڪري پوليس جي وڏي نفري ويهاري ڇڏي.