بجليءَ جي لوڊشيڊنگ کي قابو ڪرڻ اسان جي وس کان ٻاهر آهي: سعيد غني

0
33
بجليءَ جي لوڊشيڊنگ کي قابو ڪرڻ اسان جي وس کان ٻاهر آهي: سعيد غني
بجليءَ جي لوڊشيڊنگ کي قابو ڪرڻ اسان جي وس کان ٻاهر آهي: سعيد غني

بجليءَ جي لوڊشيڊنگ کي قابو ڪرڻ اسان جي وس کان ٻاهر آهي، ڪي اليڪٽرڪ جون پاليسيون سمجهه ۾ نه ايندڙ آهن، گرمي سٽيل ماڻهن تي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا: مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني جي ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس

سعيد غني چيو ته جيڪو شهري بجليءَ جو بل ادا ڪري ٿو ان کي 24 ڪلاڪ بجلي ملڻ گهرجي، جيڪي ماڻهو بل ادا نه ٿا ڪن انهن تي ڪيس داخل ٿيڻ گهرجن

ادارن وٽ ڪو نظام ناهي، چوريءَ جي بجلي جو بل به اسان تي وجهي ڇڏين ٿا، ڪو به ادارو کيسي مان خرچ ڪري بجلي نه ٿو ڏئي سگهي، ماڻهوءَ ته پاڻيءَ جو بل به نه ٿا ڏين، ڇا مان هنن جو پاڻي بند ڪري ڇڏيان