شهيد نصرالله گڏاڻي تي قاتلاڻي حملي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو: 18 شڪي جوابدار گرفتار

0
43
شهيد نصرالله گڏاڻي تي قاتلاڻي حملي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو: 18 شڪي جوابدار گرفتار
شهيد نصرالله گڏاڻي تي قاتلاڻي حملي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو: 18 شڪي جوابدار گرفتار

شهيد نصرالله گڏاڻي تي قاتلاڻي حملي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، پوليس پاران مختلف علائقن مان 18 شڪي جوابدار گرفتار

شهيد نصرالله گڏاڻي جو مڙهه ميرپور ماٿيلو ويجهو ڳوٺ قبول گڏاڻي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي، جنازي نماز ۾ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان پهتل صحافين، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين جي شرڪت

  شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرن جو سلسلو جاري، سياسي سماجي تنظيمن ۽ صحافين پاران ميرپور ماٿيلو ۾ وڏو ڌرڻو هڻڻ جون تياريون

ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، ٺل، شهدادڪوٽ، ڀريا سٽي، سيٺارجا، جهوڪ شريف ۽ ڳڙهي حسن ۾ مظاهرا، ٺري ميرواهه، ڪنري، منهڙو، وارهه، باڊهه، ٽنڊو رحيم خان، ڄام صاحب، قاضي احمد، دوڙ ۽ ٻين شهرن ۾ به مظاهرا، شهيد نصر الله گڏاڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو

شهيد نصرالله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي پوليس جي جاچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي

…شهيد نصرالله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي پوليس جي جاچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي يعقوب گڏاڻي چيو ته 5 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس واقعي جو ڪيس داخل نه ڪيو آهي، ڀاءُ تي قاتلاڻي حملي جي جاچ لاءِ نئين جي آءِ ٽي جوڙي وڃي، شهيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي، 4 معصوم پٽ ۽ 2 نياڻيون صدمي ۾ بي حال، شهيد نصرالله جي پٽ ارسلان جو چوڻ آهي ته بابا چوندو هو ته تون پائليٽ ٿيندين، هاڻي مان چوان ٿو ته بابا جيان صحافي ٿيندس

بابا چوندو هو ته تون پائليٽ ٿيندين، هاڻي مان چوان ٿو ته بابا جيان صحافي ٿيندس