ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور امريڪي اقتصادي رسالي فوربرز 35هين ساليانه ارب پتي ماڻهن جي لسٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ 2755 ارب پتي ماڻهن کي شامل ڪيو ويو آهي.
هلندڙ سال جاري ٿيل لسٽ ۾ 500 مان وڌيڪ ماڻهن جو اضافو ٿيو آهي، يعني سال 2020ع ۾ ڪورونا وبا باوجود ماڻهن وٽ پئسو وڌيو آهي.
دنيا جي امير ترين شخص جو اعزاز ٻيهر امريڪي ڪمپني ايمازون جي باني چيف بيزوز وٽ ويو آهي، جنهن وٽ 177 ارب ڊالرز آهن.
جيزوز وٽ ايتري دولت جو هو دنيا جي امير ترين عورت جي دولت جي ڀيٽ ۾ تقريبن 100 ارب ڊالرز کان وڌيڪ ملڪيت رکي ٿو، جڏهن ته دنيا جي امير ترين شخص وٽ دنيا جي امير ترين 3 عورتن جي دولت جيتري ملڪيت آهي.
فوربز جي فهرست موجب دنيا جي امير ترين عورت فرانسيسي ڪاروباري شخصيت ۽ سماجي اڳواڻ 67 ورهين جي بيٽنڪوٽ ميئرس آهي، جنهن جا اثاثا 74 ارب ڊالر کان گهٽ آهي.
جيف بيزوز جي دولت 177 رب ڊالر جڏهن ته فرانڪوئس بيٽنڪورٽ ميئرس جي دولت رڳو 73 ارب 60 ڪروڙ ڊالر آهي، جيڪا دنيا جي امير ترين شخص کان 100 ارب ڊالر گهٽ آهي.
دنيا جي ٻي امير ترين عورت، امريڪي ڪاروباري عورت 71سالن جي الائس والٽن آهي، جنهن وٽ ريٽيلر ڪمپني وال مارٽ ۾ شيئرز آهن، ان جي دولت 61 ارب 80 ڪروڙ ڊالر آهي.