اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) پيپلز پارٽي سان ملي بجيٽ پيش ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي. ذريعن موجب مسلم ليگ(ن) پاڪستان پيپلز پارٽي سان بجيٽ تياري ۾ ساٿ ڏيڻ جي لاءِ هڪ دفعو ٻيهر رابطو ڪيو آهي، پر پي پي ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي پيغام آڻيندڙن کي ڪوبه  جواب ناهي ڏنو. ذريعن موجب(ن) ليگ جا پيپلز پارٽي سان بيڪ ڊور رابطا لاڳيتو جاري آهن، (ن) ليگ هڪ دفعو ٻيهر پيپلز پارٽي سان گڏيل دوستن ذريعي رابطو ڪيو آهي.(ن) ليگ جي خواهش آهي ته هو پ پ سان ملي بجيٽ پيش ڪري. (ن) ليگ پ پ سان بجيٽ کان اڳ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي درخواست ڪندي موقف ظاهر ڪيو آهي ته ملڪ کي پيش ايندڙ چيلنجز جو مقابلو  اڪيلي ڪرڻ ممڪن نه آهي. پ پ سان ملي ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ چاهيون ٿا. (ن) ليگ پيغام ڏنو آهي ته هو چاهين ٿا ته پ پ حڪومت ۾ شامل ٿي بجيٽ تياري ۾ اسان جو ساٿ ڏئي ۽ پ پ حڪومت جو حصو بڻجي بجيٽ جي لاءِ تجويزون ڏئي، پر پيپلز پارٽي پيغام آڻيندڙن کي اڃا تائين ڪوبه جواب نه ڏنو آهي.