پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ناقابل شڪست ڇو آھي؟

0
303
پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ناقابل شڪست ڇو آھي؟

ھن وقت پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ ۾ سڀني سياسي پارٽين کان وڌيڪ ووٽ بينڪ ۽ عوامي طاقت رکي ٿي ۽ مان سمجھان ٿو ھن وقت سنڌ ۾ پيپلزپارٽي ڀٽو شھيد ۽ بينظير شھيد جي دورن کان به  وڌيڪ مضبوط آھي ۽ اھڙو سنڌ ۾ ڇا ٿيو آھي جو پي پي سنڌ ۾ ناقابل شڪست ٿي نظر اچي ؟اچو ته ان جا سبب ڳوليون.

                 اوھان جيڪڏهن تاريخ جا ورق اٿلائيندا ته اوھان کي خبر پوندي شھيد ڀٽو جي دور ۾ سنڌ جي ڪجھه ضلعن ۾ ڀٽو صاحب جي مقبوليت جي باوجود به پيپلزپارٽي سيٽون نه کٽي سگھندي ھئي. سانگهڙ ،ٿر، گهوٽڪي ۾ پي پي جو ڪو خاص وجود نه ھو. مگر ٻيٽي ۽ موري جا جتوئي پڻ پي پي کي تمام ٽف ٽائيم ڏيندا ھئا. ٿر ته  ھو ئي اربابن ۽ پير جي مريدن جو، سانگھڙ ۾ پي پي جو کٽڻ ته ناممڪن لڳندو ھو. اھا صورتحال ڀٽي صاحب جي شھادت کان پوءِ بيظير ڀٽو شھيد جي دور تائين تقريبن ساڳي رھي. پي پي جا روايتي مخالف موجود ھئا. جيڪي پيپلزپارٽي جي خلاف ڀرپور اليڪشن وڙھندا ھئا. جڏھن ته شھيد ڀٽو ۽ شھيد بينظير ڀٽو جي حڪومتن  ۾ انھن جي ذات تي ڪو ڪرپشن جو الزام نه لڳو پر ڀٽو شھيد ۽ بينظير ڀٽو شھيد سنڌ ۾ مقبول ھئڻ جي باوجود  سنڌ ۾ پيپلزپارٽي کي ايترو مضبوط نه ڪري سگھيا  جيتري پي پي سنڌ ۾ اڄ مضبوط  نظر اچي ٿي.اھو رڳو نٿو چئي سگھجي ته پي پي سنڌ جي روايتي وڏيرن جي مخالفت جي ڪري ايتري مضبوط نه ٿي سگھي پر وڏيرن کان سواءِ سنڌ جي قومپرستن جو پڻ ھڪ وڏو ڪردار ھوندو ھو. سائين جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجو پيپلزپارٽي جا سخت مخالف رھيا. جڏھن سائين جي ايم سيد کان ڪنھن پڇيو ته اوھان ڊڪٽيٽر ضيا جي حمايت ٿا ڪيو ۽ پيپلزپارٽي ھڪ ڊيموڪريٽڪ پارٽي آھي ان جي مخالفت ڇو ٿا ڪيو. سيد جو جواب ڏاڍو دلچسپ ھو، چيائين ضياءُالحق منھنجو ڪم سولو پيو ڪري جڏھن ته پي پي منھنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڏکيائون پئدا ڪري رھي آھي. سائين جي ايم سيد پنھنجي زندگي جا آخري ڏينھن به پي پي حڪومت جي عذاب ۾ گذاريا ۽ ان جي وفات پي پي جي دور ۾  نظربندي ۾ ٿي. ان سبب جي ڪري جن سنڌ جي نوجوانن سائين جي ايم سيد ڏٺو به نه ھو اُھي به سيد کي پنھنجو محبوب ليڊر سمجھن ٿا. جڏھن ته پليجي صاحب جن جو پڻ وڏو ڪردار ھو، عوامي تحريڪ پڻ پي پي مخالفت ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. سنڌ جي تاريخ ۾ عوامي تحريڪ جيترا احتجاج ڪيا ھوندا اوترا شايد ئي ڪنھن ٻي سياسي پارٽي ڪيا ھجن. عوامي تحريڪ جي احتجاجن ۾ سنڌ جي عورتن جو وڏو انگ شريڪ ٿيندو ھو. اھڙي طرح  سڀئي سنڌ دوست تنظيمون رڳو پي پي دشمني ۾ نه سنڌ جي اشوز تي احتجاج ڪنديون هيون . جن ۾ ڪالا باغ ڊيم، ڌارين جي آبادڪاري، سنڌ جي شھرن ۾ سنڌين جو قتلام ۽ سنڌ جي وجود کي خطري جھڙا اشوز اھم ھئا.

سنڌ جي قومپرستن ۽ سنڌ دوست پارٽين کان پوءِ ٻيو اھم ڪردار سنڌ جي ساڃاھه وندن جو ھو، جن ۾ سنڌ جي اديب، شاعرن ۽ ليکڪن جو سنڌ جي اشُوز تي ھڪ عظيم ڪردار ھو. مان ھن مضمون ۾ ڪنھن جا نالا نٿو لکي سگھان، مضمون ۾ ايتري گنجائش ئي ناھي. سڀ شخصيتون سنڌ جي ھڪ تاريخ آھن. اديب سرڪاري محفلن ۾ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندا ھئا. سنڌي اخبارن ۾ سنڌ جي اشُوز تي بھترين ڪالم لکيا ويندا ھئا. مون کي ياد  آهي مان جڏھن ميرپورخاص جي بلديا واري لئبرري ۾ ويندو ھوس، سنڌي اخبارن تي وڏي رش لڳل ھوندي ھئي. سنڌ جا نوجوان وڏي شوق سان سنڌ جون اخبارون پڙھندا ھئا.ھي سڀ مٿيان سبب ھئا جنھن ڪري پيپلزپارٽي کي سنڌ ۾ اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ نه ڪرڻ ڏنو ويو ۽ پيپلزپارٽي پنھنجي وجود ۾  ضرور رھي مگر ايتري سياسي طاقت حاصل نه ڪري سگھي جيتري ھو ھن وقت طاقت رکي ٿي.

جڏھن اسان ھاڻي پاڪستان پيپلزپارٽي جو جائزو وٺون ٿا ۽ سنڌ جا اھم مسئلا ڏسون ٿا ته خبر پوي ٿي ته سنڌ ھن وقت جيڪي مشڪلاتون ۽ تڪليفون ڀوڳي رھي آھي، اھڙي حالت ڀٽي شھيد ۽ بينظير ڀٽو شھيد جي دور ۾ نه ھئي ۽ اھڙين حالتن ۾ ته پيپلزپارٽي کي ته ڪمزور ٿيڻ گھرجي مگر افسوس سنڌ جي بدترين حالتن ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جي مضبوط ترين پارٽي آھي. جڏھن ته سنڌ جي اھڙي بدترين حالت پئدا ڪرڻ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جو اھم ڪردار آھي. پي پي سنڌ ۾ گذريل 15 سالن کان  حڪومت پئي ڪري مگر سنڌ تباھه ۽ برباد ٿي رھي آھي. رڳو ڌارين جي آبادڪاري يا سنڌ جي وجود جا مسئلا نه آھن ھن وقت  امير سنڌ جا ماڻھو ماني ڳڀي لاءِ پريشان آھن..

اھڙو سنڌ ۾ ڇا ٿيو جو پي پي سنڌ ۾ ڪارگردگي جي بنا مضبوط ٿي وئي اچو ته ان جو جائزو وٺون..پاڪستان پيپلزپارٽي ھن وقت ھڪ سياسي پارٽي کان وڌيڪ ھڪ اسٽاڪ ايڪسچينج بڻجي چڪي آھي، جنھن ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جي سڀني اسٽيڪ ھولڊرن کي شيئر ڏيئي ڇڏيا آھن. ان ڪري ان جي مخالفت ذري گھٽ سنڌ ۾ ختم ٿي چڪي آھي. اُھي ضلعا جتي پي پي جو ڪو نشان نه ھو جيئن ٿر ۽ سانگھڙ اُتي به پي پي اڪثريت ۾ موجود آھي. اُھي روايتي وڏيرا جيڪي پي پي جا روايتي مخالف ھئا اُھي ھاڻي پي پي جا ڪرتا ڌرتا آھن. وڏيرن کي پنھنجي حصي جا ضلعا ورھائي ڏيئي ڇڏيا اٿن. ٿاڻا ۽ پاڻي جا واٽر ۽ گٽر نالا انھن وڏيرن جي ھٿ ۾ آھن. جيڪي ضلعي جون بجيٽيون اچن ٿيون اُھي انھن  وڏيرن جي ھٿن ۾ آھن ۽ ڪالھه جيڪي وڏيرا پي پي جا سخت مخالف ھئا انھن جي ھاڻي پي پي آئيڊيل پارٽي آھي. سنڌ جا ڪافي وڏيرا پي پي ۾ اچڻ لاءِ ڪوششُون پيا ڪن پر لوڪل پي پي جي ليڊرن جي مخالفت جي ڪري اُھي اڃان تائين پي پي ۾ نه اچي سگھيا آھن.
ڪافي وقت اڳي ملڪ کان ٻاھر ھڪ پي پي جي وڏيري سان تفصيلي ڪچھري ٿي جنھن ٻڌايو ھو ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ سڀني وڏيرن جي آئيڊيل پارٽي آھي ۽ جيڪڏهن ڪوئي وڏيرو پيپلزپارٽي ۾ ناھي اُھو پاڻ کي بد نصيب ٿو سمھجي. مان  پي پي جي ان سينئر ليڊر کان ان جو سبب پڇڻ جي ڪوشش ڪئي ان ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪو وڏيرو پي پي ۾ ھوندو آھي، ڀلي وزير ھجي يا نه ھجي ھو وڏين موجن ۾ ھوندو . ان وٽ ٻني تي پاڻي جي ڪا ڪمي نه ھوندي آھي، لوڪل ٿاڻو سندس مرضي سان ھلندو آھي، سندس اوطاق آباد ھوندي اٿس، تر جا سڀ ماڻھو ان جي حاضري ڀريندا آھن، ۽ ان کان سواءِ ان کي سي ايم ھائوس تائين ايپروچ ھوندي آهي، جيڪڏهن ھو پي پي ۾ ناھي ته سندس زمين جو واٽر ئي بند ھوندو اٿس ان ڪري  وڏيري جي ڪوشش ھوندي آھي ھو پي پي ۾ ھجي ۽ ھن وقت سنڌ جا سڀ وڏيرا سڌا يا اڻسڌا پي پي ۾ آھن.

ھاڻي سنڌ جون نيشنلسٽ تنظيمون پڻ ختم ٿي چڪيون آھن، سائين جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجو دنيا ڇڏي چڪا آھن، انھن جا نام نھاد وارث وڏيرن ۽ جي ڊي اي سان گڏ سياست پيا ڪن ان ڪري سنڌ جو عام ماڻھو انھن کان مايوس آھي. ڪجھه ننڍيون وڏيون تنظيمون ڪم ڪن پيونپر انھن جي اڃان ڪا سياسي طاقت ناھي.سنڌ جو ادبي لڏو ھن وقت پيپلزپارٽي جي حڪومت جو وڏو حصيدار آھي. سنڌ ۾ سڄو سال ميلا ختم ٿين ئي نٿا ۽ انھن ميلن ۾ ڪروڙن رپيا اديب لڏي تي خرچ ڪيو ويندو آھي. ان ڪري جيڪي اديب ۽ رائٽرس اخبارن ۾ ھفتي ۾ ٻه مضمون حڪومت جي خلاف لکندا ھئا ۽ حڪومت کي احسان ڏياريندا ھئا انھن حڪومت جي خلاف لکڻ ڇڏي ڏنو آھي ۽ ھو سنڌ حڪومت سان سنڌ جي بدترين حالتن ۾ گڏ بيٺا آھن. اڳئين دور ۾ ايئن ممڪن ئي نه ھو ته ٽرانسپرينسي انٽرنيشنل جي سنڌ جي تباھه ڪارين ۽ ڪرپشن جي باري ۾ رپورٽ اچي ۽ سنڌ جا ساڃاھه وند ۽ رائيٽر خاموش ويھن. ھن وقت ھو سنڌ جي بربادي ۽ تباھي تي مڪمل خاموش آھن. ان ڪري به پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ناقابل شڪست ٿي چڪي آھي.

خطري جي ڳالهھ اھا آھي اڳي مرڪز 18 ترميم جي خلاف بيان ڏيندو ھو ته سنڌ جا ساڃاھه وند نوٽيس وٺندا ھئا پر ھاڻي پيپلزپارٽي پاڻ 18 ترميم کي آھستي آھستي ختم ڪري رھي آھي پر پوري سنڌ خاموش آھي.

پيپلزپارٽي جي مضبوطي جو ھڪ وڏو سبب اھو به آھي ته سنڌ جي روزگار ۽ معاشي وسيلا سڀ سنڌ حڪومت وٽ آھن. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جھڙا ادارا يرغمال آھن. ڪميشن وٽ وزيرن ۽ سي ايم ھائوس مان لسٽون وڃن ٿيون ۽ انھن کي چيو ويندو آهي  ھنن کي ضرور پاس ڪرڻو آهي. نتيجي ۾ غريب جو ٻار محنت ڪري ٿو پر ان کي ڪجهھ نٿو ملي. ان کان سواٰءِ وزير مشير جيڪڏهن چاھين ته ڪنھن کي  به ڪا به سڻڀي نوڪري ڏيئي سگھن ٿا ۽ ڪنھن محنتي ۽ شريف ماڻھن جي بدلي ۽ نوڪري تيل به ڪري سگھن ٿا. انھن کي ڪير چوڻ وارو ناھي. ان ڪري عام ماڻھو ڊڄي ٿو ۽ پيپلزپارٽي جي بدترين ڪارگردگي ۾ به احتجاج نٿو ڪري.

مان سمجھان ٿو ھنن سببن جي ڪري پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ناقابل شڪست آھي، ۽ ڪو به سياسي شعور رکندڙ ماڻھو اھو چئجي سگھي ٿو ته ايندڙ 2023ع جي جنرل اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ ۾ سوئيپ ڪندي باوجود سنڌ ۾ ڪھڙيون بدترين حالتون ڇو نه ھجن.

[email protected]