ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سرسيد واري علائقي مان 17 سالن جي ناري صفه مبينه طور آنلائن پب جي گيم کيڏندڙدوست ھٿان اغوا ٿي وئي آهي، ايس آئي يو پوليس ڪينٽ اسٽيشن تي ڪارروائي ڪري ناري کي ھٿ ڪري ورتو، ڪارروائي دوران ناري سان آنلائن پب جي کيڏندڙ سندس دوست شان علي سميت 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته ناري اغوا ٿي ته سندس والدين به جوابدار شان تي شڪ ظاھر ڪيو، ان کانپوءِ ڪارروائي ڪري ناري کي هٿ ڪيو ويو، ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ناري جي والد موجب صفه 4 مھينن کان شان سان پب جي گيم آن لائن کيڏندو ھو، پوليس موجب جوابدارن کان پڇاڳاڇا جاري آھي، وڌيڪ گرفتاريون به ممڪن آھن.