ميلن ۾ هڪڙو پروگرام حڪومت جي ڪارڪردگي تي به ٿيڻ گهرجي!

0
170
چار مارچ تي ”سنڌ لٽريچر فيسٽول“ ۾ هڪڙو پروگرام ”قومپرست سياست؛ ماضي ۽ حال“ جي نالي سان ٿيو. جنهن ۾ محترم لال جروار (صدر عوامي تحريڪ) محترم ڊاڪٽر قادر مگسي
چار مارچ تي ”سنڌ لٽريچر فيسٽول“ ۾ هڪڙو پروگرام ”قومپرست سياست؛ ماضي ۽ حال“ جي نالي سان ٿيو. جنهن ۾ محترم لال جروار (صدر عوامي تحريڪ) محترم ڊاڪٽر قادر مگسي

 چار مارچ تي ”سنڌ لٽريچر فيسٽول“ ۾ هڪڙو پروگرام ”قومپرست سياست؛ ماضي ۽ حال“ جي نالي سان ٿيو. جنهن ۾ محترم لال جروار (صدر عوامي تحريڪ) محترم ڊاڪٽر قادر مگسي (چيئرمين سنڌ ترقي پسند پارٽي) محترم اياز لطيف پليجو (صدر قومي عوامي تحريڪ) محترمه حورالنساءِ پليجو (سنڌياڻي تحريڪ) ۽ محترم الاهي بخش بڪڪ (مرڪزي اڳواڻ جيئي سنڌ قومي محاذ) مهمان طور شريڪ ٿيا، جڏهن ته پروگرام جو ميزبان ڊاڪٽر ايوب شيخ هو. ڊاڪٽر ايوب شيخ پاڻ هڪڙو سينيئر سياسي ڪارڪن، اڳواڻ ۽ هڪ پڙهيو لکيو سڄاڻ ليکڪ پڻ آهي. مطلب ته هُو اسان جي گذريل 40 سالن جي سياسي تاريخ ۽ تحريڪن جو اکين ڏٺو شاهد ۽ انتهائي سرگرم رهندڙ ڪردار پڻ آهي ۽ هن وقت به هن جون جنهن پارٽي سان همدرديون آهن، اهو به ڪو راز ناهي. پروگرام جو موضوع تمام دلچسپ ۽ وقت جي ضرورت به هو ۽ ان سان گڏ قومپرست قيادت، واٽ، نظرئي متعلق به اسان وٽ وقت به وقت مختلف قسم جا بحث ٿيندا رهيا آهن ۽ ٿي رهيا آهن، پر هي جيڪو پروگرام ٿيو، تنهن ۾ ميزبان صاحب جيڪي سوال پڇيا ۽ جنهن انداز سان سوال رکيا، ان مان ائين لڳي رهيو هو ته سڀئي مهمان جوابدار طور ڪٽهڙي ۾ بيهاريا ويا هئا ۽ پوءِ انهن کان هر هڪ جي ڪارڪردگي ۽ ان سان لاڳاپيل پاسن تي اهڙا سوال ڪيا ويا، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ پڇڻ مناسب نه هئا. پر خبر ناهي ميزبان صاحب اهي سوال ڪهڙي خيال سان پڇيا؟ ان سڄي پروگرام ڏسڻ کانپوءِ اهو تاثر ملندو يا ائين محسوس ٿيندو ته قومپرست ۽ ان سان گڏ جيڪي عوام دوست، وطن دوست ۽ ترقي پسند پارٽين جا اڳواڻ ويٺا هئا، اهي سڀ ناڪام، مدي خارج، هڪڙا پريشر گروپ، جن جو عوام سان ڪو تعلق ناهي، انهن وٽ ڪا تنظيم ناهي، صرف ڪي فرد آهن، انهن وٽ ڪو نظريو ناهي، ڪا واٽ ۽ منزل ناهي، بس اجايا ۽ بي مقصد پيا هلن، ۽ جيڪڏهن انهن جو ڪو ڪم آهي ته صرف ئي صرف حڪومتي ڌر يعني وڏيرا شاهي جنهن جي اڪثريت هن وقت پيپلز پارٽي ۾ موجود آهي، اهي بغير ڪنهن سبب جي پيپلز پارٽي کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ، ان تي اجائي تنقيد ڪرڻ ۽ عوام ۾ پيپلز پارٽي جي باري ۾ غلط ڳالهيون ڪرڻ ۽ ان جي قيادت جي ڪردار ڪشي ڪرڻ وغيره ۾ رڌل آهن.

سڀ کان پهرين آئون سمجهان ٿو ته ان ادبي قسم جي ميلي ۾ اهڙي قسم جا بنهه اهم سياسي موضوع نه رکڻ کپن، پر جيڪڏهن صفا عوام جي دلچسپي جي ڳالهه آهي ۽ ان سان گڏ ادب کي سياست سان ملائي هلائڻ جو پروگرام آهي، جيڪا ڳالهه اسان جا ترقي پسند مفڪر ۽ مدبر سياسي اڳواڻ هميشه ڪندا رهندا آهن ته ادب کي سياست ۽ سياسي معاملن کان بلڪل به ڌار ڪرڻ نه گهرجي. ڇو ته ادب سياست جو هڪ نظرياتي ۽ فڪري وسيلو آهي. ڪهاڻين، ناولن، افسانن ۽ شاعري وسيلي اهڙي قسم جو ادب پيدا ڪجي، جيڪو عوام دوست ۽ وطن دوست سياست لاءِ هڪ اهڙو ماحول ٺاهي، جو هڪ ڪهاڻيڪار، ناول نگار، افساني نگار ۽ شاعر پاڻ کي ان سياست جو هڪ اٽوٽ حصو سمجهي ۽ ان سان گڏ پڙهندڙ جي دل ۽ دماغ کي اهو پيغام ملي ته هو جيڪا ڪهاڻي، ناول، افسانو يا شاعري پڙهي رهيو آهي، اها پنهنجي جڳهه تي هڪ ادبي صنف ته آهي ئي آهي پر اها ساڳئي وقت سياست ۽ سياسي نظرئي سان سلهاڙيل هڪ حقيقت پڻ آهي ۽ سياست ان جو نعم البدل حل به آهي. تنهن ڪري ادب صرف ئي صرف ذهني عياشي ۽ خيالي پلاءُ جو نالو ناهي پر اهو عوام جي روز مرهه ۽ زندگي جي گونان گون مسئلن، مونجهارن، خواهشن، خيالن ۽ ان سان لاڳاپيل انيڪ پاسن جي ترجماني ڪندڙ پڻ آهي، جنهن جو تعلق سڌي يا اڻ سڌي طرح رياست ۽ سياست سان لاڳاپيل آهي ۽ ٻئي هڪٻئي لاءِ لازم ملزوم پڻ آهن، پر هاڻي جڏهن اسان هڪڙي پاسي ڪن مخصوص پارٽين کي کڻي عوام آڏو اچي انهن جو آپريشن ڪريون ۽ ساڳئي وقت ٻين پارٽين اها به خاص طور تي هڪ حڪمران پارٽي يا حڪمران طبقي جي پارٽي کي پاسي تي رکي، ان جي ڪارڪردگي، ان کان پڇاڻو، ان جو حساب ڪتاب، ان جي سياسي آڊٽ نه ڪئي وڃي ته پوءِ اها گهرايل پارٽين ۽ انهن جي اڳواڻن سان هڪڙي ناانصافي لکي ويندي. مثال طور ان ساڳئي پروگرام ۾ هڪڙي پاسي قومپرست پارٽين، ترقي پسند پارٽين ۽ وري ٻئي پاسي گذريل 15 سالن کان اقتدار جي مسند تي ويٺل پيپلز پارٽي جي ڪنهن اڳواڻ يا ڪن اڳواڻن کي گهرائي عوام آڏو اهو پڇيو وڃي ها ته توهان گذريل پندرنهن سالن ۾ سنڌ ۽ سنڌي عوام جي زندگي ۾ ڪهڙيون بنيادي نوعيت جون تبديليون آنديون آهن؟ توهان انهن جي زندگي ۾ ڪيتري خوشحالي آندي آهي؟ انهن ۾ ڪيتري غربت گهٽ ٿي آهي؟ اڳي روز ڪيترا سنڌي بيروزگاري مان بيزار ٿي خودڪشيون ڪندا هئا ۽ هاڻي ڪيترا ڪري رهيا آهن؟ پندرنهن سال پهرين پيپلز پارٽي جڏهن اقتدار ۾ آئي هئي، تڏهن سنڌ ۾ ڪيتري بيروزگاري هئي ۽ هاڻي ڪيتري بيروزگاري آهي؟ پندرنهن سال پهرين سنڌ ۾ ڪيتري ڪرپشن هئي ۽ هاڻي ڪيتري ڪرپشن ٿي رهي آهي؟ عوام کي صحت جون ڪهڙيون سهولتون ڏنيون ويون آهن؟ اقربا پروري ڪيتري گهٽ ٿي آهي؟ ميرٽ جي لتاڙ وڌي آهي يا گهٽ ٿي آهي؟ تعليم جون ڪهڙيون سهولتون ميسر آهن؟ پندرنهن سال پهرين جيڪو ٻار پيدا ٿيو هو، اهو خيرن سان هاڻي نائين يا ڏهين ڪلاس ۾ هوندو، ان جيڪا سرڪاري اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي آهي، اهو ڪهڙي لحاظ کان 2008ع ۾ ميٽرڪ ڪندڙ شاگرد کان هوشيار ۽ وڌيڪ قابل آهي؟ هاڻي جيڪو نائين يا ڏهين ڪلاس ۾ آهي اهو 2008ع ۾ پاس ڏهين ڪلاس جي شاگرد جي مقابلي ۾ انگريزي، فزڪس، ڪيمسٽري، بائيولاجي، حساب، سنڌي، اردو ۽ ٻين سبجيڪٽن ۾ ڪيترو هوشيار ۽ قابل آهي؟ 2010،11ع ۽ 2022ع ۾ جيڪي ٻه وڏيون ٻوڏون سنڌ ۾ آيون، انهن ۾ حڪومت جي ڪيتري مجرماڻي نااهلي آهي؟ ٻنهي ٻوڏن ۾ جيڪا اربين ڊالرز جي امداد ملي، اها ڪيترن مستحقن تائين پهتي ۽ ان ۾ ڪرپشن جا ڪهڙا ڪهڙا رڪارڊ قائم ٿيا؟ پيپلز پارٽي جي پندرنهن سالا حڪومت ۾ سنڌي عوام سان ڪهڙيون ڪهڙيون ناانصافيون ٿيون، جيڪي جنرل مشرف، ارباب رحيم، علي محمد مهر، لياقت جتوئي، عبدالله شاهه، ڄام صادق علي، قائم علي شاهه، مظفر شاهه ۽ غوث علي شاهه جي دورن ۾ نه ٿيون؟ انهن پندرنهن سالن ۾ متحده کي حڪومت ۾ شامل ڪري اهي ڪهڙا فائدا نه ڏنا ويا، جيڪي ان کان اڳ ارباب، مهر، جتوئي، ڄام ۽ شاهه صاحبان نه ڏنا هجن؟ انهن پندرنهن سالن ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ اهڙي ڪهڙي قانوني سازي نه ٿي آهي، جيڪا متحده چاهي پئي ۽ پيپلز پارٽي ان کان انڪار ڪيو؟ يا سنڌ ۽ سنڌي عوام سان اهي سڀ دشمنيون گذريل پندرنهن سالن کان ائين ٿينديون پيون اچن، جيئن ان کان اڳ مختلف حڪومتن ۾ ٿيون پئي؟ سنڌي عوام صحت، تعليم، روزگار، ميرٽ جي لتاڙ کي هن وقت وڌيڪ ڀوڳي رهيو آهي يا ان کان اڳ وڌيڪ ڀوڳي چڪو هو؟ ۽ هاڻي سنڌ ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٻار وڌيڪ هوشيار آهي؟ ۽ اڳي استاد اسڪولن ۾ ٻارن کي نه پڙهائيندا هئا، هاڻي اهي پڙهائين پيا؟ يا اڳي به استاد صاحبان ائين پڙهائيندا هئا، جيئن هن وقت پڙهائين پيا؟ ڊاڪٽر اڳي اسپتالن ۾ نه ايندا هئا ۽ هاڻي سڀ ڊاڪٽر وقت جي پابندي سان اسپتالن ۾ موجود آهن ۽ مريضن کي ڏسن پيا؟ انهن پندرنهن سالن ۾ اهڙو ڪهڙو ڪم آهي، جيڪو ڪرپشن کانسواءِ قانون مطابق ٿي رهيو آهي ۽ اهو ساڳيو ڪم 2008ع کان اڳ صرف ئي صرف ڪرپشن جي ذريعي ٿيندو هو؟ سنڌ جو اديب هن وقت حڪومتي پاليسين ۽ ناانصافين خلاف وڌيڪ سرگرم آهي يا ان جي تعريف ۽ شان ۾ قصيدا وڌيڪ چئي ۽ لکي رهيو آهي؟ 2008ع کان اڳ وزيراعليٰ، وزير صاحبان ۽ حڪومتي پارٽي ڪهڙي قسم جي ڪرپشن نه ڪئي آهي، جيڪا ان کان اڳ ٻيون پارٽيون، وزيراعليٰ، وزير صاحبان ۽ ان دور جون حڪومتي پارٽيون نه ڪنديون هيون؟ اهڙا ۽ ان جهڙا ٻيا ڪيترا سوال عوام پڇڻ لاءِ تيار آهي ۽ پڇي به ٿو، پوءِ انهن کي اهڙن عوامي ادبي فورمن ۾ ڇو نٿو شامل ڪيو وڃي؟ ۽ حڪومت جي ڪنهن نمائندي کي گهرائي اهڙا سوال ان طرح ڪرڻ ”مناسب“ ۽ ”آداب“ جي بجاوري ڪندي پڇيا ويندا، جيئن چار مارچ تي ڪيل ان پروگرام ۾ پڇيا ويا؟ اسان وٽ جيڪا پارٽي حڪومت ۾ ويٺي آهي، تنهن جو هڪ سينيئر اڳواڻ سينيٽر نثار کهڙو صاحب تنهن ڏينهن صفا چڙ مان ڳاڙهو لال ٿي ويو، جڏهن 25 فيبروري تي آمريڪا ۾ ويٺل ”سانا“ جي دوستن آدم شماري جي حوالي سان ”ڪراچي آرٽس ڪائونسل“ ۾ هڪ سيمينار رکيو، تنهن ۾ حڪومت کان جن سوالن جا جواب گهريا ويا، تن جا ڪي معقول ۽ مناسب جواب ڏيڻ جي بجاءِ سينيٽر صاحب صفا چڙي پيو ۽ انهن کي سڌو مخاطب ٿي چيائين ته توهان اهڙو پروگرام ڇو رکيو آهي؟ توهان کي جيڪڏهن سنڌ ۽ سنڌي عوام سان محبت آهي ته پوءِ آمريڪا ڇڏي هتي اچي ويهو. يعني انهن کي شابس ڏيڻ ته انهن پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري جيڪو پروگرام ڪيو آهي، پر انهن کي ڌڙڪا ۽ دهمان ڏيڻ جو مطلب اسان جيڪا به سنڌ دشمني ڪريون توهان اکر به نه چئو، نه ته اسان اخلاقي آدابن جي برعڪس توهان سان ائين ئي مخاطب ٿينداسين! اسان اميد ڪريون ٿا ته ايندڙ ”سنڌ لٽريچر فيسٽول“ ۾ قومپرستن، ترقي پسندن ۽ ٻين سياسي جماعتن سان گڏ هڪ سيشن صوبائي حڪومت جي صرف ڪجهه سالن جي ڪارڪردگي تي پڻ رکيو ويندو ۽ ان ۾ ميزبان صاحب اهڙي لهجي ۽ ان انداز ۾ سوال ڪندو، جهڙي انداز ۽ لهجي ۾ هُو 4 مارچ واري پروگرام ۾ مهمانن کان پڇي چڪو آهي.

[email protected]