سنڌ ۾ شديد گرميءَ جي لهر جاري: موهن جو دڙو ۾ 51 سينٽي گريڊ ريڪارڊ ڪئي وئي

0
35
سنڌ ۾ شديد گرميءَ جي لهر جاري: موهن جو دڙو ۾ 51 سينٽي گريڊ ريڪارڊ ڪئي وئي
سنڌ ۾ شديد گرميءَ جي لهر جاري: موهن جو دڙو ۾ 51 سينٽي گريڊ ريڪارڊ ڪئي وئي

سنڌ ۾ شديد گرميءَ جي لهر جاري، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سڀاڻي به سنڌ سميت ملڪ جا اڪثر ميداني علائقا شديد گرميءَ جي لپيٽ ۾ رهندا

گذريل ڏينهن سڀ کان وڌيڪ گرمي موهن جو دڙو ۾ 51 سينٽي گريڊ ريڪارڊ ڪئي وئي، خيرپور ۽ جيڪب آباد ۾ پارو 50 تائين پهتو

لاڙڪاڻو، سکر ۽ دادو ۾ گرمي پد 49 سينٽي گريڊ ريڪارڊ، پڊ عيدن ۾ 48، شهيد بينظير آباد ۽ مٺي ۾ گرمي پد 47 ڊگري سينٽي گريڊ ريڪارڊ ڪيو ويو

شهرين کي منجهند جي وقت گهرن مان غير ضروري طور ٻاهر نه نڪرڻ ۽ گرمي کان بچاءَ لاءِ حفاظتي اپاءَ وٺڻ جو مشورو