ڇاڇرو جي مختلف ڳوٺن ۾ پنج ڏينهن اندر 20 کان مٿي مور مري ويا

0
34

ڇاڇرو (رپورٽ: عبدالجبار نهڙيو) ٿر جي فطري سونهن مور پکي بيماري وگهي مرڻ لڳا، ڇاڇرو جي مختلف ڳوٺن ۾ پنج ڏينهن اندر 20 کان مٿي مور مري  ويا، ڪيترائي بيماري ۾ ورتل آهن

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته مور پکي اکين جي نور کان محروم ٿي تڙپي تڙپي مري وڃن ٿا، جهنگ ۾ بيمار مورن کي کڻي  اچي ٽوٽڪن ذريعي بچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون

ڳوٺاڻن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته نازڪ پکي بيمار ٿيڻ کانپوءِ صحتياب نه ٿا ٿين، انتظاميا توڙي سرڪار ڪي به قدم نه کنيا آهن، نوٽيس وٺي بيمار مور پکين کي ويڪسين ڪري بچايو