هر ماڻهو سهڻو هوندو آهي، رڳو ڏسڻ واري جي اک نيڪ هجي، هر ماڻهو جيئن پاڻ کي وڻي، تيئن سينگار ڪندو آهي، اها هن جي مرضي هوندي آهي. ڪو ڪلين شيو هوندو آهي، ڪو مڇان رکندو آهي، جيئن آئيني ۾ پاڻ کي پسي، تيئن پاڻي کي وڻي. منهن جو سينگار سونهاري به هوندي آهي، جن جي سهڻن چهرن تي سونهاري مونکي ٺاهوڪي لڳي، انهن ۾ آمريڪن ليکڪ ارنيسٽ هيمنگوي ، انگريز ليکڪ وي. ايس. نائپال ، ملڪي انگريزي ليکڪ اردشير ڪائوسجي ۽ ثروت علي، اردو شاعر افضال احمد سيد، موسيقار نثار بزمي، موسيقار انڊين جوڙي ۾ نديم، سنڌاسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر عبدالله حسين هارون، سنڌي ليکڪ مدد علي سنڌي، لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽر علي نواز شيخ ۽ صحافي علي قاضي شامل آهن.
علي قاضي پنهنجو مٽ پاڻ، شخصيت به اهڙي رعب واري جو اسٽاف وارا ڪورونا کان پناهه نه گهرندا جيترو هن جي ڪاوڙ کان، اسپتال ۾ آپريشن ٿيٽر ۾ وٺي ويندڙ مريض کي ڇڙو خار مان ڏسي، بي هوش ڇا ڪوما ۾ هليو ويندو.
سنڌي اخباري دنيا ۾ قاضي صاحبان پاڻ ملهايو آهي. محمد عثمان ڏيپلائي صاحب کان قاضين اخبار “عبرت” وتي ته اوج تي پڄايائون. شهر جي هر پڙهيل گهر ۽ هر دفتر ۾ ويندي هئي، اخبار ۾ خبرن کان سواءِ واڱڻن جو اگهه سولائيءَ سان گهر ۽ دفتر ويٺي ماڻهوءَ کي ملي ويندو هو. حيدرآباد مان نڪرڻ ڪري سنڌ جي هر شهر ۾ صبح جو نائين وڳي تائين پڄي ويندي هئي، ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ اخبارون شام جو پڄنديون هيون. فوت ٿي ويل دفنائجي به چڪو هوندو هو.
هوائي جهاز جي موجد رائيٽ برادرس وانگر حيدرآباد جي قاضي برادران “ڪاوش” ايجاد ڪئي، اسلم لغاري جون خدمتون حاصل ڪيائون. سنڌي صدر هر گهر ۾ فقير پيدا ڪيو. قاضي صاحبان هاڪر پيدا ڪيو. حق حلال جي پورهئي مان انيڪ گهرن جي چلهه ٻري پئي. صبح جو سوير اک کلڻ کان اڳ هر شهر ۾ اخبار پهچڻ لڳي. گهر ۾ چانهه سان گڏ زال جي دڙڪن بدران اخبار ملي، ٻيو ڇا گهرجي؟ خبرون به اهڙيون جنهن تي راضي ٿين تنهن کي تپيدار بدران ڊي سي بڻائي ڇڏين، ٻوڙن ۾ لڪل پوليس آفيسر کي ٽيپو سلطان بڻائن ته ڪپڙا ڇنڊي اٿي بيهي سيلوٽ ڪري، ڪاوڙجن ته جيئرو قبر ۾ .
علي قاضي صحافت ۾ خدمت ڪندو، سياست ۾ آيو، اليڪشن ۾ بيٺو. مڌ پياڪ کان ڪيئن کٽِي؟ هي دلبر روح افزا شربت پيئندڙ سو به رمضان مبارڪ ۾ هڪ شيشو وٺي، سڄو مهينو هلائي. شڪست کي فتح سمجهي، ساڳئي پروفيشن ڏانهن موٽ ڪيائين. دودو چانڊيو جهڙي دلبر کي کڻي اخبار “پنهنجي اخبار” ڪڍڻ شروع ڪيائين. سو اخبارون شاليمار ايڪسپريس جيان هلي پيون.
اخبار پهريون ڪجهه وقت انٽرنيٽ تي آئي. اسان جو شهر واسي ۽ شاعر اشفاق آذر واڳون سنڀاليون. پنهنجن سنگتين شاعرن ۽ ليکڪن عديل مهر ۽ سجاد مهر کي اخبار ۾ ڪالم لکڻ جي دعوت ڏنائين. هنن کي ضيا شاهه، زبير سومرو ۽ منهنجي لاءِ به زور رکيائين ته سائين جن کي چئو ته اهي به لکن. پاڻ ان ڪري نه پئي چيائين جو هو شرميلو جوان آهي، اهو به اهڙو جو عشق به کيس سگهڙ ملوڪ عباسيءَ وانگر نظر اچيس. پاڻ وري ڪو رک رکاءُ نه ڪيون، عشق ڪري اسپتال ۾ ڊرپ هڻايون، اشفاق کي هتر ان ڪري پيو ٿئي جو ضياءَ شاهه سندس پرائمري اسڪول جو استاد، مان سندس وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر اعجاز انڙ جو دوست ۽ زبير سومرو سان ايڏي حجت ڪو نه. اسان شڪارپوري جيءُ کي جيءُ ڪندڙ ماڻهو، ٺهيو ته اڏي ڇڏيونس، نه ته ٿڏي ڇڏيونس. سڄي سنگت لکڻ شروع ڪيو. اڄ تائين ساٿ سلامت آهي. جيستائين سريءَ ۾ ساهه آهي سلامت رهندي.
اشفاق آذر ڳنڀير ۽ سلڇڻو جوان آهي، گذريل سال شڪارپور آيو، جئمخاني ۾ خاموشيءَ سان اليڪٽرانڪ سگريٽ پي رهيو هو، هن جي ڪنن مان به دونهان پئي نڪتا، سنجيده منهن ايئن ڪيون ويٺو هو ڄڻ باٽا ڪمپنيءَ جو مالڪ هجي ۽ ڪمپني خساري ۾ ويندي هجيس.
اشفاق آذر خير سان ٽائيم چئنل سنڀاليو. ايڪسپريس جي انجڻ مينهن ڪري جهنگ ۾ خراب ٿي پئي ته فاروق سومرو قميص ڪلهي تي رکي، “پنهنجي اخبار” کي پنهنجو ڪيو. ٽهڪ اهڙا ڏيندو آهي جو ڀر ۾/ڏسو صفحو 9 بقايا 02
بيٺل ٻڪري به کلڻ لڳي. محبت ۽ محنت سان اخبار کي اٺ چنڊ لڳائيندو آهي، شڪارپور جو نمائندو وحيد بروهي گڻائتو جوان آهي. معصوم منهن اهڙو جو گهر ٻاهران ٻانهون ٻڌي بيٺو هوندو آهي ته گهٽيءَ مان لنگهندڙ پنج ڏهه روپيا ڏيندا ويندا اٿس. شڪارپور واسي مشهور شخصيت فوت ٿي وئي ته پوسٽ تي اسٽيٽس لکيائن: “فلاڻو خان دل جو دوري سبب رات مري وئي”
اک ڇنڀ ۾ وقت گذري ويندو آهي ورهيه پل محسوس ٿيندا آهن، “پنهنجي اخبار” ۽ ٽائيم چئنل درياءَ جي وهڪري وانگر روان دوان آهي، خوشيءَ جون گهڙيون آهن، اڄ سالگرهه آهي تاڙيون وڄائي، ڏين مبارڪ مايون دايون.